052 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 49 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
وَالطُّوْرِ 1ۙ
ساک سڳوري طُور جِي،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَكِتٰبٍ مَّسْطُوْرٍ 2ۙ
پڻ قلم بَند ڪتاب،
— مولوي حاجي احمد ملاحفِيْ رَقٍّ مَّنْشُوْرٍ 3ۙ
جو لِکيل پکڙِيل پَنن ۾،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّالْبَيْتِ الْمَعْمُوْرِ 4ۙ
پڻ گَھر سدا سيراب،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالسَّقْفِ الْمَرْفُوْعِ 5ۙ
ڇِت اُڀي
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالْبَحْرِ الْمَسْجُوْرِ 6ۙ
۽ اُڀامندڙ، گونا گون گِرداب،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ عَذَابَ رَبِّكَ لَوَاقِعٌ 7ۙ
ته تُنهنجي پَروَر پاڪ جو، اَچڻو آھِ عذاب،
— مولوي حاجي احمد ملاحمَّا لَهٗ مِنْ دَافِعٍ 8ۙ
هرگزروز حِساب، جنهن کي جَھلِيندڙ ناھِ ڪو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَّوْمَ تَـمُوْرُ السَّمَاۗءُ مَوْرًا 9ۙ
جِنهن ڏينهن اُڀ ڇُلندو، ڪر لَهريون دَرياءَ لال،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّتَسِيْرُ الْـجِبَالُ سَيْرًا ۭ10
ڌاڍا ڏنگر ڏيہ جا، چَلن چڱِئَ چال،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَوَيْلٌ يَّوْمَىِٕذٍ لِّلْمُكَذِّبِيْنَ ۙ11
آهي اُنهِئَ ڏِينهن ۾، ڪاڙهو ڪُوڙن نال،
— مولوي حاجي احمد ملاحالَّذِيْنَ هُمْ فِيْ خَوْضٍ يَّلْعَبُوْنَ ۘ12
جي مَنجِهين خام خيال، رهن ڪندا رانديون.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَوْمَ يُدَعُّوْنَ اِلٰى نَارِ جَهَنَّمَ دَعًّا ۭ13
جنهن ڏينهن ڌِڪي ڌِڪبا، دَڳ دوزخ جي پار،
— مولوي حاجي احمد ملاحهٰذِهِ النَّارُ الَّتِيْ كُنْتُمْ بِهَا تُكَذِّبُوْنَ 14
آهي اِهائي آڳ هِي، جنهن کي ڏِنان ڪوڙ قرار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَفَسِحْرٌ ھٰذَآ اَمْ اَنْتُمْ لَا تُبْصِرُوْنَ ۚ15
هِي نظر بَندِي نِبار، يا اَوهِين اکين کان نه ڏِسو؟
— مولوي حاجي احمد ملاحاِصْلَوْهَا فَاصْبِرُوْٓا اَوْ لَا تَصْبِرُوْا ۚ سَوَاۗءٌ عَلَيْكُمْ ۭ اِنَّـمَا تُـجْزَوْنَ مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 16
گِھڙو اُن ۾ آھِ، پوءِ، سَرکو اوهان سِر، ته صَبر ڪريو اِن ساڙ تي، يا سَهو ڪِين صَبر، نه ماڻِيندا مگر، جيڪِي ڪيان جَھان ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الْمُتَّقِيْنَ فِيْ جَنّٰتٍ وَّنَعِيْمٍ ۙ17
ثابِت رَکندڙ سِيل کي، مَنجھ باغن برقرار، ۽ سَڀ ڪنِهن طرح سُکن ۾، سَرها سَڀ ڄمار، ماڻِيندا موج سان، ميوا مڃر ملهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفٰكِهِيْنَ بِـمَآ اٰتٰىهُمْ رَبُّهُمْ ۚ وَوَقٰىهُمْ رَبُّهُمْ عَذَابَ الْـجَحِيْمِ 18
اُن مان، جي عَطا ڪَئـِين، پَنهنجي پالڻهار، پڻ دوزخ جي داڳ ڪنان، سَندنِ رَبَّ، ستار، اَمن ڏِنو اُنهن کي؛ اَمر ٿيو اِظهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحكُلُوْا وَاشْرَبُوْا هَنِيْۗــــًٔـــۢا بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ ۙ19
ته کائو پيو، خوشيون ڪريو، اِن عملن جي آڌار، ڪندا هئا ڪم ڪار، جيڪي هِن جَھان ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحمُتَّكِــــِٕيْنَ عَلٰي سُرُرٍ مَّصْفُوْفَةٍ ۚ وَزَوَّجْنٰهُمْ بِـحُوْرٍ عِيْنٍ 20
تڪيو ڏِنل تختن مَٿي، جي صِف سان، صف قطار، پڻ پَرڻايو سون اُنهن کي، ڏيئـِي ڏاج اَپار، حورون حَيادار، وَڏِيُن اکيُن واريون.
— مولوي حاجي احمد ملاح