050 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 45 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
قۗ ڗ وَالْقُرْاٰنِ الْمَجِيْدِ 1ۚ
اَرٿ اکر “ق” جو، سَمجھي هِڪ سُبحان، سَچو ساکِي آھِ هِي، قَدر وڏي قُرآن،
— مولوي حاجي احمد ملاحبَلْ عَـجِبُوْٓا اَنْ جَاۗءَهُمْ مُّنْذِرٌ مِّنْهُمْ فَقَالَ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا شَيْءٌ عَـجِيْبٌ 2ۚ
اُٽلندو اِن ڳالھ تان، هَيا ٿَيا حيران، ته آيُنِ ڄاڻوئـِي ڄام ڪو، اُنهن مان هِڪ اِنسان، پوءِ اِنڪارِيُن آکيو، ظاهِر ساڻ زِبان، ته آھِ عَجب هِئَ ڳالھڙِي، بِلڪُل بي گُمان!،
— مولوي حاجي احمد ملاحءَاِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا ۚ ذٰلِكَ رَجْعٌۢ بَعِيْدٌ 3
ڇا، مرِي ٿياسون مَهل جِنهن، خاڪ صفا خيمان، جِيَڻ وَرِي جھان، ڏاڍو آهي ڏُور سو؟
— مولوي حاجي احمد ملاحقَدْ عَلِمْنَا مَا تَنْقُصُ الْاَرْضُ مِنْهُمْ ۚ وَعِنْدَنَا كِتٰبٌ حَفِيْظٌ 4
سَچ پَچ ڄاتون سون، سَڀَيئـِي جو کاڌو اُنهن مان خاڪ، ۽ آهي اَسان وَٽ پاڪ، قابو رکيو ڪتاب جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحبَلْ كَذَّبُوْا بِالْـحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ فَهُمْ فِيْٓ اَمْرٍ مَّرِيْــجٍ 5
بَلڪ صفا سچ کي، ڪوٺيؤن ڪُوڙ ڪَچ، جڏهن اُنهن وَٽ آئـِيو، سو صَحِي ثابِت سَچ، پوءِ آهِن اِهي سَچ پَچ، ڳالھ ڍريڙِي، ڳالھ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَفَلَمْ يَنْظُرُوْٓا اِلَى السَّمَاۗءِ فَوْقَهُمْ كَيْفَ بَنَيْنٰهَا وَزَيَّنّٰهَا وَمَا لَهَا مِنْ فُرُوْجٍ 6
ڇا، ڪيؤَن نه نظر نهار؟ اُڀ ڏي، اُڀو پوجو اُنهن مَٿان، بنايوسونسِ ڀِت سوا، ڪِنهن ڀَت بَرقرار، ۽ ڏنو سونسِ ڏِين سان، سَهسِين ڀَتين سِيگار، ۽ ويڇو نه جنهن ۾ وار، ۽ نڪِي سوراخ، سانگڙيون.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالْاَرْضَ مَدَدْنٰهَا وَاَلْقَيْنَا فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍۢ بَهِيْجٍ 7ۙ
۽ جانچيائون نه زمين کي، ته پکيڙيو سونسِ ڪِنهن پَر، ۽ جَڙي ڇڏاسون جنهن ۾، اُچا اُچا ڏونگر، ۽ جوڙ اُڀاڙياسون اُن ۾، وڻندڙ وڻ ٽڻ ڦر،
— مولوي حاجي احمد ملاحتَبْصِرَةً وَّذِكْرٰى لِكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيْبٍ 8
سَگھون سوچڻ واسطي، پڻ ڪرڻ نيڪ نظر، پِرائڻ ڪِنهن پَر، هر ٻانهِي وَرندڙ وات ڏي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَنَزَّلْنَا مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً مُّبٰرَكًا فَاَنْۢبَتْنَا بِهٖ جَنّٰتٍ وَّحَبَّ الْـحَصِيْدِ 9ۙ
۽ اُتاريو سون اُڀ ڪنان، اُچو آب اَپار، پوءِ اُڀاڙياسون اُن سان، غُنچا، گُل گُلزار، ۽ داڻا تِنهن کان ڌار، ڳاهِيَل ڳوٺان ڳوٺ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالنَّخْلَ بٰسِقٰتٍ لَّهَا طَلْعٌ نَّضِيْدٌ ۙ10
کجيون ڊگھرون کاڄرو، جن ۾ تازا تہ تَمر،
— مولوي حاجي احمد ملاحرِّزْقًا لِّلْعِبَادِ ۙ وَاَحْيَيْنَا بِهٖ بَلْدَةً مَّيْتًا ۭ كَذٰلِكَ الْـخُرُوْجُ 11
سِيڌي ڪاڻ ثَمر، ڪُل گولن جي گذران لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّاَصْـحٰبُ الرَّسِّ وَثَـمُوْدُ ۙ12
اُنهن ڪنان اَڳڀرو، هُئا ڪندا ڪُوڙ ڪُفار، قوم نُوح نَبِئَ جِي، پڻ کُوهاڻا خوار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَعَادٌ وَّفِرْعَوْنُ وَاِخْوَانُ لُوْطٍ ۙ13
۽ ثُمود، عاد فِرعون پڻ، لُوط ڀَلي جا ڀار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّ اَصْـحٰبُ الْاَيْكَةِ وَقَوْمُ تُبَّعٍ ۭ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَـحَقَّ وَعِيْدِ 14
۽ اَهل اَيڪت شهر جا، پڻ ساٿ تُبع جا سار، مِڙن مُرسلن کي، ڪوٺيؤَن ڪُوڙ نبار، پوءِ مُنهنجا قول ڪرار، صَحِي ثابِت سَڀ ٿيا.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَفَعَيِيْنَا بِالْــخَلْقِ الْاَوَّلِ ۭ بَلْ هُمْ فِيْ لَبْسٍ مِّنْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ۧ15
پوءِ ڇا، هِيڻايوسون هَڏهِين، مَنجھ پهرينءَ جوڙجڪ! نئـِين جوڙن کان مَنجھ شڪ، اُٽلندو آهِينِ سي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ وَنَعْلَمُ مَا تُوَسْوِسُ بِهٖ نَفْسُهٗ ښ وَنَــحْنُ اَقْرَبُ اِلَيْهِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِيْدِ 16
۽ اُپاسون اِنسان کي، بلڪل بي گمان، ۽ ڄاڻون جيڪي وَهم وِجھي، نفس سَندنِ نادان، ۽ ڪَنان رَڳُن جان، اَسِين اوڏا اُن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذْ يَتَلَقَّى الْمُتَلَقِّيٰنِ عَنِ الْيَمِيْنِ وَعَنِ الشِّمَالِ قَعِيْدٌ 17
ٻه مِلڻا جِنهن مَهل ۾ ، هر روز مِلن هِڪ ٻئي، ويٺل سٺي کٻي، ڪاتِب ٻِنهِين ڪُلهن تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحمَا يَلْفِظُ مِنْ قَوْلٍ اِلَّا لَـدَيْهِ رَقِيْبٌ عَتِيْدٌ 18
ڪُڇي ڪونه زبان مان، اَ کر ڪو اِنسان، مگر اُنهِئَ وَٽ، آھِ ڪو، ناظِر نِگھبان، حاضِر هر زمان، ڪاغذ، مس قلم سان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَجَاۗءَتْ سَكْرَةُ الْمَوْتِ بِالْـحَقِّ ۭ ذٰلِكَ مَا كُنْتَ مِنْهُ تَـحِيْدُ 19
۽ آئي ثابت اوچتِي، موت سَندِي سَڪرات، اُها سافِڪرات، جِنهن کان ڀَڄندو ٿٖي ڀُڻِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَنُفِخَ فِي الصُّوْرِ ۭ ذٰلِكَ يَوْمُ الْوَعِيْدِ 20
۽ ڦوڪيو وِيو ڏَنڊ کي، اُهو ڏِينهن اَنجام،
— مولوي حاجي احمد ملاح