049 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 18 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
يٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تُـقَدِّمُوْا بَيْنَ يَدَيِ اللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَـمِيْعٌ عَلِيْمٌ 1
اي اُهي آدمِي!، آندو جَن اِيمان، رَبَّ ۽ سَندِس رَسُول اڳيان، ڪريو اڳرائي ڪانه، ۽ ڪَنبو رَبَّ قهار کان، سچ پچ سو سُبحان، سُڻندڙ سَڀ بيان، سمجھندڙ سَڀيئـِي ڳالهيون.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا تَرْفَعُوْٓا اَصْوَاتَكُمْ فَوْقَ صَوْتِ النَّبِيِّ وَلَا تَـجْـهَرُوْا لَهٗ بِالْقَوْلِ كَـجَــهْرِ بَعْضِكُمْ لِبَعْضٍ اَنْ تَـحْبَــطَ اَعْــمَالُكُمْ وَاَنْتُمْ لَا تَشْعُرُوْنَ 2
اي اُهي جَن اَلله کي، مَڃڻ ڪيو مَنظور!، اَوهِين آواز پَنهنجا، مَٿي نه ڪريو مُور، نَبِئَ جي آواز کان، حاضِر مَنجھ حُضور، ۽ ڳَرو نه ڳالهايو اُن سان، ظاهِر ۽ ظُهور، جِيئن هِڪ ٻئي سان هُل ڪريو؛ مَتان پَوَنيان ئـِي نه پَرُور، تان اَنهنجي اِن قُصور، ڪَئـِي ڪَمائي ڪُٽ ٿئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ يَغُضُّوْنَ اَصْوَاتَهُمْ عِنْدَ رَسُوْلِ اللّٰهِ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ امْتَحَنَ اللّٰهُ قُلُوْبَهُمْ لِلتَّقْوٰى ۭ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ عَظِيْمٌ 3
روڪِين رَسُول الله وٽ، جي اَوس سَندنِ آواز، اُهيئـِي آهن، سي صحي سرفراز، پَرکيا جَن جا، پرهيز ۾، قلب ڪار ساز، بخشس بي انداز، پڻ اَجر وَڏوئـِي اُنهن لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ يُنَادُوْنَكَ مِنْ وَّرَاۗءِ الْحُـجُرٰتِ اَكْثَرُهُمْ لَا يَعْقِلُوْنَ 4
سَچ ته توکي سَڏِين جي، گَھرن پُٺيان گوهر!، سَمجھن نه سَڏڻ رِيت سان، اُنهن مان اَڪثر،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَوْ اَنَّهُمْ صَبَرُوْا حَتّٰى تَـخْرُجَ اِلَيْهِمْ لَكَانَ خَيْرًا لَّهُمْ ۭ وَاللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 5
۽ تان نِڪرِين تون، تَن ڏي، سَهن ها صَبر، اِهو طريقو تن لئي، بِلڪُل هُئو بِهتر، ۽ پِيارو پَروَر، آهي مَرهِيندڙ مِهر ڀَريو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِنْ جَاۗءَكُمْ فَاسِقٌۢ بِنَبَاٍ فَتَبَيَّنُوْٓا اَنْ تُصِيْبُوْا قَوْمًۢا بِجَــهَالَةٍ فَتُصْبِحُوْا عَلٰي مَا فَعَلْتُمْ نٰدِمِيْنَ 6
اي اُهي، جَن اَلله ۾، آندو اعتبار!، اَچي اوهان وٽ جي کَڻِي، ڪو خارِي خبر چار، ته پهرين پُورِئَ رِيت ڪريو، اُنهِئَ جِي اُپٽار، متان ڪريو ڪِنهن قوم تي، ويسلائـِي ۾ وار، پوءِ ڪيان جو ڪم ڪار، تنهن تي پِره سان پَڇتائيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاعْلَمُوْٓا اَنَّ فِيْكُمْ رَسُوْلَ اللّٰهِ ۭ لَوْ يُطِيْعُكُمْ فِيْ كَثِيْرٍ مِّنَ الْاَمْرِ لَعَنِتُّمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ حَبَّبَ اِلَيْكُمُ الْاِيْـمَانَ وَزَيَّنَهٗ فِيْ قُلُوْبِكُمْ وَكَرَّهَ اِلَيْكُمُ الْكُفْرَ وَالْفُسُوْقَ وَالْعِصْيَانَ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الرّٰشِدُوْنَ 7ۙ
ڄاڻو ته اوهان ۾ آھِ، خود، سَندو رَبَّ رَسُول، گھڻيون ڳالهيون اَنهنجون، جي ڪري هُوند قبول، ته مُرڳوئـِي مَلول!، اَوهِين اَچِي وِيا آزار ۾. پَر وَڻايو پاڻ ڌَڻِئَ، اَوهان کي اِيمان، سوئـِي اَنهنجي سِينن ۾، سِينگاريو سُبحان، ۽ ناپسند اَنهنجي نظر ۾، ڪيائـِين ڪُفران، پڻ بُڇڙايون ۽ ڀَڃڻ وَرِي، فائـِق جا فرمان، اِهي جَن اَرڪان، آهِن سَواٽا، سي صَحِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَنِعْمَةً ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 8
ڀَلي ڌَڻِئ جي ڀال سان، پڻ اِنهِئَ جي اِحسان، ۽ سَمجھندڙ سُبحان، پڻ حِڪمتِي هوشيار گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنْ طَاۗىِٕفَتٰنِ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ اقْتَتَلُوْا فَاَصْلِحُوْا بَيْنَهُمَا ۚ فَاِنْۢ بَغَتْ اِحْدٰىهُمَا عَلَي الْاُخْرٰى فَقَاتِلُوا الَّتِيْ تَبْغِيْ حَتّٰى تَفِيْۗءَ اِلٰٓى اَمْرِ اللّٰهِ ۚ فَاِنْ فَاۗءَتْ فَاَصْلِحُوْا بَيْنَهُمَا بِالْعَدْلِ وَاَقْسِطُوْا ۭ اِنَّ اللّٰهَ يُـحِبُّ الْمُقْسِطِيْنَ 9
۽ ٻه ڌُريون مُؤمنن مان، جي لڙن هِڪ ٻئي ساڻ، ته پَئـِي وِچ ۾ پاڻ، صُلح ڪرايو اُنهن کي. پوءِ جي اُنهن مان هِڪ، هَرُوڀَرُو وَڌِي ويڙهه ڪري، ته اَوهِين به لَڙو اُن سان، پِڙ ۾ پير ڀَري، وَڃِي، تان وَرِي، اَمر ڏانهن ﷲ جي، پوءِ جي وَري ڪِنهِين وار، ته ٺاهيو عَدل سان اُنهن کي، عدل ۽ انصاف تي، بِيهو برقرار، پاڻئون ڏئي پِيار، آگو اِنصافِيَن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّـمَا الْمُؤْمِنُوْنَ اِخْوَةٌ فَاَصْلِحُوْا بَيْنَ اَخَوَيْكُمْ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَـمُوْنَ ۧ10
مُؤمن مِڙئـِي پاڻ ۾، بي شڪ آهن ڀار، پوءِ ٺاهيو پَنهنجي ڀائرِين، تُرت ڪَڍو تَڪرار، ۽ ڪَنبو ڀَر قهار، ته اَوهان سان اِحسان ٿِئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا يَسْخَرْ قَوْمٌ مِّنْ قَوْمٍ عَسٰٓى اَنْ يَّكُوْنُوْا خَيْرًا مِّنْهُمْ وَلَا نِسَاۗءٌ مِّنْ نِّسَاۗءٍ عَسٰٓى اَنْ يَّكُنَّ خَيْرًا مِّنْهُنَّ ۚ وَلَا تَلْمِزُوْٓا اَنْفُسَكُمْ وَلَا تَنَابَزُوْا بِالْاَلْقَابِ ۭ بِئْسَ الِاسْمُ الْفُسُوْقُ بَعْدَ الْاِيْـمَانِ ۚ وَمَنْ لَّمْ يَتُبْ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الظّٰلِمُوْنَ 11
اي ويساھ وارا!، نه کِلي ذات تان، مَتان موچارا، هُو هُجن، هِن ڪنان. زالون، نَه بِين زالن تان، ڪَن کِل ۽ خواريون، مَتان موچاريون، هُو هُجن، هِن ڪنان. ۽ ڪَچ نه ڪَڍو پاڻ مان، نه رکو بُڇڙو نام، بُڇڙو نالو، مَڃڻ پُوان، مَٺو آھِ مُدام، جَن توبه نه ڪَئـِي تمام، آهن اَنڌارِيَل ئـِي اُهي.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اجْتَنِبُوْا كَثِيْرًا مِّنَ الظَّنِّ ۡ اِنَّ بَعْضَ الظَّنِّ اِثْمٌ وَّلَا تَجَسَّسُوْا وَلَا يَغْتَبْ بَّعْضُكُمْ بَعْضًا ۭ اَيُـحِبُّ اَحَدُكُمْ اَنْ يَّاْكُلَ لَحْمَ اَخِيْهِ مَيْتًا فَكَرِهْتُمُوْهُ ۭ وَاتَّقُوا اللّٰهَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ تَوَّابٌ رَّحِيْمٌ 12
اي اُهي، جَن مَڃيو، صِدق سَچائـِئَ ساڻ!، گَھڻن گُمانن کان پاسو ڪريو پاڻ، بُڇڙا آهِن ڀاڻ، ڪي ڪي وَهم، وُجود جا. ۽ چُڪون ڪِين چَڪاسيو، جوڻت ڪِين جُڳاءِ، اَوهان مان، ڪو ڪِنهن جا، پَرپُٺ پاپ نه ڳاءِ، ڇا، اَوهان مان، ڪِنهن هيڪ کي، وَڻي اِها واءِ، ته ماس مُئل ڀائسِ جو، ويهِي خُوشِئَ مان کاءِ؟ پوءِ جائـِي پَنهنجي جاءِ، بُرو ڀانيان اُن کي. ۽ ڊِڄو اَوهِين اَلله کان، آهي پاڪ اَللهُ ؟ وَرڻ وارو واھ!، پڻ تَرسوند تمام گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اِنَّا خَلَقْنٰكُمْ مِّنْ ذَكَرٍ وَّاُنْثٰى وَجَعَلْنٰكُمْ شُعُوْبًا وَّقَبَاۗىِٕلَ لِتَعَارَفُوْا ۭ اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللّٰهِ اَتْقٰىكُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلِيْمٌ خَبِيْرٌ 13
اِنسانو! جوڙيو سون آن کي، مَنجھان نَر ۽ نار، ۽ ڪياسون قَبِيلا، ڪٖيڙ ڪَئـِين، اوهان کي اِظهار، تان صَحِي سُڃاڻو پاڻ کي، نِشانِيِـين نِروار، اوهان مان اَخلاق ۾، جو نِرمل نيڪو ڪار، عِزّت وارو آھِ سو، قادِر وٽ ڪلتار، صَحِي سَمجھدار، پڻ خُدا خبردار گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَتِ الْاَعْرَابُ اٰمَنَّا ۭ قُلْ لَّمْ تُؤْمِنُوْا وَلٰكِنْ قُوْلُوْٓا اَسْلَمْنَا وَلَمَّا يَدْخُلِ الْاِيْـمَانُ فِيْ قُلُوْبِكُمْ ۭ وَاِنْ تُطِيْعُوا اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ لَا يَـلِتْكُمْ مِّنْ اَعْـمَالِكُمْ شَـيْـــــًٔا ۭ اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 14
اعرابِيَن آکيو ته، آندو سون اِيمان، چَئو، ته مَڃيان نه مُورهِين، پَر آکيو اِئين عيان، ته هَليا سون حُڪمن تي، ظاهِر مَنجھ زمان، ۽ جڏهن مَڃڻ اَوهان جي مَن ۾، ڪيو نه ماڳ مَڪان، رَبَّ سَندسِ رسول جا، جي پارِيندا فَرمان، ته ڪندو نه اَنهنجي ڪمن مان، ذَرو ڪُجھ زِيان، بارِي بي گمان، آهي مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّـمَا الْمُؤْمِنُوْنَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ ثُـمَّ لَمْ يَرْتَابُوْا وَجٰهَدُوْا بِاَمْوَالِهِمْ وَاَنْفُسِهِمْ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الصّٰدِقُوْنَ 15
سَچا مُؤمن مُورهِين، آهِن اُهي اِنسان، رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول تي، آندو جَن اِيمان، تِنهان پوءِ تنهن ۾، نه ڪيائون شڪ گُمان، ۽ سَر تَن ۽ سِرتن پَنهنجا، راھ اَندر رحمان، ڪيائون قُربان، سَچا آهِن، سي صِحِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ اَتُعَلِّمُوْنَ اللّٰهَ بِدِيْنِكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۭ وَاللّٰهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌ 16
چئو، ڇا، ڄاڻايو ٿا پَنهنجو ڌَڻِئَ، خود کي دِين؟ اَلله ته آهي ڄاڻندو، جيڪِي اَندر اُڀ، زمين، بارِي بالابِين، سَمجھندڙ سَڀڪِنهن ڳالھ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَـمُنُّوْنَ عَلَيْكَ اَنْ اَسْلَمُوْا ۭ قُلْ لَّا تَـمُنُّوْا عَلَيَّ اِسْلَامَكُمْ ۚ بَلِ اللّٰهُ يَـمُنُّ عَلَيْكُمْ اَنْ هَدٰىكُمْ لِلْاِيْـمَانِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 17
ٿورو ٿاڦِين پِيا توتي، ته آندائون اِيمان، چئو، اوهان جي اِيمان جِي، مون کي ڪاڻ ڏيکاريو ڪانه، اَلله اَوهان سان ٿو ڪري، اُٽلندا اِحسان، سُهايا سُبحان، جي آهيو صَفا سَچ سِير تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ اللّٰهَ يَعْلَمُ غَيْبَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَاللّٰهُ بَصِيْرٌۢ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ ۧ18
اَلله آهي ڄاڻندو، اُڀ، ڀُويَن جا اَسرا، پڻ ڪريو جي ڪم ڪار، سي ڏِسندڙ آهي ڏيہ ڌَڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاح