1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

006 surah

ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 165 آيتون ۽ 20 رڪوع آھن

نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

6:1

اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَجَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنُّوْرَ ڛ ثُـمَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ يَعْدِلُوْنَ 1‏۝

حمد تنهن حنان، اُڀ ڀون جنهن اُپائيا، ۽ اُونداهيون ۽ سوجھرا، مقرر ڪيا مَنان، موٽِي، پنهنجي مالڪ سان، جي ڦِريا کان فرمان، مُوجب غلط گمان، ڀانئنِ ڀائيوار پِئا.

— مولوي حاجي احمد ملاح

6:2

هُوَ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ طِيْنٍ ثُـمَّ قَضٰٓى اَجَلًا ۭ وَاَجَلٌ مُّسَمًّى عِنْدَهٗ ثُـمَّ اَنْتُمْ تَـمْتَرُوْنَ 2‏۝

اُهو، سو اوهان کي، خاڪ مان، جوڙيو جِنهن جبار، موٽِي ڪيائين مدتون، مُقرر ڌارو ڌار، ۽ مُقرر وقت موت جو، اُن وٽ آخرڪار، شَڪن جو شِڪار، ورِي به، ٿيو ٿا ويسلا!.

— مولوي حاجي احمد ملاح

6:3

وَهُوَ اللّٰهُ فِي السَّمٰوٰتِ وَفِي الْاَرْضِ ۭ يَعْلَمُ سِرَّكُمْ وَجَهْرَكُمْ وَيَعْلَمُ مَا تَكْسِبُوْنَ 3‏۝

۽ اهوئـِي الله، آهي اڀ، زمين ۾، سَمجھي سِر اوهان جو، پڻ وات وَراڻيون واه!، پڻ اُنهئ کان آگاه، جي ڪندا آهيو ڪَمڙا.

— مولوي حاجي احمد ملاح

6:4

وَمَا تَاْتِيْهِمْ مِّنْ اٰيَةٍ مِّنْ اٰيٰتِ رَبِّهِمْ اِلَّا كَانُوْا عَنْهَا مُعْرِضِيْنَ 4‏؁

۽ نه اَچينِ ڪو اُهڃاڻ، سندنِ، آگي جي اُهڃڻ مان، مگر اِهي آڄاڻ، آهن اِنڪاري اُن ڪنان.

— مولوي حاجي احمد ملاح

6:5

فَقَدْ كَذَّبُوْا بِالْـحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ ۭ فَسَوْفَ يَاْتِيْهِمْ اَنْۢبٰۗـؤُا مَا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 5‏۝

پوءِ سچ کي ڪوٺيؤن ڪُوڙ، جڏهن اُنهن وٽ آئيو، جا هَلڪائـِي ڪن هُوڙ، تِنهنجِي پوندين، سُڌ سِگھڙِي.

— مولوي حاجي احمد ملاح

6:6

اَلَمْ يَرَوْا كَمْ اَهْلَكْنَا مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنْ قَرْنٍ مَّكَّنّٰهُمْ فِي الْاَرْضِ مَا لَمْ نُـمَكِّنْ لَّكُمْ وَاَرْسَلْنَا السَّمَاۗءَ عَلَيْهِمْ مِّدْرَارًا ۠ وَّجَعَلْنَا الْاَنْھٰرَ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهِمْ فَاَهْلَكْنٰهُمْ بِذُنُوْبِهِمْ وَاَنْشَاْنَا مِنْۢ بَعْدِهِمْ قَرْنًا اٰخَرِيْنَ 6‏۝

ڇا ورتئون نه ويچار؟ ته انهن کان اڳي جُڳ ڪيترا، نِپٽ ڇڏياسون ناس ڪري، چَٽ پَٽ چَٽ چوڌار، جن کي ڏناسون ڏيہ ڪي، وَڏا وِئ وَلهار، جن جِھڙِي، نه ڏني سون اوهان کي، طاقت ڪا تڪرار، اُتن اُتارياسون اُڀ کان، گھاٽا مينگھ ملهار، جن هيٺان نهرون، ناليون، وهن ويرو تار، پوءِ ڪيوسونِ، ڪَرتوتن ۾، سَندنِ گرفتار، ۽ ٻِئا جُڳ ٻِيهار، پيدا ڪياسون، تن پٺيان.

— مولوي حاجي احمد ملاح

6:7

وَلَوْ نَزَّلْنَا عَلَيْكَ كِتٰبًا فِيْ قِرْطَاسٍ فَلَمَسُوْهُ بِاَيْدِيْهِمْ لَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اِنْ هٰذَآ اِلَّا سِـحْـرٌ مُّبِيْنٌ 7‏۝

هوند، اُتاريو سون تو اُتي، وَرقن منجھ وَهِي، پوءِ هٿن سندن سان، اُن کي، ڇوتائون صحِي، تڏهن به ڪفر، جن ڪيو، تن ڪِيرت اِي ڪهِي، ته حرف ڪار وهِي، چِٽو آهي، چِٽ ڪو.

— مولوي حاجي احمد ملاح

6:8

وَقَالُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ مَلَكٌ ۭ وَلَوْ اَنْزَلْنَا مَلَكًا لَّقُضِيَ الْاَمْرُ ثُـمَّ لَا يُنْظَرُوْنَ 8‏۝

چي، هوند لَٿو اُن تي، ڪو مَلڪ موچارو، ۽ جي مَلڪ لاٿوسون، ته لِک ۾، لَٿو ليکو سارو، واهر ڪرڻ وارو، موٽِي نه مِلندنِ مورهين.

— مولوي حاجي احمد ملاح

6:9

وَلَوْ جَعَلْنٰهُ مَلَكًا لَّـجَعَلْنٰهُ رَجُلًا وَّلَـلَبَسْنَا عَلَيْهِمْ مَّا يَلْبِسُوْنَ 9‏۝

۽ جي مَلڪ ڪيوسون اُن کي، ته ماڻهون ڪيوسونسِ پڪ، ۽ وڌاسونِ شُبها شَڪ، جي ڳهلا اڳ، ڳنڊين پِيا،

— مولوي حاجي احمد ملاح

6:10

وَلَقَدِ اسْتُهْزِئَ بِرُسُلٍ مِّنْ قَبْلِكَ فَحَاقَ بِالَّذِيْنَ سَخِرُوْا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ ؀ۧ10

۽ توکان مَهند، مَسخريون، ٿيون مُرسلن تان موڪ، تن مان، ڪئـِي جن ٽوڪ، تنهن مَنجھو مَنجھ مُنجھائيا.

— مولوي حاجي احمد ملاح

6:11

قُلْ سِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ ثُـمَّ انْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُكَذِّبِيْنَ ۝11

چئو، ڀُون ۾ گُھمو ڀورڙا!، پوءِ ڪريو نِرت نِهار، ته ڪِهڙا پَڇاڙِي پار، ڪوڙن ڪافرن جا.

— مولوي حاجي احمد ملاح

6:12

قُلْ لِّمَنْ مَّا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ قُلْ لِّلّٰهِ ۭ كَتَبَ عَلٰي نَفْسِهِ الرَّحْمَةَ ۭ لَيَجْمَعَنَّكُمْ اِلٰى يَوْمِ الْقِيٰمَةِ لَا رَيْبَ فِيْهِ ۭ اَلَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ ؀12

چئو، ڪِنهن لئي، جو اُڀ ، ڀون ۾؟ چئو آهي اَلله هار، جنهن لِکِي ٻاجھ پاڻ تي، ٻانهن سان ٻيهار، ڪندنِ ڏينهن قيام جي، آڻي گڏ اِظهار، شڪ، نه شُبهو جنهن ۾؛ جن هَڙ ۾ کاڌِي هارِ، اُهي پنهنجو پالڻهار، مُورک نه مَڃينِ مُورهين.

— مولوي حاجي احمد ملاح

6:13

وَلَهٗ مَا سَكَنَ فِي الَّيْلِ وَالنَّهَارِ ۭ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ ؀13

۽ سڀ اُن جا، ڏينهن، رات ۾، جي ڪٿي به، ڪن قرار، ۽ سُڻندڙ سَمجھدار، سو الله جَلَّ جَلَالُهٗ.

— مولوي حاجي احمد ملاح

6:14

قُلْ اَغَيْرَ اللّٰهِ اَتَّـخِذُ وَلِيًّا فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَهُوَ يُطْعِمُ وَلَا يُطْعَمُ ۭ قُلْ اِنِّىْٓ اُمِرْتُ اَنْ اَكُوْنَ اَوَّلَ مَنْ اَسْلَمَ وَلَا تَكُوْنَنَّ مِنَ الْمُشْرِكِيْنَ ؀14

چئو، آئون ڇا الله ري، پرور گُھران، ڪو پَر؟ جو آهي اُڀ، زمين جو، پيدا ڪندڙ پَروَر، ۽ اُوکارائي، ۽ نه کائـِي ڪِي؛ اَمر ٿيمِ اِن پر، ته اَول هُجان، اُنهن مان، جن جُھڪايو سِر، ۽ مُور نه ٿِي مُقرر، پَرجي، پُوڄاريَن مان.

— مولوي حاجي احمد ملاح

6:15

قُلْ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْـمٍ ؀15

چئو ڏَران، ته سندمِ ڏاتار جو، جي حُڪم ڀڳمِ هيڪار، وڏي ڏينهن جي، ڏک کان، سَزا سخت اَپار،

— مولوي حاجي احمد ملاح

6:16

مَنْ يُّصْرَفْ عَنْهُ يَوْمَىِٕذٍ فَقَدْ رَحِمَهٗ ۭ وَذٰلِكَ الْفَوْزُ الْمُبِيْنُ ؀16

تِنهن ٽاڻي، جنهن تان، ٽاريو وِيو، اِهو وڏو آزار، ته ٿئـِي مٿسِ ٻاجھ ٻِيهار، ۽ سَڀنِيان وڏِي سوڀ اِي.

— مولوي حاجي احمد ملاح

6:17

وَاِنْ يَّـمْسَسْكَ اللّٰهُ بِضُرٍّ فَلَا كَاشِفَ لَهٗ ٓ اِلَّا هُوَ ۭ وَاِنْ يَّـمْسَسْكَ بِـخَيْرٍ فَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ؀17

۽ جي ڏِنئـِي ڏک ڏيہ ڌڻي، ته ڪو نهي ٻئو اُن ڪاڻ، لاهيندڙ، ڪو لوڪ مان، سوا سائين پاڻ، جي ڏِينئـِي سُک سُڄاڻ، پوءِ اُوقادر هر ڪنهن ڪم مٿي!

— مولوي حاجي احمد ملاح

6:18

وَهُوَ الْقَاهِرُ فَوْقَ عِبَادِهٖ ۭ وَهُوَ الْـحَكِـيْمُ الْـخَبِيْرُ ؀18

بي شڪ سندنِ بندن تي، قرارو ڪلتار، ۽ حڪمتِي هوشيار، خدا خبردار گھڻو.

— مولوي حاجي احمد ملاح

6:19

قُلْ اَيُّ شَيْءٍ اَكْبَرُ شَهَادَةً ۭ قُلِ اللّٰهُ ڐ شَهِيْدٌۢ بَيْنِيْ وَبَيْنَكُمْ ۣ وَاُوْحِيَ اِلَيَّ هٰذَا الْقُرْاٰنُ لِاُنْذِرَكُمْ بِهٖ وَمَنْۢ بَلَغَ ۭ اَىِٕنَّكُمْ لَتَشْهَدُوْنَ اَنَّ مَعَ اللّٰهِ اٰلِهَةً اُخْرٰي ۭ قُلْ لَّآ اَشْهَدُ ۚ قُلْ اِنَّـمَا هُوَ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ وَّاِنَّنِيْ بَرِيْۗءٌ مِّـمَّا تُشْرِكُوْنَ ؀ۘ19

چئو، ڪهڙِي شئ، شاهدئَ ۾، آهي وڏِي اَپار؟ چئو، مون ۽ اوهان وِچ ۾، ساکِي آهي، ستار، ۽ هِي قرآن ڪريم، ٿو وڃي، موڪليو مون اپار، ته اُن سان، اوهان ڊڄاريان، پڻ پُهتِي جنهن پَچار، ڇاسچ پچ اوهين ساک ڏِيو، ته ٻيا ڪي، منجھ ڪم ڪار؟ آهن، گڏ الله سان، ڀيڙا ڀائيوا؟ آئون نه ڏيندس، ساک سا، ورِي ٻول ٻيهار، چئو ناهي، مگر اُهو هِڪ، ڏينهَن جو ڏاتار، ۽ آئون اِنهيان بيزار، جن کي، ڀيڙا ڀانيو.

— مولوي حاجي احمد ملاح

6:20

اَلَّذِيْنَ اٰتَيْنٰهُمُ الْكِتٰبَ يَعْرِفُوْنَهٗ كَـمَا يَعْرِفُوْنَ اَبْنَاۗءَهُمْ ۘ اَلَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ ؀ۧ20

اڳي ڏِناسون جن کي، ڪتاب ڪَرم ساڻ، سي سُڃاڻنِس، سُڃاڻن جِيئن، پُٽ پنهنجاپاڻ، پوءِ اُهي نه مَڃيندا آڻ، جن جوکي وڌا جِئ پانهنجا.

— مولوي حاجي احمد ملاح