005 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 120 آيتون ۽ 16 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَوْفُوْا بِالْعُقُوْدِ ڛ اُحِلَّتْ لَكُمْ بَهِيْمَةُ الْاَنْعَامِ اِلَّا مَا يُتْلٰى عَلَيْكُمْ غَيْرَ مُـحِلِّي الصَّيْدِ وَاَنْتُمْ حُرُمٌ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَـحْكُمُ مَا يُرِيْدُ 1
اي وِسهيا، جي وريام! پنهنجون ٻوليون پاريو، ڍور اوهان تي، وَهٽن مان، جائز ڪيا ويا جام، مگر اوهان تي مصحف ۾، پڙهجن، جي پيغام، نه ڪندڙ شوق شڪار جو، جڏهن آهيو، منجھ احرام، آگو ربُّ علام، حڪم هلائي، جيئن گُھري.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تُـحِلُّوْا شَعَاۗىِٕرَ اللّٰهِ وَلَا الشَّهْرَ الْـحَرَامَ وَلَا الْهَدْيَ وَلَا الْقَلَاۗىِٕدَ وَلَآ اٰۗمِّيْنَ الْبَيْتَ الْـحَرَامَ يَبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنْ رَّبِّهِمْ وَرِضْوَانًا ۭ وَاِذَا حَلَلْتُمْ فَاصْطَادُوْا ۭ وَلَا يَـجْرِمَنَّكُمْ شَـنَاٰنُ قَوْمٍ اَنْ صَدُّوْكُمْ عَنِ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ اَنْ تَعْتَدُوْا ۘ وَتَعَاوَنُوْا عَلَي الْبِرِّ وَالتَّقْوٰى ۠ وَلَا تَعَاوَنُوْا عَلَي الْاِثْـمِ وَالْعُدْوَانِ ۠ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 2
اي جن مڃيو!، سي مالڪ جا، نه ٽوڙيو يادگار، نه مهينو پاڪ، نه مهديون ۽ نه گانا ڳچين هار، نه مِهت مُهت دارجا، پانڌوڙِي ڪنهن پار، جي گُھرن ڀال ڀلي جا، پڻ رضا ربَّ، ستار، ڪريو، پوءِ شڪار، جڏهن ڇِلو ڇوڙيو. ۽ ڪري نه ڪنهن قوم تي، کَڙو آن کي کار، ته آن کي، مسجد پاڪ کان، جَھليائون جُونجھار!، حڪم اِهو هيڪار، ته ليڪي کان نه لنگھيو. ۽ چاڙهيء چڱيء ۾ ڏيو ، تقوٰى تي تڪرار، نه مدد مَدِئ ۾ ڪريو، ڪنهن ڪُڌي منجھ ڪم ڪار، ڪَنبو ڀر قهار، سائين سزا ۾، سخت گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاححُرِّمَتْ عَلَيْكُمُ الْمَيْتَةُ وَالدَّمُ وَلَـحْمُ الْـخِنْزِيْرِ وَمَآ اُهِلَّ لِغَيْرِ اللّٰهِ بِهٖ وَالْمُنْخَنِقَةُ وَالْمَوْقُوْذَةُ وَالْمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطِيْحَةُ وَمَآ اَ كَلَ السَّبُعُ اِلَّا مَا ذَكَّيْتُمْ ۣ وَمَا ذُبِــحَ عَلَي النُّصُبِ وَاَنْ تَسْـتَقْسِمُوْا بِالْاَزْلَامِ ۭ ذٰلِكُمْ فِسْقٌ ۭ اَلْيَوْمَ يَىِٕسَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ دِيْنِكُمْ فَلَا تَـخْشَوْهُمْ وَاخْشَوْنِ ۭ اَلْيَوْمَ اَكْـمَلْتُ لَكُمْ دِيْنَكُمْ وَاَتْـمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِيْ وَرَضِيْتُ لَكُمُ الْاِسْلَامَ دِيْنًا ۭ فَـمَنِ اضْطُرَّ فِيْ مَـخْمَصَةٍ غَيْرَ مُتَجَانِفٍ لِّاِثْـمٍ ۙ فَاِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 3
منع اوهان کي مردار، رت سِير ۽ ماس سُوئر جو، پڻ جا پُڪارِي ويئـِي، پاڪ پرور کان ڌار، گوگھاٽيل، مَڻڪي ڀڳل ۽ ڪِريل، ڀرڪنار، پڻ مُئل مورهين، اُ کل جي آڌار، ۽ مِرونءَ کاڌِي جا، مگر حلال ڪيان هيڪار، ڪُٺِي پَٿر، ڪِ پير تي، يا ڪَريو ڪا ڍاڻي ڪار، آهي اوهان هار، ڏِٺو وائـِٺو ڏوه اِهو. جي ڦريا اوهان جي دين کان، اَڄ ٿيا آسرپَل، پوءِ، اُنهن کان، نه ڊِڄو اصل، ڊِڄو مون کان، مورهين. اوهان لئي، اوهان جي دين کي، اَڄ ڪيم تَم تمام، ۽ پورو ڪَيم پَنهنجو، اوهان تي اِنعام، ۽ ڌئو ڀلارو دين مون، اوهان لئي اِسلام، پوءِ، جو بُک ۾ بيزار ٿيو، نه لَڙندڙ خطا ڏي خام، ته آگو ربُّ علام، مَرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَسْـــَٔلُوْنَكَ مَاذَآ اُحِلَّ لَهُمْ ۭ قُلْ اُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ ۙ وَمَا عَلَّمْتُمْ مِّنَ الْـجَوَارِحِ مُكَلِّبِيْنَ تُعَلِّمُوْنَهُنَّ مِـمَّا عَلَّمَكُمُ اللّٰهُ ۡ فَكُلُوْا مِـمَّآ اَمْسَكْنَ عَلَيْكُمْ وَاذْكُرُوا اسْـمَ اللّٰهِ عَلَيْهِ ۠ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَرِيْعُ الْـحِسَابِ 4
پُڇنئـِي، ته پرور ڇا ڪيو، حلال اُنهن هار، چئو، چڱيون چوکيون اوهان لئي، جائز ڪيون جبار، پڻ جيڪي پاڻ پاليان، ڪُتا ڪاڻ شِڪار، سيکاريونِ، جو سيکاريان صاحب ربَّ، ستار، جو جَھليؤن اوهان لئي، تنهن منجھان، کائو خُوش گوار، ۽ ساريو سائينءَ پاڪ جو، نالو مَٿنِ نِروار، ۽ ڪَنبو ڀر قهار، هادِي تِکو حساب ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلْيَوْمَ اُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبٰتُ ۭ وَطَعَامُ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ حِلٌّ لَّكُمْ ۠ وَطَعَامُكُمْ حِلٌّ لَّهُمْ ۡ وَالْمُحْصَنٰتُ مِنَ الْمُؤْمِنٰتِ وَالْمُحْصَنٰتُ مِنَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ مِنْ قَبْلِكُمْ اِذَآ اٰتَيْتُمُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ مُـحْصِنِيْنَ غَيْرَ مُسٰفِحِيْنَ وَلَا مُتَّخِذِيْٓ اَخْدَانٍ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِالْاِيْـمَانِ فَقَدْ حَبِطَ عَمَلُهٗ ۡ وَهُوَ فِي الْاٰخِرَةِ مِنَ الْـخٰسِرِيْنَ 5ۧ
چڱا چيز اوهان تي، اڄ جائز ڪيا ويا جام، پڻ آن تي، اهل ڪتاب جو، روا طعام تمام، پڻ روا آهي، اوهان جو، تن ڪاڻ طعام، پڻ وَنِيون وِسهندڙن مان، پڻ ناريون نيڪ نام، اُنهن مان، ڪتاب جن کي، ٿيا آن کان اڳ اِنعام، جڏهن ڏِنان ڏان اُنهن کي، موجب عهد انجام، پرڻِيندڙ، نه پر ۾، ڪندڙ خطائون خام، نه وَٺندڙ تن وريام!، سَنگـتياڻيون ۽ ساهيڙيون. ۽ ڦِرندو جو ايمان کان، تِنهنجا ڪريا سڀ ڪم ڪار، ۽ هارِينِ مان هَچار، اُهو آهي آخرت ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِذَا قُـمْتُمْ اِلَى الصَّلٰوةِ فَاغْسِلُوْا وُجُوْهَكُمْ وَاَيْدِيَكُمْ اِلَى الْمَرَافِقِ وَامْسَحُوْا بِرُءُوْسِكُمْ وَاَرْجُلَكُمْ اِلَى الْكَعْبَيْنِ ۭ وَاِنْ كُنْتُمْ جُنُبًا فَاطَّهَّرُوْا ۭ وَاِنْ كُنْتُمْ مَّرْضٰٓى اَوْ عَلٰي سَفَرٍ اَوْ جَاۗءَ اَحَدٌ مِّنْكُمْ مِّنَ الْغَاۗىِٕطِ اَوْ لٰمَسْتُمُ النِّسَاۗءَ فَلَمْ تَـجِدُوْا مَاۗءً فَتَيَمَّمُوْا صَعِيْدًا طَيِّبًا فَامْسَحُوْا بِوُجُوْهِكُمْ وَاَيْدِيْكُمْ مِّنْهُ ۭ مَا يُرِيْدُ اللّٰهُ لِيَجْعَلَ عَلَيْكُمْ مِّنْ حَرَجٍ وَّلٰكِنْ يُّرِيْدُ لِيُطَهِّرَكُمْ وَلِيُتِمَّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكُمْ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ 6
اي اُهي، مڃيو جن!، جڏهن اُٿيا نيڪ، نماز تي، پوءِ ڌُئو مُنهن، ۽ هٿ پنهنجا، اِرڪيَنِ تائين تِن، پڻ مَکيو پنهنجي مَٿن، ۽ پَنهنجا پير ڳِرين سين. ۽ جي تَڙ آهي اوهان کي، ته وِهنجو پوءِ وِينجھار!، پوءِ جي اَ گھا آهيو، يا سفر منجھ سوار، يا آيو ڪو اوهان مان، ٻَڙو ڦرِي ٻَهار، يا لايان هٿ لاڏلِيين، پوءِ پاڻي نه لڌان ڪنهن پار، پوءِ کڻو خاڪ پاڪ کي؛ تَنهين سان تڪرار، مکيو مُنهن پَنهنجا، پڻ پنهنجا هٿ هيڪار، هرگز حرج اوهان جو، گُھري ڪين غفار، پر گھري ته اوهان کي، پاڪ ڪري ۽ ڏات سندس ڏاتار، پورِي ڪري پاڪ ڌڻِي، اوهان تي، آخرڪار، اِن آسري آڌار، ته ڳايو ڪِي ڳُڻ ڳالهيون.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَمِيْثَاقَهُ الَّذِيْ وَاثَقَكُمْ بِهٖٓ ۙ اِذْ قُلْتُمْ سَـمِعْنَا وَاَطَعْنَا ۡ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 7
پڻ ساريو پاڻ تي، ڏات سَندِي ڏاتار، پڻ ورتين اوهان کان واعدو سو ساريو قول ڪرار، سُئو سون ۽ مَڃيوسون، وَراڻيان جنهن وار، ۽ ڪَنبو ڀر قهار، دانا دِلين جو ڌڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا كُوْنُوْا قَوّٰمِيْنَ لِلّٰهِ شُهَدَاۗءَ بِالْقِسْطِ ۡ وَلَا يَـجْرِمَنَّكُمْ شَنَاٰنُ قَوْمٍ عَلٰٓي اَلَّا تَعْدِلُوْا ۭ اِعْدِلُوْا ۣ هُوَ اَقْرَبُ لِلتَّقْوٰى ۡ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ خَبِيْرٌۢ بِــمَا تَعْمَلُوْنَ 8
اي جن آندو اعتبار!، عدل ۽ انصاف سان، هُجو شاهد حق جا، صاحب لڳ، ستار، ۽ نه ڪري ڪنهن قوم جو، کڙو اوهان کي کار، ته عدل نه ڪريو؛ عدل ڪريو؛ تقوٰى کي تڪرار، آهي اِهو اوڏڙو؛ ڪَنبو ڀر قهار، ڪريو جي ڪم ڪار، آگو آگاه اُن ڪنان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَعَدَ اللّٰهُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۙ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ عَظِيْمٌ 9
۽ واحد وعدو تن ڏِنو، مڃيو جن مذڪور، پڻ ڪيون نيڪ ڪمايون، اُنهن لاءِ ضرور، مره آهي مُور، پُڻ آھِ اُجورو وڏو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَكَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَآ اُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْـجَـحِيْـمِ 10
۽ جي ڦريا، ۽ اسان جون آيتون، ڪوٺيؤن ڪُوڙ، فتور، اُهي بي شڪ بي شعور، ڀاتي آهن باه جا.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوْا نِعْمَتَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ هَمَّ قَوْمٌ اَنْ يَّبْسُطُوْٓا اِلَيْكُمْ اَيْدِيَهُمْ فَكَفَّ اَيْدِيَهُمْ عَنْكُمْ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ ۧ11
اي جن مڃيو!، سي پاڻ سان، ساريو سُک ستار، جڏهن قوم قصد ڪيو، ته پکيڙينِ اوهان پار، پنهنجا هٿ هٿيارن سان؛ جَھليا پوءِ جبار، اُنهن جا هٿ اوهان کان؛ ۽ ڪَنبو ڀر قهار، پوءِ بارِي مٿي بار، مومن رکن مورهين.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ اَخَذَ اللّٰهُ مِيْثَاقَ بَنِيْٓ اِ سْرَاۗءِيْلَ ۚ وَبَعَثْنَا مِنْهُمُ اثْنَيْ عَشَرَ نَقِيْبًا ۭ وَقَالَ اللّٰهُ اِنِّىْ مَعَكُمْ ۭ لَىِٕنْ اَقَـمْــتُمُ الصَّلٰوةَ وَاٰتَيْتُمُ الزَّكٰوةَ وَاٰمَنْتُمْ بِرُسُلِيْ وَعَزَّرْتُـمُوْهُمْ وَاَقْرَضْتُمُ اللّٰهَ قَرْضًا حَسَـنًا لَّاُكَفِّرَنَّ عَنْكُمْ سَيِّاٰتِكُمْ وَلَاُدْخِلَنَّكُمْ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْھٰرُ ۚ فَـمَنْ كَفَرَ بَعْدَ ذٰلِكَ مِنْكُمْ فَقَدْ ضَلَّ سَوَاۗءَ السَّبِيْلِ 12
۽ بيشڪ بني اسرائيل کان، قول، ورتو ڪلتار، ۽ ٻارهن ڪياسون، اُنهن منجھان، مقرر مَهندار، ۽ الله اُتو، ته اوهان سان، آئون ڀيڙو برقرار، جي پڙهيان نمازون پوريون ۽ لڌان سقيمن سار، ۽ مُنهنجي مُرسلن ۾، جي آندان اعتبار، ۽ آڌار ڏِنيان اُنهن کي، ۽ الله کي اوڌار، اوڌار صفا سُهڻي؛ ته اَهنجا بديون بار، ميٽيندو سان مِهر سان، پڻ توهان کي تڪرار، ڏيندس جاءِ جنت ۾، جِت ناليون وَهن نِبار، اِنهيان پوءِ، اوهان مان، ڪيو جنهن اِنڪار، تنهن پُوريو ٻي ڪنهن پار، وِيو لهِي وِچ واٽ تان.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَبِـمَا نَقْضِهِمْ مِّيْثَاقَهُمْ لَعَنّٰهُمْ وَجَعَلْنَا قُلُوْبَهُمْ قٰسِـيَةً ۚ يُـحَرِّفُوْنَ الْكَلِمَ عَنْ مَّوَاضِعِهٖ ۙ وَنَسُوْا حَظًّا مِّـمَّا ذُكِّرُوْا بِهٖ ۚ وَلَا تَزَالُ تَطَّلِعُ عَلٰي خَاۗىِٕنَةٍ مِّنْهُمْ اِلَّا قَلِيْلًا مِّنْهُمْ فَاعْفُ عَنْهُمْ وَاصْفَحْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُحْسِنِيْنَ 13
پوءِ ڪارڻ ٽوڙڻ قول سندن، ڌڪاريوسونِ ڪنان در، ۽ ڪياسونِ قلب اُنهن جا، ڪارا ۽ ڪٽر، موڳا پنهنجي ماڳ تان، پِئا اڳ پوءِ ڪن اکر، ۽ وِساريون وانٽو، تِنهن منجھان، جو وعظ ٿئـِن وَر وَر، ۽ خان ! اُنهن جي، خيانت تي، سدا سربسر، واقف ٿيندين پِيو، وير! تون، مگر مختصر، پوءِ معاف ڪرينِ مورهين، ۽ ڪر مَٿِن مِهر نظر، پيار ڏي پرور، ڀَلو ڀلائيندڙن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمِنَ الَّذِيْنَ قَالُوْٓا اِنَّا نَصٰرٰٓى اَخَذْنَا مِيْثَاقَهُمْ فَنَسُوْا حَظًّا مِّـمَّا ذُكِّرُوْا بِهٖ ۠ فَاَغْرَيْنَا بَيْنَهُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاۗءَ اِلٰي يَوْمِ الْقِيٰمَةِ ۭ وَسَوْفَ يُنَبِّئُهُمُ اللّٰهُ بِـمَا كَانُوْا يَصْنَعُوْنَ 14
۽ جن پاٻوهيو اِن پر، ته اسين نصارا آهيون، ورتوسون، تن کان واعدو، مورهين مقرر، پوءِ وِساريؤن وانٽو، تنهن منجھان، جنهن جو وعظ ٿينِ وَر وَر، پوءِ وير، وُروڌتن ۾، هَياسون تا حشر، ۽ جلدِي جل جلالـهٗ، ڏيندنِ خُوب خبر، ڪوجھا ڪم، ڪمتر، جيڪِي ڪن جھان ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَهْلَ الْكِتٰبِ قَدْ جَاۗءَكُمْ رَسُوْلُنَا يُبَيِّنُ لَكُمْ كَثِيْرًا مِّـمَّا كُنْتُمْ تُـخْفُوْنَ مِنَ الْكِتٰبِ وَيَعْفُوْا عَنْ كَثِيْرٍ ڛ قَدْ جَاۗءَكُمْ مِّنَ اللّٰهِ نُوْرٌ وَّكِتٰبٌ مُّبِيْنٌ ۙ15
آيان اهل ڪتاب جا! اسان جو مُرسل مَڻياندار، گھڻيو تنهن مان گم ڪيان، جي آيتون اطهار، ڪري، سي ڪتاب مان، اوهان تي اِظهار، سُونهارو سردار، گھڻن کان گُذر ڪري. آيان ليک الله کان ۽ چِٽائـِي چوڌار، سَهائـٖي، سلامتي جو، پورو تنهن سان پار،
— مولوي حاجي احمد ملاحيَّهْدِيْ بِهِ اللّٰهُ مَنِ اتَّبَعَ رِضْوَانَهٗ سُبُلَ السَّلٰمِ وَيُـخْرِجُهُمْ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ بِاِذْنِهٖ وَيَهْدِيْهِمْ اِلٰي صِرَاطٍ مُّسْتَقِيْـمٍ 16
جنهن رکي رضا ربَّ جِي، ٿيو تهدِل تابعدار، ته اونداهِيان سندس اَمر سان، نينِ نُورپار، ۽ ڏَسي تن ڏاتار، مارڳ سُوڌو، ماڳ جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَقَدْ كَفَرَ الَّذِيْنَ قَالُوْٓا اِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْمَسِيْحُ ابْنُ مَرْيَـمَ ۭ قُلْ فَـمَنْ يَّـمْلِكُ مِنَ اللّٰهِ شَـيْـــًٔـا اِنْ اَرَادَ اَنْ يُّهْلِكَ الْمَسِيْحَ ابْنَ مَرْيَـمَ وَاُمَّهٗ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۭ وَلِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۭ يَـخْلُقُ مَا يَشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 17
بلڪل ۽ بيشڪ، ڪافر ٿيا، جن ڪَهيو، ته الله آهي پڪ، عيسٰى پٽ مريم جو. چئو، ڪهڙو آهي، ڪير؟ پوءِ، جو جَھلي کان جبار، جي گُھري، ته عيسٰى پٽ مريم کي، ڪري ناس نبار، پڻ ماڻِس کي، ۽ ٻئا مِڙِئي، جي ڀُون ۾ بيشمار، ۽ اُڀ، ڀون سڀ الله جا، پڻ جيڪي مَنجھن جنسار، جيڪي گُھري جل شانہٗ، جوڙي جوڙڻ هار، ۽ صاحب ربَّ، ستار، قادر هر ڪم ڪار تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَالَتِ الْيَھُوْدُ وَالنَّصٰرٰى نَـحْنُ اَبْنٰۗؤُا اللّٰهِ وَاَحِبَّاۗؤُهٗ ۭ قُلْ فَلِمَ يُعَذِّبُكُمْ بِذُنُوْبِكُمْ ۭ بَلْ اَنْتُمْ بَشَرٌ مِّـمَّنْ خَلَقَ ۭ يَغْفِرُ لِمَنْ يَّشَاۗءُ وَيُعَذِّبُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَلِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۡ وَاِلَيْهِ الْمَصِيْرُ 18
يهودين ۽ نصارن، ڪڍيو ٻول ٻَهار، ته اسين پُٽ الله جا پڻ دادلا درٻار، چئو، اَهنجي ڏوهن ۾، پوءِ ڇو ڏِينِيان ڏُک ڏاتار، اَوهين، ته ماڻهون تن منجهان، جوڙيا، جي جبار، وڻيسِ تنهن سان وَڙ ڪري ۽ وڻيسِ ڏي آزار، ۽ اُڀ، ڀون مُلڪ الله جو، پڻ جيڪِي منجھن جنسار، ۽ اُن ڏي آخرڪار، هرگز آھِ هلڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَهْلَ الْكِتٰبِ قَدْ جَاۗءَكُمْ رَسُوْلُنَا يُبَيِّنُ لَكُمْ عَلٰي فَتْرَةٍ مِّنَ الرُّسُلِ اَنْ تَقُوْلُوْا مَا جَاۗءَنَا مِنْۢ بَشِيْرٍ وَّلَا نَذِيْرٍ ۡ فَقَدْ جَاۗءَكُمْ بَشِيْرٌ وَّنَذِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ۧ19
آيان اهل ڪتاب جا!، اَسان جو مرسل مڻيادار، کولي اوهان تي خبرون، منجھ دَور، بنيان ڌار، هن لئي، ته اڳتي آکيو، ته نه آيو اسان پار، کيانتو، نه خابُرو، پوءِ آيان آخرڪار، کيانتو، ۽ خابرو، اڳتي جو آزار، صاحب ربُّ، ستار، قادر هر ڪم ڪارتي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهٖ يٰقَوْمِ اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ جَعَلَ فِيْكُمْ اَنْۢبِيَاۗءَ وَجَعَلَكُمْ مُّلُوْكًا ڰ وَّاٰتٰىكُمْ مَّا لَمْ يُؤْتِ اَحَدًا مِّنَ الْعٰلَمِيْنَ 20
۽ جڏهن موسٰى، ڪَهيو قوم کي، ته اي برادر ڀار! ساريو، اوهان تي سائينءَ جون، نِعمتون نبار، جڏهن ڪيائين اوهان ۾ ڪرم سان، مُرسل مڻيادار، پڻ اوهان ۾ اَمير ڪَئين، ڪامل ڪلنگيدار، پڻ ڏِنان، سو ڏاتار، جو ڪنهن کي، نه ڏيهَن مان ڏِنو.
— مولوي حاجي احمد ملاح