054 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 55 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
اِقْتَرَبَتِ السَّاعَةُ وَانْشَقَّ الْقَمَرُ 1
ويجِھي پَئـِي ساوار، ۽ ڦاٽِي چَنڊ ڦارون ٿيو،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنْ يَّرَوْا اٰيَةً يُّعْرِضُوْا وَيَقُوْلُوْا سِحْرٌ مُّسْتَمِرٌّ 2
۽ جي پَسن آيت اََکِيين، ڪا نِشاني نِروار، ته موڙهيل مُنهن موڙِين پِيا، اَنڌا ڪن اِنڪار، ۽ چَوَن چالُو مَنڊ سو،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَكَذَّبُوْا وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ وَكُلُّ اَمْرٍ مُّسْتَقِرٌّ 3
۽ ڪوٺيون ڪُوڙِي ڪار، ۽ سَندنِ سَکڻِي سَڌن جا، ٿِيا تِهدِل تابِعدار، ۽ آهي بَرقرار، هَرڪو ڪم حِساب لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ جَاۗءَهُمْ مِّنَ الْاَنْۢبَاۗءِ مَا فِيْهِ مُزْدَجَرٌ 4ۙ
۽ ڳالهيون ڪَئـِين ڳوٺن جون، پَڪ پُهِتينِ پاڻ، جن ۾ ڇِينڀِيندڙن ڇيبَرون،
— مولوي حاجي احمد ملاححِكْمَةٌۢ بَالِغَةٌ فَـمَا تُغْنِ النُّذُرُ 5ۙ
۽ پورو پورو ڄاڻ، پوءِ عِبرت جا اُهڃاڻ، اَثر نَه ڪَن اُنهن تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَتَوَلَّ عَنْهُمْ ۘ يَوْمَ يَدْعُ الدَّاعِ اِلٰى شَيْءٍ نُّكُرٍ 6ۙ
پوءِ مُنهن، تن کان مُورهِين، تون مُرسل! موڙي ڇَڏ، جِنهن ڏِينهن، نه ڏِٺل ٽول ڏي، ڪَندو، سَڏِيندڙ سَڏ،
— مولوي حاجي احمد ملاحخُشَّعًا اَبْصَارُهُمْ يَخْرُجُوْنَ مِنَ الْاَجْدَاثِ كَاَنَّهُمْ جَرَادٌ مُّنْتَشِرٌ 7ۙ
هُوندن اُنهِئَ حال ۾، نيڻ نِماڻا نَڏ، مِڙئـِي مُقامَن مان، نِڪرن سَڏ سان گَڏ، هُوندا هيڪاندا هَڏ، ڪَر ماڪڙ پَکڙِيل مُلڪ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحمُّهْطِعِيْنَ اِلَى الدَّاعِ ۭ يَقُوْلُ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا يَوْمٌ عَسِرٌ 8
ڀَڄندڙ، ڊُڪندڙ، ڊوڙندڙ، سَڀيئـِي سَڏِيندڙ پار، ڪَهن لڳَن ڪُفار، ته ڏاڍو ڏُکيو ڏِينهن هِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ فَكَذَّبُوْا عَبْدَنَا وَقَالُوْا مَجْنُوْنٌ وَّازْدُجِرَ 9
قوم، نَبي نُوح جِي، صابِر، صَبر ڀَريو، اُنهن ڪنان اََڳڀرو، سَڀ ڪوٺيؤن ڪُوڙ، ڪريو، پوءِ ڪُوڙو اسان جي ڪَس کي، ڪوٺؤن وَريو وَريو، پڻ چيائون چَريو، ۽ وِيو ڌَمڪايو دوست کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَدَعَا رَبَّهٗ ٓ اَنِّىْ مَغْلُوْبٌ فَانْتَصِرْ 10
تڏهن پَنهنجي پالڻهار کي، ڪيائين ساري سَڏ، ته آئون هيڻو هَڏ، پوءِ واحِد!، واهِر تون ٿِيِن.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَفَتَحْنَآ اَبْوَابَ السَّمَاۗءِ بِـمَاۗءٍ مُّنْهَمِرٍ ڮ 11
پوءِ اُپٽيا سون اَورڪ سان، اُن تي اُڀ جادَر،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّفَجَّــرْنَا الْاَرْضَ عُيُوْنًا فَالْتَقَى الْمَاۗءُ عَلٰٓي اَمْرٍ قَدْ قُدِرَ ۚ12
۽ چِيري ڪڍياسون چِشمان، ڌَئون هَڻِي مَنجھ ڌر، پوءِ وَڃِي چَڙهيو چوٽيِـين، پاڻِي اِهڙئَ پر، مٿائـِين مُقرر، هُئو اَمر جِنهن اَنداز تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَحَمَلْنٰهُ عَلٰي ذَاتِ اَلْوَاحٍ وَّدُسُرٍۙ13
پوءِ ڪيو سونسِ ڪشتِئَ ۾، ساٿِيَن ساڻ سُوار،
— مولوي حاجي احمد ملاحتَـجْرِيْ بِاَعْيُنِنَا ۚ جَزَاۗءً لِّمَنْ كَانَ كُفِرَ 14
جا مَهندئـِي هُئـِي، ميخن ۽ تختن ساڻ تيار، اسان جي اََک ٽيٽ ۾، هَلِي ٿِي هَموار، اُنهِئ کي آڌار، جنهن کي، مڃيو نه ويو مُورهِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ تَّرَكْنٰهَآ اٰيَةً فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ 15
۽ اَسان اُن عذاب کي، ڪيو نِشانِي نِروار، جيڪسِ آھِ جھان ۾، پوءِ وٺندڙ ڪو ويچار؟،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَكَيْفَ كَانَ عَذَابِيْ وَنُذُرِ 16
پوءِ هُئا ڪهڙِي ڪار، اطلاع ۽ عَذاب مُنهنجو!
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ 17
۽ سارڻ لاءِ سَولو، ڪَيو سُون قُرآن، پوءِ آھِ ڪو اِنسان، سارِيندڙ سَرِير ۾؟
— مولوي حاجي احمد ملاحكَذَّبَتْ عَادٌ فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِيْ وَنُذُرِ 18
ڪاهي قوم عاد جِي، پِيا ڪُوڙن مَنجهه ڪُفار، پوءِ هُئِي ڪِهڙِي ڪار، اطلاع، ڪِ عذاب مُنهنجو!
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّآ اَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا صَرْصَرًا فِيْ يَوْمِ نَحْسٍ مُّسْتَمِرٍّ ۙ19
اَسان اُماڻيو اُنهن تي، تمام تِکو طوفان، اَکٽ اَڀاڳي ڏِينهن ۾، پيو اُکيڙي اِنسان،
— مولوي حاجي احمد ملاحتَنْزِعُ النَّاسَ ۙ كَاَنَّهُمْ اَعْجَازُ نَخْلٍ مُّنْقَعِرٍ 20
ڪَر آهِن ٿُڙ عيان، پاڙان پَٽِيَل کِجِيَن جا!
— مولوي حاجي احمد ملاح