048 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 29 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
اِنَّا فَتَحْنَا لَكَ فَتْحًا مُّبِيْنًا 1ۙ
اَسان توتي عَطا ڪئـِي، ظاهِر فَتح ضَرُور،
— مولوي حاجي احمد ملاحلِّيَغْفِرَ لَكَ اللّٰهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْۢبِكَ وَمَا تَاَخَّرَ وَيُتِـمَّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكَ وَيَهْدِيَكَ صِرَاطًا مُّسْتَـقِيْمًا 2ۙ
تان اَلله اَ ڳيان پويان تُنهنجا توکي مَرهي ڪُل قُصور، ۽ پُورِي ڪري تُنهنجِي، توتي نِعمت نَبي نُور؛ ۽ توکي سُهائي واٽ سَنئـِين، هادِي ڏانهن، حضور،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّيَنْصُرَكَ اللّٰهُ نَــصْرًا عَزِيْزًا 3
۽ توکي مَدد مُور، ڏاڍي ڌِئي ڪا ڏيہ ڌڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحهُوَ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ السَّكِيْنَةَ فِيْ قُلُوْبِ الْمُؤْمِنِيْنَ لِيَزْدَادُوْٓا اِيْـمَانًا مَّعَ اِيْـمَانِهِمْ ۭ وَلِلّٰهِ جُنُوْدُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَلِــيْمًا حَكِـيْمًا 4ۙ
آهي، سو اَلله، جو مُؤمنن جي مَن ۾، اُتاري آرام کي، ته ڪِنهنجو ڊَپ، نه ڊاءُ، تان وَڌن سَندنِ وُجودن ۾، ويساھ، گڏ ويساھ، ۽ آهِن اُڀ، زمين جا، سَڀ صاحِب لاءِ سِپاھ، ۽ آگو سو آگاھ، قابِل ڪار ڪَمن ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحلِّيُدْخِلَ الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا وَيُكَفِّرَ عَنْهُمْ سَيِّاٰتِهِمْ ۭ وَكَانَ ذٰلِكَ عِنْدَ اللّٰهِ فَوْزًا عَظِيْمًا 5ۙ
تان مُؤمِن ۽ مُؤمنياڻين، ڏئي جنت ۾ جاڳاھ، جَن وڻن هيٺان، واه! جون وَهن واهيون واھ، سُکيا سَرها اُن ۾، هُوندا هميشاھ، پڻ ميٽي ڇَڏي مِهرسان، اُنهن جا عيب گُناھ، ۽ آهي وَٽ اَلله، اِئَ سوڀ، سَڀن کان وَڏِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّيُعَذِّبَ الْمُنٰفِقِيْنَ وَالْمُنٰفِقٰتِ وَالْمُشْرِكِيْنَ وَالْمُشْرِكٰتِ الظَّاۗنِّيْنَ بِاللّٰهِ ظَنَّ السَّوْءِ ۭ عَلَيْهِمْ دَاۗىِٕرَةُ السَّوْءِ ۚ وَغَضِبَ اللّٰهُ عَلَيْهِمْ وَلَعَنَهُمْ وَاَعَدَّ لَهُمْ جَهَنَّمَ ۭ وَسَاۗءَتْ مَصِيْرًا 6
پڻ کوٽن ۽ کوٽِيُن، سزا ڏِئي سُبحان، پڻ مُشرڪ مَرد، عورتون، جي پُوڄِينِ ٿاڦِيَل ٿان، بُڇڙو بَدگمان، رَکندڙ رَبَّ، رَحمان ۾. مَٿن پَوي مار، ۽ شل ڏمري مَٿنِ ڏيهه ڌڻي! ۽ تڙينِ ۽ ڪيائين تن لئي، تتل باهه تيار، ۽ بُڇڙو ٿيو بِسيار، موٽِي ماڳ رهڻ جو!
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلِلّٰهِ جُنُوْدُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَزِيْزًا حَكِـيْـمًا 7
۽ اَکٽ ڪَٽڪَ اُڀن ۾، پڻ جي ڌرتئَ مَنجھ دَوام، آهِن سَڀ اَللهَ جا، تابِعدار تمام، ۽ آهي رَبّ علام، ڏاڍو ڏاهو ڏيہ ڌَڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّآ اَرْسَلْنٰكَ شَاهِدًا وَّمُبَشِّرًا وَّنَذِيْرًا 8ۙ
توکي مُڪو سون مُورهِين ڪري شاهِد عام، پڻ کِيرون ڏِيندڙ خلق ۾، ۽ ڄاڻوئـِي ڄام،
— مولوي حاجي احمد ملاحلِّتُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ وَتُعَزِّرُوْهُ وَتُوَقِّرُوْهُ ۭ وَتُسَـبِّحُوْهُ بُكْرَةً وَّاَصِيْلًا 9
تان رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول کي، وِسهو سڀ وَريام!، پڻ مَدد ڪريوسِ مَهل تي، ۽ ڏيوسِ مانَ مُدام، پڻ سَدا صُبح، شام، ساراهِيو سُبحان کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ يُبَايِعُوْنَكَ اِنَّـمَا يُبَايِعُوْنَ اللّٰهَ ۭ يَدُ اللّٰهِ فَوْقَ اَيْدِيْهِمْ ۚ فَــمَنْ نَّكَثَ فَاِنَّـمَا يَنْكُثُ عَلٰي نَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ اَوْفٰى بِــمَا عٰهَدَ عَلَيْهُ اللّٰهَ فَسَيُؤْتِيْهِ اَجْرًا عَظِيْمًا ۧ10
جيڪي هَٿ، هَٿ تي رَکِي، ٻَڌن توسان ٻول، اُهي ڪَن ٿا قول، خُود خدا پاڪ سان. آهي سَندو اَلله، هَٿ اُنهن جي، هَٿن تان، پوءِ ڀڳو جِنهن بَدخواھ، تنهِن وِرھ وِهايو پاڻ لئي. ۽ قادِر ساڻ قرار، جنهن ڪيو، سو پاريو، پوءِ ڏِيندو ڏيہ ڏاتار، اَجر وَڏوئـِي اُن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحسَيَقُوْلُ لَكَ الْمُخَلَّفُوْنَ مِنَ الْاَعْرَابِ شَغَلَتْنَآ اَمْوَالُنَا وَاَهْلُوْنَا فَاسْتَغْفِرْ لَنَا ۚ يَقُوْلُوْنَ بِاَلْسِنَتِهِمْ مَّا لَيْسَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ ۭ قُلْ فَـمَنْ يَّـمْلِكُ لَكُمْ مِّنَ اللّٰهِ شَـيْـــــًٔا اِنْ اَرَادَ بِكُمْ ضَرًّا اَوْ اَرَادَ بِكُمْ نَفْعًا ۭ بَلْ كَانَ اللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرًا 11
سِگھو چَوندئـِي سامهون، گوسڙ گاموئـِي، ته مال، عيال اَسان کي، ڪاهِل ڪيوئـِي، پوءِ اَسان لئي عَفو گُھر، عُذر اِهوئـِي، سوچَوَن سَندنِ چَپن سان، جِئَ ۾ نه تن جوئـِي، چئو آن کي ڪير ڪَرِيم کان، اِيندو آڏوئي، جن آن کي ڏَک ڏِيڻ گُھري، يا سُک ڏِئي سَڀَوئـِي، ڪريو ڪم ڪوئـِي، ته آگو آگاھ اُن ڪنان.
— مولوي حاجي احمد ملاحبَلْ ظَنَنْتُمْ اَنْ لَّنْ يَّنْقَلِبَ الرَّسُوْلُ وَالْمُؤْمِنُوْنَ اِلٰٓى اَهْلِيْهِمْ اَبَدًا وَّزُيِّنَ ذٰلِكَ فِيْ قُلُوْبِكُمْ وَظَنَنْتُمْ ظَنَّ السَّوْءِ ښ وَكُنْتُمْ قَوْمًۢا بُوْرًا 12
بَلڪ اوهان ڀانيو، ته مُؤمن ۽ نَبِي نُور، سَدا سَندنِ عيال ڏي، موٽنڊا نه مُور، اُن کي اوهان جي اَندر ۾، ويئـِي زِينت ڏِنِي ضرور، بُڇڙو شَڪ شِڪست جو، ڀانيان بي شُعور، ۽ آهيو اَوهِين مَغرور، قوم بِنَہ بَرباد ڪا.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَنْ لَّمْ يُؤْمِنْۢ بِاللّٰهِ وَرَسُوْلِهٖ فَاِنَّآ اَعْتَدْنَا لِلْكٰفِرِيْنَ سَعِيْرًا 13
۽ جنهن رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول تي، نه اندو اعتبار، پوءِ توڙان اَسان تيار، ڪيو ڪاڙهو ڪافِرن لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلِلّٰهِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ يَغْفِرُ لِمَنْ يَّشَاۗءُ وَيُعَذِّبُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِيْمًا 14
۽ آهي هِڪ اَلله جو، اُڀ، ڀُون تي اِختيار، مَرهي تِنهن کي، مِهر سان، جنهن لئي گُھري غفار، وڻيسِ وَٺي تنهن کي، ڏِئي سَزا سَخت اَپار، صاحِب رَبُّ، ستار، آهي مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو..
— مولوي حاجي احمد ملاحسَيَقُوْلُ الْمُخَلَّفُوْنَ اِذَا انْــطَلَقْتُمْ اِلٰى مَغَانِـمَ لِتَاْخُذُوْهَا ذَرُوْنَا نَتَّبِعْكُمْ ۚ يُرِيْدُوْنَ اَنْ يُّبَدِّلُوْا كَلٰمَ اللّٰهِ ۭ قُلْ لَّنْ تَتَّبِعُوْنَا كَذٰلِكُمْ قَالَ اللّٰهُ مِنْ قَبْلُ ۚ فَسَيَقُوْلُوْنَ بَلْ تَـحْسُدُوْنَنَا ۭ بَلْ كَانُوْا لَا يَفْقَهُوْنَ اِلَّا قَلِيْلًا 15
ويٺل وِهلور چوندا، جڏهن لٿو جَنگاھ، جڏهن جَنگي مال لئي، اوهين رَميا مَٿي راھ، تان رهيل مال ميڙيو، تڏهن وَراڻينِ وِڻاھ، ڇڏيو ته اَسِين اوهان سان، هَلون ٿِي هَمراھ، گُھرن ٿا گُمراھ، ته ڦيرِين اَمر الله جا. چئو، اَوهين اَسان جي پُٺ ۾، نه هَلندا ڪِنهين حال، اَڳيئـِي اَوهان کي چيو، جابِر جَلَّ جَلال، سَهو نه اسان کي اُٽلندو، پوِ چوندا اِهڙِي چال، سَمجھن ڪِين ڪُلال، ري ڳاڻ ڳڻي ڪِنهن ڳالهڙي.
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ لِّـلْمُخَلَّفِيْنَ مِنَ الْاَعْرَابِ سَـتُدْعَوْنَ اِلٰى قَوْمٍ اُولِيْ بَاْسٍ شَدِيْدٍ تُقَاتِلُوْنَهُمْ اَوْ يُسْلِمُوْنَ ۚ فَاِنْ تُطِيْعُوْا يُؤْتِكُمُ اللّٰهُ اَجْرًا حَسَـنًا ۚ وَاِنْ تَتَوَلَّوْا كَـمَا تَوَلَّيْتُمْ مِّنْ قَبْلُ يُعَذِّبْكُمْ عَذَابًا اَلِـــيْمًا 16
گوسڙ گامويَن کي، خبرڏي کري، ته سِگھو سَڏيان قوم ڏي، جا زَبر زور ڀَرِي، وِڙهندا اکِيَن وَرِي، يا اِيندا اُهي اسلام ۾. پوءِ جي حُڪم پاريان، صَحِي بَرصَواب، ته سُهڻو اَجر ثواب، ڏِيندو آن ڏيہ ڌڻِي. ۽ جي وَرِي وَريا پوءِ تي، جِيئن وَرِيا اڳ وَرِي، پوءِ سزا سَخت ڳَرِي، ڏِيندو آن کي ڏيہ ڌڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَيْسَ عَلَي الْاَعْـمٰى حَرَجٌ وَّلَا عَلَي الْاَعْرَجِ حَرَجٌ وَّلَا عَلَي الْمَرِيْضِ حَرَجٌ ۭ وَمَنْ يُّطِعِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ يُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۚ وَمَنْ يَّتَوَلَّ يُعَذِّبْهُ عَذَابًا اَلِـــيْمًا ۧ17
اَنڌي، منڊي ۽ مريض تي، بِلڪُل ناهي بار، جو رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول جو، رهيو تابِعدار، ته باغن مَنجھ بهشت جي، ڏِيندسِ جاءِ جبار، نِيچي جَن جي ناليون، وَهن ويرو تار، جو وَريو پانهِين پار، تنهِن کي سَزا ڏِيندو سَخت گَھڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَقَدْ رَضِيَ اللّٰهُ عَنِ الْمُؤْمِنِيْنَ اِذْ يُبَايِعُوْنَكَ تَـحْتَ الشَّجَرَةِ فَعَلِمَ مَا فِيْ قُلُوْبِهِمْ فَاَنْزَلَ السَّكِيْنَةَ عَلَيْهِمْ وَاَثَابَهُمْ فَتْحًا قَرِيْبًا ۙ18
خُدا ڏاڍو خوش ٿيو، تن مُؤمنن کان مِير! توسان ٻول ٻَڌن پيا، وَڻ هيٺان، جي وِير، پوءِ سَڀ ڪُجھ پاڻ سَمجھيو، جو سَندنِ مَنجھ سَرِير، پوءِ اُتارِي اُنهن مَٿي، خاطرِي خَبِير، ۽ ڏِنو قول قَدِير، اُنهن کي اوڏِئَ سوڀ جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّمَغَانِـمَ كَثِيْرَةً يَّاْخُذُوْنَهَا ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَزِيْزًا حَكِـيْمًا 19
پڻ ميدانِي مال گھڻا، هَٿِين وَٺندا هاڻ، آهي پَروَر پاڻ، سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَعَدَكُمُ اللّٰهُ مَغَانِـمَ كَثِيْرَةً تَاْخُذُوْنَهَا فَعَجَّلَ لَكُمْ هٰذِهٖ وَكَفَّ اَيْدِيَ النَّاسِ عَنْكُمْ ۚ وَلِتَكُوْنَ اٰيَةً لِّــلْمُؤْمِنِيْنَ وَيَهْدِيَكُمْ صِرَاطًا مُّسْتَقِيْمًا ۙ20
واحِد ڏِنوَ واعِدا، گھڻا غنيمت مال، پوءِ تَڪڙِي هئَ، هِڪڙِي فتح، ڏِنيان فِى الحال، ۽ هَٿ مَڪي جي ماڻهِين، آن کان جَھليا جَلَّ جَلال، ۽ مَر ته مڃيندڙن لئي، موجُود هُجي مِثال، پڻ ڀَلو ڪري ڀال، سُهائـِينان واٽ سَنِئين.
— مولوي حاجي احمد ملاح