057 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 29 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
سَبَّحَ لِلّٰهِ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 1
هر عيب ڪنان اَلله کي، چَئـِي چيائون پاڪ، جيڪي عَجب اُڀن ۾، پڻ جيڪِي خُوبيون اَندر خَاڪ، ۽ اُهو اَپر عِزت ناڪ، قابِل ڪار ڪَمن ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۚ يُـحْيٖ وَيُمِيْتُ ۚ وَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 2
آهي اُڀن ۽ ڀون ۾، راڄ رُڳو اُن ڪاڻ، جياري جَڏن کي، پڻ مارِيو ڀَري مَساڻ، ۽ پهچندڙ آهي پاڻ، هادِي هر ڪِنهن ڳالھ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحهُوَ الْاَوَّلُ وَالْاٰخِرُ وَالظَّاهِرُ وَالْبَاطِنُ ۚ وَهُوَ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌ 3
اول، آخِر آھِ سو، مالِڪ مِهربان، ظاهِر زَمن، زَمِين ۾، پڻ مخفِي هَر مَڪان، سَمجھندڙ سُبحان، حال هر ڪِنهن ٽول جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحهُوَ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ فِيْ سِـتَّةِ اَيَّامٍ ثُـمَّ اسْـتَوٰى عَلَي الْعَرْشِ ۭ يَعْلَمُ مَا يَـلِجُ فِي الْاَرْضِ وَمَا يَخْــرُجُ مِنْهَا وَمَا يَنْزِلُ مِنَ السَّمَاۗءِ وَمَا يَعْرُجُ فِيْهَا ۭ وَهُوَ مَعَكُمْ اَيْنَ مَا كُنْتُمْ ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 4
اُهو اَلله آھِ سو، جَلَّ جلالہٗ، جَبَّار، جنهن جوڙيا ڇهن ڏِينهَن ۾، اُڀ، ڀُون عَجب اِسرار، تِهانپوءِ تڪرار، ٿِيو اُتاهون عرش تي. ڄاڻي ، جو گِھڙي زَمِين ۾، پڻ ٿئي مَنجھانسِ ٻَهار، ۽ جيڪي اُتري آسمان کان، پِڻ اُسري اُنهِئَ پار، ۽ اُهو اوهان سان، جِتي به هُجو، صاحِب رَبُّ، ستّار، ڪريو جي ڪَم ڪار، سي ڏِسندڙ آهي، ڏيہ ڌَڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَاِلَى اللّٰهِ تُرْجَعُ الْاُمُوْرُ 5
آهي اُڀن ۽ ڀُون ۾، هِڪ اُن جو اِختيار، ۽ اِيندا پَروَر پارِ، ڦِري سَڀيئـِي فيصلا.
— مولوي حاجي احمد ملاحيُوْلِجُ الَّيْلَ فِي النَّهَارِ وَيُوْلِجُ النَّهَارَ فِي الَّيْلِ ۭ وَهُوَ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 6
رات ڳَنڊي ڏِينهن ۾، ڏِينهن ڳنڊي مَنجھ رات، سوئـِي پاڪ صِفات، سَمجھندڙ سِينن وارِيون.
— مولوي حاجي احمد ملاحاٰمِنُوْا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَاَنْفِقُوْا مِـمَّا جَعَلَكُمْ مُّسْتَخْلَفِيْنَ فِيْهِ ۭ فَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا مِنْكُمْ وَاَنْفَقُوْا لَهُمْ اَجْرٌ كَبِيْرٌ 7
رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول ۾، جي آڻيو اِعتبار، ته آن کي جِنهن اِملاڪ جو، ڪيو والِي وَرثيدار، تِنهن تَرڪي مان تڪرار، آڌاريو اَڀرن کي. پوءِ جَن آن مان، مَڃيو ۽ مال مان، لَڌئون سَقِيمن سار، آهِن آخِرڪار، وَڏا اُجُورا اُنهن لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا لَكُمْ لَا تُؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ ۚ وَالرَّسُوْلُ يَدْعُوْكُمْ لِتُؤْمِنُوْا بِرَبِّكُمْ وَقَدْ اَخَذَ مِيْثَاقَكُمْ اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 8
۽ آهي اوهان کي ڇا ٿيو؟ ته ڪِين مَڃيو ڪَلتار، ۽ جڏهن آن کي پُڪار ي پِيو، مُرسل مَڻياندار، ته مَڃو اَوهِين مُورهِين، پَنهنجو پالڻهار، ۽ جَڏهن اَوهان کان اَلَست ۾، ڪري سَڀ قِطار، وَرتا قول قرار، جي وِسهڻ وارا آهِيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحهُوَ الَّذِيْ يُنَزِّلُ عَلٰي عَبْدِهٖٓ اٰيٰتٍۢ بَيِّنٰتٍ لِّيُخْرِجَكُمْ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ ۭ وَاِنَّ اللّٰهَ بِكُمْ لَرَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ 9
اُهو اَلله، سو، جو سَندسِ ٻانهي سِر، اُتاري ٿو آيتون، پَڌريون هَر ڪِنهن پَر، ته ڪڍي اوهان کي ڪاراڻ مان، نُور نِسوري ڀَر، ۽ آھِ اوهان تي اَصل ڪنان، پاڪ ڌڻي پَروَر، سَٻاجھو سَٻر، پڻ تَرسَوَند تمام گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا لَكُمْ اَلَّا تُنْفِقُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَلِلّٰهِ مِيْرَاثُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ لَا يَسْتَوِيْ مِنْكُمْ مَّنْ اَنْفَقَ مِنْ قَبْلِ الْفَتْحِ وَقٰتَلَ ۭ اُولٰۗىِٕكَ اَعْظَمُ دَرَجَةً مِّنَ الَّذِيْنَ اَنْفَقُوْا مِنْۢ بَعْدُ وَقٰتَلُوْا ۭ وَكُلًّا وَّعَدَ اللّٰهُ الْحُسْنٰى ۭ وَاللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرٌ ۧ10
۽ آن کي آهي ڇا ٿيو؟ ته ڏِيو نه رَبَّ جي راھ، ۽ آهِن لئي اَلله، وَرثا اُڀَ، زَمِين جا. اَصل نه ٿِيَن اُن سان، مَٽو مَٽ مَنجھ مانَ، مَهند مَڪي جي فتح کان، جَن ڏِنان ڏُکين ڏان، ۽ وِڙهيا ويريَن سامهان، مانجِھي مَنجھ ميدان، اُهي وَڏا آهِن اُنهن ڪنان، دَرجن ۾ دگران، جَن پوءِ خُدا لڳ خير ڪيا، يا لڙيا جوڌ جُوان، ۽ ڏِنا اَنجام اِنعام جا، سَڀن کي سُبحان، ۽ جيڪِي ڪَريو مَنجھ جَھان، والِي واقِف اُن ڪنان.
— مولوي حاجي احمد ملاحمَنْ ذَا الَّذِيْ يُقْرِضُ اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا فَيُضٰعِفَهٗ لَهٗ وَلَهٗ ٓ اَجْرٌ كَرِيْمٌ ۚ11
اُهو آهي ڪير؟ ته ڏِئي سُهڻو قَرض ڪَرِيم کي، ته ٻِيڻو ڏيسِ ٻاجھ سان، فَرا بِنان ڦير، پڻ آهي آخِر وير، اَجر سڳورو اُن لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَوْمَ تَرَى الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ يَسْعٰى نُوْرُهُمْ بَيْنَ اَيْدِيْهِمْ وَبِاَيْمَانِهِمْ بُشْرٰىكُمُ الْيَوْمَ جَنّٰتٌ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ ذٰلِكَ هُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ ۚ12
مُؤمن ۽ مُؤمنياڻِين، ويکيندِين جِنهن وار سَندن سُهائو، ڊوڙندو، سامهون ۽ ساڄي پار، آن کي مبارڪ مؤمنو!، اَڄ بهشت باغ بهار، هَلن هيٺان جَن جي، واهِيون ويرو تار، سَداساڪِن اُن ۾، سَرها سَڀ ڄمار، آهي وَڏو اَپار، اِي ماڻڻ، مَن مُراد جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَوْمَ يَقُوْلُ الْمُنٰفِقُوْنَ وَالْمُنٰفِقٰتُ لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوا انْظُرُوْنَا نَقْتَبِسْ مِنْ نُّوْرِكُمْ ۚ قِيْلَ ارْجِعُوْا وَرَاۗءَكُمْ فَالْتَمِسُوْا نُوْرًا ۭ فَضُرِبَ بَيْنَهُمْ بِسُوْرٍ لَّهٗ بَابٌ ۭ بَاطِنُهٗ فِيْهِ الرَّحْمَةُ وَظَاهِرُهٗ مِنْ قِبَلِهِ الْعَذَابُ ۭ13
جِنهن ڏِينهن کوٽا، کوٽيون، جَن جي قَلبن ۾ ڪُفران، آزِيون ڪَندا اُنهن کي، آندو جَن اِيمان، ته نِهاريو ته اَهنجي نُور مان، ڪا چِڻنگ چُونڊيو مان!، چي، وَرِي وَرو پوءِ تي، پوءِ ڳَوليو نُور نِشان، هِڪدَم هَنيو وِيو اُنهن وِچان، ڪو قابُو ڪوٽ ڪَلان، آهي دَر اُن جو، تَنهن اندران، رَحمت رَبَّ، رحمان، باهِيون بي گمان، ٻَرندڙ، اُن جي ٻاهِران.
— مولوي حاجي احمد ملاحيُنَادُوْنَهُمْ اَلَمْ نَكُنْ مَّعَكُمْ ۭ قَالُوْا بَلٰى وَلٰكِنَّكُمْ فَتَنْتُمْ اَنْفُسَكُمْ وَتَرَبَّصْتُمْ وَارْتَبْتُمْ وَغَرَّتْكُمُ الْاَمَانِيُّ حَتّٰى جَاۗءَ اَمْرُ اللّٰهِ وَغَرَّكُمْ بِاللّٰهِ الْغَرُوْرُ 14
ڪَندا قلعي جي ٻاهِران، ساري اُنهن کي سَڏ، ڇا، هُت نه هُئاسون گڏ؟ اَسِين اوهان سان دِين ۾. چي، هائو، هُئا اَسا سان، ظاهِر ساڻ زبان، پر پاڻهِين اَوهان پَنهنجِي، جوکي وِڌِي جان، ۽ نِڌر نٽائـِيندا رهيا، ۽ ڪيان غلط گُمان، ۽ آن کي خالِي خواهِشَن، موهي ڪيو مَستان، تان اوهان کي آئـِيو، فائـِق جو فَرمان، ۽ ڪَنان رَبَّ، رَحمان، آن کي ٺڳ ٺڳي ڇَڏيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَالْيَوْمَ لَا يُؤْخَذُ مِنْكُمْ فِدْيَةٌ وَّلَا مِنَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا ۭ مَاْوٰىكُمُ النَّارُ ۭ هِىَ مَوْلٰىكُمْ ۭ وَبِئْسَ الْمَصِيْرُ 15
پوءِ اَڄ نه اوهان کان وَٺبو، ڪو پَئـِسو پائـِي پار، پڻ نه عِوض ڪو اُنهن ڪنان، جَن ڪَئـِي ڪُفر جي ڪار، آهي گَھر اَوهان جو، دَوزخ دَهشت دار، وَڙ اَوهان جو آھِ سو، ڄيرو ڄِڀياندار، ۽ بُڇڙو ٿِيو بِسيار، موٽِي ماڳ رَهڻ جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَمْ يَاْنِ لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَنْ تَخْشَعَ قُلُوْبُهُمْ لِذِكْرِ اللّٰهِ وَمَا نَزَلَ مِنَ الْحَقِّ ۙ وَلَا يَكُوْنُوْا كَالَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ مِنْ قَبْلُ فَطَالَ عَلَيْهِمُ الْاَمَدُ فَقَسَتْ قُلُوْبُهُمْ ۭ وَكَثِيْرٌ مِّنْهُمْ فٰسِقُوْنَ 16
ڇا اُنهن لئي وقت نه آئـِيو، آندو جَن اِيمان، ته ڪَونرا ٿِيَن قلب سَندنِ، سارڻ لئي سُبحان، پڻ اُن لئي، جو اُتاريو مالِڪ مِهربان، ۽ نَڪِي ٿِين نِڪما، اُنهن جِھڙا مَنجھ جھان، جن کي ڪتاب ڪرِيم جا، اڳي ٿِيا اِحسان، پوءِ اِنگھيُون عُمريون اُنهن جون، پوءِ ٿيا ڪَٺن قلن سَندان، فاسق بي فرمان، آهِن گھڻا اُنهن مَنجھان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِعْلَمُوْٓا اَنَّ اللّٰهَ يُـحْيِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۭ قَدْ بَيَّنَّا لَكُمُ الْاٰيٰتِ لَعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 17
سوچيو صِحِي سڄُاڻ! ته اَلله جَلَّ جلالہٰ، ٿو جِياري زمِين کي، سَندسِ سُڪن پُڄاڻ، کولياسون خُوب طرح، اَوهان لئي اُهڃاڻ، مانَ پُروڙيو پاڻ، ڪِي سَمجھ سَگھ سُبحان جِي!
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الْمُصَّدِّقِيْنَ وَالْمُصَّدِّقٰتِ وَاَقْرَضُوا اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا يُّضٰعَفُ لَهُمْ وَلَهُمْ اَجْرٌ كَرِيْمٌ 18
صَدقو ڏِيندڙ صِدق مان، سَچيون ۽ سَچار، ۽ ڏِنئون قَرض ڪرِيم کي، سُهڻو سهِڻ ڌار، اُهو ڏِبو اُنهن کي، ٻِيڻو ڪري ٻيهار، ۽ آهي اُنهِئ هارِ، اُجورو آبائـِتو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا بِاللّٰهِ وَرُسُلِهٖٓ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الصِّدِّيْقُوْنَ ڰ وَالشُّهَدَاۗءُ عِنْدَ رَبِّهِمْ ۭ لَهُمْ اَجْرُهُمْ وَنُوْرُهُمْ ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَكَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَآ اُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْـجَحِيْمِ ۧ19
۽ مَڃيو جَن اَلله کي، پڻ اُن جا پيغمبر، اُهي سَچا سَندنِ سائـِينءَ وَٽ، پڻ مُقرر مُعتبر، اُنهن لئي اَجر اُنهن جو، پڻ اُنهن جو اَوجر، ۽ اُهي جَن اِنڪار ڪيو، پِئا ڪُفر ۾ ڪافِر، ڪُوڙيون ڪوٺيؤَن آيتون، اسان جون اَڪثر، آهِن اُهي اَبتر، بي شڪ ڀاتِي باھِ جا.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِعْلَمُوْٓا اَنَّـمَا الْـحَيٰوةُ الدُّنْيَا لَعِبٌ وَّلَهْوٌ وَّزِيْنَةٌ وَّتَفَاخُرٌۢ بَيْنَكُمْ وَتَكَاثُرٌ فِي الْاَمْوَالِ وَالْاَوْلَادِ ۭ كَمَثَلِ غَيْثٍ اَعْجَبَ الْكُفَّارَ نَبَاتُهٗ ثُـمَّ يَهِيْجُ فَتَرٰىهُ مُصْفَرًّا ثُـمَّ يَكُوْنُ حُطَامًا ۭ وَفِي الْاٰخِرَةِ عَذَابٌ شَدِيْدٌ ۙ وَّمَغْفِرَةٌ مِّنَ اللّٰهِ وَرِضْوَانٌ ۭ وَمَا الْـحَيٰوةُ الدُّنْيَآ اِلَّا مَتَاعُ الْغُرُوْرِ 20
هِئَ حياتِي نَنڍڙِي، گَھٽ ۾ گَھٽ ڄَمار، سَمجھو راند، راڳ رُڳو، صُورت جو سيگار، ۽ آهي ناز اوهان جو، هِڪ ٻئي تي هيڪار، ۽ واڌارو ڪا وار، مال ۽ اولاد ۾. جَيَڻ هِن جَھان جو، آهي مِينهن آچار، هارِي حيرت ۾ هَنيا، جنهن جي اوڀرن اِسرار، ڪک ڪَڪوريا، پوءِ وَرِي پوءِ هَيڊا پَسِين هَر پار، تِهانپوءِ تڪرار، ڇاڻو ٿِيَن سي ڇَڻِي ۽ آهي آخرت ۾، عَذاب سَخت اَپار، پن مَره مالِڪ پاڪ کان، ۽ رضا ربَّ، ستار، ۽ ناهي هِئَ ڄَمار، مگر ٺاٺ ٺڳِئَ جو.
— مولوي حاجي احمد ملاح