051 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 60 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
وَالذّٰرِيٰتِ ذَرْوًا 1ۙ
واءُ اُڏارِيندڙ واريون،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَالْـحٰمِلٰتِ وِقْرًا 2ۙ
پوءِ بادل کڻندڙ بار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَالْـجٰرِيٰتِ يُسْرًا 3ۙ
پوءِ سَولا هلندڙ سِير ۾، ٻَهون ٻيرآ پار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَالْمُقَسِّمٰتِ اَمْرًا 4ۙ
پوءِ ڦانڊي ڪندڙ ڪمن کي، درجن مُوجب ڌار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّـمَا تُوْعَدُوْنَ لَصَادِقٌ 5ۙ
ته آهي سچ، اوهان کي ڏِجي ، وعدو جنهني وار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاِنَّ الدِّيْنَ لَوَاقِــعٌ 6ۭ
بَدلو برقرار، مِلڻو آهي مُورهِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالسَّمَاۗءِ ذَاتِ الْحُبُكِ 7ۙ
۽ ساکي آهي سڀ طرح، هِي بُرجن ڀَريو اُڀ،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّكُمْ لَفِيْ قَوْلٍ مُّـخْتَلِفٍ 8ۙ
ته آهيو اوهين سَڀ، وَڏي ٻول ٻِتاڙ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحيُّؤْفَكُ عَنْهُ مَنْ اُفِكَ 9ۭ
جو ڦيرو وِيو، سو ڦيربو ڪنان اِن ڪلام،
— مولوي حاجي احمد ملاحقُتِلَ الْـخَــرّٰصُوْنَ ۙ10
ڪُوڙا ٿيا قتلام،
— مولوي حاجي احمد ملاحالَّذِيْنَ هُمْ فِيْ غَـمْرَةٍ سَاهُوْنَ ۙ11
جي آهن وِڦلڻ ۾ ويسلا.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَسْـَٔـلُوْنَ اَيَّانَ يَوْمُ الدِّيْنِ ۭ12
پِيا پُڇن ته ڪَڏهن، آهي ڏِينهن اِنصاف جو؟
— مولوي حاجي احمد ملاحيَوْمَ هُمْ عَلَي النَّارِ يُفْتَنُوْنَ 13
اَندر اُماڻي آڳ ۾، جانچبن جڏهن،
— مولوي حاجي احمد ملاحذُوْقُوْا فِتْنَتَكُمْ ۭ ھٰذَا الَّذِيْ كُنْتُمْ بِهٖ تَسْتَعْجِلُوْنَ 14
چکو پرکڻ پنهنجو، چئبن تُرت تڏهن، هي، سو آهي هَڏهن، جنهن لئي تمام تڪڙائـِيندا هُئا.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الْمُتَّقِيْنَ فِيْ جَنّٰتٍ وَّعُيُوْنٍ ۙ15
بي شڪ نيڪ بهشت ۾، منجھ گـٺين ۽ گلزار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاٰخِذِيْنَ مَآ اٰتٰىهُمْ رَبُّهُمْ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَبْلَ ذٰلِكَ مُحْسِنِيْنَ ۭ16
سَندنِ سائـِين کين ڏِنا، سي وڻندڙ وِئَ وَلهار، سَڀ انهئ جي آڌار، ته هئا موچارا مَهند ئـِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحكَانُوْا قَلِيْلًا مِّنَ الَّيْلِ مَا يَهْجَعُوْنَ 17
ٿورو ڪُجھ سُمهندا هئا، راول مَنجھان رات،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَبِالْاَسْـحَارِ هُمْ يَسْتَغْفِرُوْنَ 18
هئا ٻاڏئـِيندا ٻاجھ لئي، پِره ڦُٽِي پِر ڀات،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَفِيْٓ اَمْوَالِهِمْ حَقٌّ لِّلسَّاۗىِٕلِ وَالْمَحْرُوْمِ 19
۽ هُئـِي سَندنِ ڏِني ۾ ڏات، آسائو، اَپهچ لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَفِي الْاَرْضِ اٰيٰتٌ لِّلْمُوْقِنِيْنَ ۙ20
۽ هِن ڀَري تَري ڀُون ۾، اولھ، اوڀر پار، وَڏيون وِسهندڙن لئي، نِشانيون نِروار،
— مولوي حاجي احمد ملاح