058 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 22 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
قَدْ سَمِعَ اللّٰهُ قَوْلَ الَّتِيْ تُجَادِلُكَ فِيْ زَوْجِهَا وَتَشْـتَكِيْٓ اِلَى اللّٰهِ ڰ وَاللّٰهُ يَسْمَعُ تَحَاوُرَكُمَا ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَمِيْعٌۢ بَصِيْرٌ 1
اَلله پاڪ اُن جِي، سُئـِي سَمورِي ڳالھ، سَندسِ وَرجي ويڙھ جو، ذڪر ڪيو جِنهن زال، اوري پَئـِي اَلله سِين، اَندر جو اَحوال، اَلله اَوهان جو پاڻ ۾، ٿو ٻُڌي ٻائيتال، سُڻندڙ سَڀ سُوال، ڏِسندڙ آهي ڏيہ ڌَڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَّذِيْنَ يُظٰهِرُوْنَ مِنْكُمْ مِّنْ نِّسَاۗىِٕــهِمْ مَّا هُنَّ اُمَّهٰتِهِمْ ۭ اِنْ اُمَّهٰتُهُمْ اِلَّا اڿ وَلَدْنَهُمْ ۭ وَاِنَّهُمْ لَيَقُوْلُوْنَ مُنْكَرًا مِّنَ الْقَوْلِ وَزُوْرًا ۭ وَاِنَّ اللّٰهَ لَعَفُوٌّ غَفُوْرٌ 2
اَوهان مان سَندنِ عورتين، جي سَڏِين ماء مثِال، مائون سي، جَن ڄائـِيا، مائون هي نه مَجال، اُهي ڪَوڙي ۽ ڪُوڙِي، ڳِهلا ڪَن ٿا ڳالھ، ۽ ڀَلو ڪندڙ ڀال، پڻ مَعافِيون ڏِيندڙ مُلڪ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّذِيْنَ يُظٰهِرُوْنَ مِنْ نِّسَاۗىِٕهِمْ ثُـمَّ يَعُوْدُوْنَ لِمَا قَالُوْا فَتَحْرِيْرُ رَقَبَةٍ مِّنْ قَبْلِ اَنْ يَّـتَـمَاۗسَّا ۭ ذٰلِكُمْ تُوْعَظُوْنَ بِهٖ ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرٌ 3
۽ آکِين پَنهنجي عورتينِ، جي مادر، ماء مِثال، وَرِي وَرَن تِنهن ڪنان، جا چِڙ مان چَيائون ڳالھ، پوءِ آهي آجو ڪرڻو، باندِي هِڪ بَحال، اِنهيان اڳ ته ڇُهن ٻَئـِي، هڪ ٻئي کي هَٿ نالي، اِها اَوهان کي ٿِي ڪَجي، نصِحيت نِهال!، جي اوهِين ڪريو اَعمال، آگو آگاھ اُن ڪنان.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَـمَنْ لَّمْ يَجِدْ فَصِيَامُ شَهْرَيْنِ مُتَتَابِعَيْنِ مِنْ قَبْلِ اَنْ يَّتَمَـاۗسَّا ۚ فَـمَنْ لَّمْ يَسْتَطِعْ فَاِطْعَامُ سِـتِّيْنَ مِسْكِيْنًا ۭ ذٰلِكَ لِتُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ ۭ وَتِلْكَ حُدُوْدُ اللّٰهِ ۭ وَلِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابٌ اَلِيْمٌ 4
پوءِ جي نه لَهي، ته لَڳ، ٻَه مَهِينا روزا رکڻا، اُنهِئَ ڪَنان اڳ، ته هَٿ لائـِن هيڪ ٻِئي کي. ٻَه مَهِينا روزا رکڻ جِي، جو سَگھ ساري ڪِين، کارائـِڻ خيرات پوءِ، سَٻرِي، سَٺ مِسڪِين، اِها آهي اِن ڪري، توهان کي تَلقِين، ته رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول ۾، يَڪدِل رکو يَقِين، ۽ هِي حَدون هادِي پاڪ جون، مُقرّر مُبِين، ۽ ساڙو سَخت سَنگِين، آهي اِنڪارِيَن لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ يُحَاۗدُّوْنَ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ كُبِتُوْا كَــمَا كُبِتَ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ وَقَدْ اَنْزَلْنَآ اٰيٰتٍۢ بَيِّنٰتٍ ۭ وَلِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ 5ۚ
جي رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول جي، اُبتڙ هَلن اَبتر، سي اُونڌا ڪيا وِيا اِنهِئَ کان، مَهندِيَن جِيئن مُنهن ڀَر، ۽ اُتارِيون سون آيتون، پَڌريون هَر ڪِنهن پَر، ۽ مِڙ مُنڪرن ماتر، جُٺ جِھڙو آهي جَنجال ڪو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَوْمَ يَبْعَثُهُمُ اللّٰهُ جَمِيْعًا فَيُنَبِّئُهُمْ بِـمَا عَـمِلُوْا ۭ اَحْصٰىهُ اللّٰهُ وَنَسُوْهُ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ شَهِيْدٌ 6ۧ
اُٿارِيندو اُن سَڀين کي، جِهِين ڏِينهن ڏاتار، پوءِ سُڌ ڏِيندنِ، اُن سڀ جِي، جي ڪيائون ڪم ڪار، ۽ هُن ته اُهي وِساريا، سارِيا خُوب سَتار، جَلِيل رَبَّ جَبار، حاضِر هَرڪِنهن چِيز تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ يَعْلَمُ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۭ مَا يَكُوْنُ مِنْ نَّجْوٰى ثَلٰثَةٍ اِلَّا هُوَ رَابِعُهُمْ وَلَا خَمْسَةٍ اِلَّا هُوَ سَادِسُهُمْ وَلَآ اَدْنٰى مِنْ ذٰلِكَ وَلَآ اَكْثَرَ اِلَّا هُوَ مَعَهُمْ اَيْنَ مَا كَانُوْا ۚ ثُـمَّ يُنَبِّئُهُمْ بِـمَا عَـمِلُوْا يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌ 7
ڇا، ڏِٺائون نه؟ ته ڏاتار، سَڀ ڪُجھ آهي سَمجھندو، جيڪِي اُڀن ۾ اَسرار، ۽ جيڪِي زَمن زَمِين ۾. نَه هُوندِي ڪِنهِين به هَنڌن تي، ٽِن جِي رَمز رِهاڻ، مَگر چوٿون اُنهن سان، صِاحب سُرت، سُڄاڻ، نه پنج ڪِنهِين ماڳ، مگر ڇَهون پَنجن سان پاڻ، نه اِنهيان، گھٽ، نه گھڻا، مَگر اُهو اُنهن ساڻ، ڀيڙو هَر ڪِنهن ڀاڻ، جِتي به هُجي جھان ۾. موٽِي مَحشر ڏِينهن ۾، ڏِيندنِ ڪَل ڏاتار، ساري تَن سَڀن جِي، جي ڪيائون ڪم ڪار، سائـِين سَمجھدار، هرگز هَر ڪِنهن چِيز کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَمْ تَرَ اِلَى الَّذِيْنَ نُهُوْا عَنِ النَّجْوٰى ثُـمَّ يَعُوْدُوْنَ لِمَا نُهُوْا عَنْهُ وَيَتَنٰجَوْنَ بِالْاِثْمِ وَالْعُدْوَانِ وَمَعْصِيَتِ الرَّسُوْلِ ۡ وَاِذَا جَاۗءُوْكَ حَيَّوْكَ بِـمَا لَمْ يُحَيِّكَ بِهِ اللّٰهُ ۙ وَيَقُوْلُوْنَ فِيْٓ اَنْفُسِهِمْ لَوْلَا يُعَذِّبُنَا اللّٰهُ بِـمَا نَقُوْلُ ۭ حَسْبُهُمْ جَهَنَّمُ ۚ يَصْلَوْنَهَا ۚ فَبِئْسَ الْمَصِيْرُ 8
ڇا، نه ڏِٺئـِي؟ تَن کي، جَن مَنع ٿئـِي مُور، ڳِرهڻ بُڇِڙي ڳالھ کان، وَرِي پوءِ وَهلور، جِنهن کان جھليو کِين وِيو، سو موٽِي ڪَن مَذڪور، گُفتگُوءِ گَند جِي، پڻ ڀَڃڻ حُڪم حُضور، پڻ مُخفِي ڪن مَخمور، نافرمانِي نَبِئ جِي. ۽ جنهن مَهل تو وَٽ، مُصطفى! اَچڻ اِهي اَظلام، ته توتي سَلام، سو نه چيون، جو صاحِب چَئي سَلام، ڪَهن سَندنِ قُلوب ۾، ته ڪَهون جو ڪلام، ڇو نه اَسان تي عَذاب ڪري، اِن تان رَبُّ عَلام، بس آهي باھِ اُنهن لئي، جَھنّم جنهن جو نام، ڪَندا ڪڙڪو اُن ۾، ناگہ سي ناڪام، اُهو ماڳ مَقام، بي حد ڪو بُڇڙو ٿيو!
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا تَنَاجَيْتُمْ فَلَا تَتَـنَاجَوْا بِالْاِثْمِ وَالْعُدْوَانِ وَمَعْصِيَتِ الرَّسُوْلِ وَتَنَاجَوْا بِالْبِرِّ وَالتَّقْوٰى ۭ وَاتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِيْٓ اِلَيْهِ تُحْشَرُوْنَ 9
اي اُهي، جَن مَڃيو!، جڏهن ڳرهيو ڳالھ، ته ڳرهيون نه ڳالهيون، پاپ جون، حَد لنگھڻ جُون لال!، ۽ چوريو نه ڪِنهن چال، نافرمانِي نَبِئ جِي. ۽ ڳرهيؤ ڳالهيون پاڻ ۾، نيڪِئَ جون نبار، پڻ پوتي پاڪ، رکڻ جون، ۽ ڏرو ڀَر ڏاتار، تِنهِين ڏي تڪرار، اَوهِين مِرئـِي ميڙبا.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّـمَا النَّجْوٰى مِنَ الشَّيْطٰنِ لِيَحْزُنَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَلَيْسَ بِضَاۗرِّهِمْ شَـيْـــــًٔا اِلَّا بِاِذْنِ اللّٰهِ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ 10
گوشي جيِ گُفتار، آهي شر شيطان جو، تان اُهي، جَن مَڃيو، تَن وِجھي مَنجھ وِيچار، ۽ اُهو ڏُک نَه ڏِيندڙ اُنهن کي، حُڪم ڌَڻِئَ جي ڌار، پوءِ بِهتر ته رکن بار، مُؤمِن مالِڪ پاڪ تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا قِيْلَ لَكُمْ تَفَسَّحُوْا فِي الْمَجٰلِسِ فَافْسَحُوْا يَفْسَحِ اللّٰهُ لَكُمْ ۚ وَاِذَا قِيْلَ انْشُزُوْا فَانْشُزُوْا يَرْفَعِ اللّٰهُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا مِنْكُمْ ۙ وَالَّذِيْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ دَرَجٰتٍ ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرٌ 11
اي مَڃِي جَن آڻ!، جڏهن اَوهان کي، آکيو وَڃي، ته وِهو ٿِي ويڪرا، پاٿارِئَ ۾ پاڻ، پوءِ وِهو ٿِي ويڪرا، راهُو! مَنجھ رِهاڻ، ته آگو اَوهان ڪاڻ، سَڀ ڪُجھ سَولائـِي ڪري. جڏهن آن کي آکجي اُٿو، ته اٿو اَنهِئَ وار، ۽ مولا مٿاهون تن ڪري، جن آندو اِعتبار، ۽ جن کي عطا عِلم ٿيو، پڻ سُڃاڻپ ستار، درجن مٿي دِرجا، ڏِئي تَنِين ڏاتار، ۽ ڪَندا آهيو، جا ڪار، آگو آگاھ اُن ڪنان.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا نَاجَيْتُمُ الرَّسُوْلَ فَقَدِّمُوْا بَيْنَ يَدَيْ نَجْوٰىكُمْ صَدَقَةً ۭ ذٰلِكَ خَيْرٌ لَّكُمْ وَاَطْهَرُ ۭ فَاِنْ لَّمْ تَجِدُوْا فَاِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 12
مُرسل سان، اي مؤمنو! جڏهن ڳَرهيو ڳالھ، پوءِ اَهنجي ڳرهڻ کان اڳي، ڏِيو مالِڪ لڳ، ڪُجھ مال، اِهو ڀَلو ڪم بحال، آھِ اوهان لئي ۽ پاڪ گھڻو. پوءِ خُدا ڪارڻ خير لئي، جي لَهو مُور نه مال، پوءِ بَخشِيندڙ بحال، آھِ سائـِين سَٻاجھو گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحءَاَشْفَقْتُمْ اَنْ تُقَدِّمُوْا بَيْنَ يَدَيْ نَجْوٰىكُمْ صَدَقٰتٍ ۭ فَاِذْ لَمْ تَفْعَلُوْا وَتَابَ اللّٰهُ عَلَيْكُمْ فَاَقِيْمُوا الصَّلٰوةَ وَاٰتُوا الزَّكٰوةَ وَاَطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ۭ وَاللّٰهُ خَبِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ ۧ13
ڇا، اَوهين ڊِڄي وِيا اِن ڪان، ته اَهنجي عَرض ڪرڻ کان اڳ، ڪو صدقو سائـِينءَ لَـڳ، آڻي اَڀرن کي ڏِيو؟ پوءِ جي اوهان ڪُجھ نَه ڪيو، ۽ لاٿو بارِي آن تان بار، پوءِ رکو فرض نماز جو، قائـِم بَرقرار، ۽ ڏيو زڪوٰتون مال مان، مُقرر مِقدار، ۽ رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول جا، حُڪم مڃيو هيڪار، ۽ جي ڪريو ٿا ڪَم ڪار، واحِد وقِف اُن ڪنان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَمْ تَرَ اِلَى الَّذِيْنَ تَوَلَّوْا قَوْمًا غَضِبَ اللّٰهُ عَلَيْهِمْ ۭ مَا هُمْ مِّنْكُمْ وَلَا مِنْهُمْ ۙ وَيَحْلِفُوْنَ عَلَي الْكَذِبِ وَهُمْ يَعْلَمُوْنَ ۚ14
ڇا تو نه ڏِٺو؟ تَن ڏي ، جي پَر ۾ ڪَن پيار، اُنهئ ڪافِر قوم سان، جَن تي ڏَمرِيو ڏاتار، نه اَوهان مَنجھان، ۽ اُنهن مان، آهِن اِهي آوار، ۽ سَمجھي سُڻي، سُنهن کڻن، مٿي ڪُوڙ ڪُفّار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَعَدَّ اللّٰهُ لَهُمْ عَذَابًا شَدِيْدًا ۭ اِنَّهُمْ سَاۗءَ مَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 15
اَلله سَخت عذاب ڪيو، تَنِين لئي تَڪرار، جي ڪندا هُئا ڪم ڪار، اُهي بي حد ڪي بُڇڙا ٿيا!
— مولوي حاجي احمد ملاحاِتَّخَذُوْٓا اَيْمَانَهُمْ جُنَّةً فَصَدُّوْا عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ فَلَهُمْ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ 16
سندن قسم ڪيائون ڍال، پوءِ روڪيؤن ربّ جي راه کان، پوءِ آهي اُنهن نال، سِٺ وارو سَخت عذاب ڪو.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَنْ تُغْنِيَ عَنْهُمْ اَمْوَالُهُمْ وَلَآ اَوْلَادُهُمْ مِّنَ اللّٰهِ شَيْـــــًٔا ۭ اُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ النَّارِ ۭ هُمْ فِيْهَا خٰلِدُوْنَ 17
مال ۽ اولاد اُنهن جو، وَڳر وَڳ وَٿاڻ، قادر رَبَّ ڪرِيم کان، ڪُجھ نه ڇُڏائيندنِ ڪاڻ، صَحِي ساٿِي باھ جا، اُهيئـِي اَڄاڻ، سَدا سُورن ساڻ، گھارِيندڙ اُن گَھر ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَوْمَ يَبْعَثُهُمُ اللّٰهُ جَمِيْعًا فَيَحْلِفُوْنَ لَهٗ كَـمَا يَحْلِفُوْنَ لَكُمْ وَيَحْسَبُوْنَ اَنَّهُمْ عَلٰي شَيْءٍ ۭ اَلَآ اِنَّهُمْ هُمُ الْكٰذِبُوْنَ 18
اُٿارِيندو اُن مِڙن کي، جِھِين ڏِينهن جَبّار، پوءِ اُن کي ڏِيندا، ڏِينِ جِيئن آن کي اِعتبار، ۽ آهِن اُهي ڪِنهن ڳالھ تي،ڀانئـِن ٿا بيڪار، رَهو خَبردار، اُهي آهِن اَصل ڪُوڙ تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِسْتَحْوَذَ عَلَيْهِمُ الشَّيْطٰنُ فَاَنْسٰـىهُمْ ذِكْرَ اللّٰهِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ حِزْبُ الشَّيْطٰنِ ۭ اَلَآ اِنَّ حِزْبَ الشَّيْطٰنِ هُمُ الْخٰسِرُوْنَ 19
شامتِي شيطان ٿيو، سِر تي، تَن سُوار، پوءِ ڏِنئين وِسارِي اُنهن کي، رَبَّ جي تات تنوار، اُهي ئـِي اِبليس جِي، آهِن فوج فُجَّار، کُٽو ٽُٽو خُوار، آهي ساٿ اِبلِيس جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ يُحَاۗدُّوْنَ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ ٓ اُولٰۗىِٕكَ فِي الْاَذَلِّيْنَ 20
رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول کي، جي پُرن پُٺ ڏيئـِي، آهِن اُهيئـِي، هميشه هِيڻن ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاح