047 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 38 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
اَلَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَصَدُّوْا عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ اَضَلَّ اَعْمَالَهُمْ 1
اُهي، جَن اِنڪار ڪيو، پڻ روڪيؤن ربَّ جِي راھ، اُنهن جِي اَلله، ڪَئـِي ڪَمائـِي ڪُٽ ڪَئـِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَاٰمَنُوْا بِـمَا نُزِّلَ عَلٰي مُحَمَّدٍ وَّهُوَ الْـحَقُّ مِنْ رَّبِّهِمْ ۙ كَفَّرَ عَنْهُمْ سَـيِّاٰتِهِمْ وَاَصْلَحَ بَالَهُمْ 2
۽ اُهي، جَن مَڃيو ۽ چَڱِي ڪيائون ڪار، پڻ مَڃيؤن، جو مُڪو وِيو، مُحمّد سِر، مُختار، ۽ جو ثابِتَ سَندنِ سائـِين کان، بَرحق برقرار، لاٿائـِينِ لُطف سان، تَن جي بَديَن جا بار، پڻ تَنِين جو تڪرار، هادِئَ حال سُڌاريو.
— مولوي حاجي احمد ملاحذٰلِكَ بِاَنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوا اتَّبَعُوا الْبَاطِلَ وَاَنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّبَعُوا الْـحَقَّ مِنْ رَّبِّهِمْ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ لِلنَّاسِ اَمْثَالَهُمْ 3
اِهو سَڀ اِن ڪري، ته جي پِيا ڪُفر ۾ ڪاهي، سي لاڳاپا لاهي، لڳا پُٺَئَ ڪِي ڪِين جي.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاِذَا لَقِيْتُمُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فَضَرْبَ الرِّقَابِ ۭ حَتّىٰٓ اِذَآ اَثْـخَنْتُمُوْهُمْ فَشُدُّوا الْوَثَاقَ ڎ فَاِمَّا مَنًّـۢا بَعْدُ وَاِمَّا فِدَاۗءً حَتّٰى تَضَعَ الْحَرْبُ اَوْزَارَهَا ڃ ذٰ۩لِكَ ړ وَلَوْ يَشَاۗءُ اللّٰهُ لَانْتَـصَرَ مِنْهُمْ وَلٰكِنْ لِّيَبْلُوَا۟ بَعْضَكُمْ بِبَعْـضٍ ۭ وَالَّذِيْنَ قُتِلُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ فَلَنْ يُّضِلَّ اَعْـمَالَهُمْ 4
پوءِ جڏهن جوٽيو اُنهن سان، جي ڦريا کون فرمان، پوءِ ڪاٽي رکونِ ڪَنڌن کان، مَٿا مَنجھ ميدان، تان جڏهن رت ريليونِ گھڻو؛ نَمايونِ نِڌان، ته جَڪڙيو زنجيرن ۾، ٻَڌِي ڪريونِ ٻان، پوءِ ٿورو ٿاڦڻو، يا ڏَنڊ وَٺڻ ۽ ڏان، جا سِين جَنگ جولان، ويڙهي وَسلا پنهنجا. بَس، ۽ گُھري جي بادشاھ، ته وير وَٺينِ پاڻ، پَر هِڪ ٻِئي تي حَملي ساڻ، ٿو پَرکي آن کي، پاڪ ڌَڻِي. ۽ جيڪي ربَّ جي راھ ۾، شَهِيد ٿيا شاھ، اُنهن جا عَمل اَلله، ڪڏهن وِڃائـِيندو ڪِين ڪي.
— مولوي حاجي احمد ملاحسَيَهْدِيْهِمْ وَيُصْلِحُ بَالَهُمْ 5ۚ
سِگھو سُهائـِيندنِ سَنئين، پڻ سَندنِ سُڌارِيندو حال،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيُدْخِلُهُمُ الْــجَــنَّةَ عَرَّفَهَا لَهُمْ 6
ڏِيندُنِ جاءِ جَنت ۾، ڀَلو ڪري ڀال، اُنهئَ جو اَحوال، اڳواٽ ڏِنائـِين اُنهن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اِنْ تَنْصُرُوا اللّٰهَ يَنْصُرْكُمْ وَيُثَبِّتْ اَقْدَامَكُمْ 7
اي اُهي! جَن الله ۾، آندو اِعتبار، ڪَندا ڌَڻئَ جي دِين جي، آئي ويل وَهار، ته ڏِيندان ڏَڍ ڏاتار، پڻ پُختا، اَنهنجا پير ڪري.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا فَتَعْسًا لَّهُمْ وَاَضَلَّ اَعْــمَالَهُمْ 8
۽ اُهي، جَن ڪُفر ڪيو، پوءِ حيف تَنِين جي حال!، ۽ اُنهن جا اَعمال، بارِئَ سَڀ بَرباد ڪيا.
— مولوي حاجي احمد ملاحذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ كَرِهُوْا مَآ اَنْزَلَ اللّٰهُ فَاَحْبَطَ اَعْـمَالَهُمْ 9
اِهو اِن آڌار، ته مُرڳو مَٺِين ڀائـِيون، جيڪِي اَلله اُتاريو، پوءِ ڪُل سَندِن ڪم ڪار، قادِر رَبَّ ڪلتار، ليکي تان لاهي ڇڏيا.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَفَلَمْ يَسِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ فَيَنْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۭ دَمَّرَ اللّٰهُ عَلَيْهِمْ ۡ وَلِلْكٰفِرِيْنَ اَمْثَالُهَا 10
ڇا، گُھمِي گُمراهن نَه ڪيو، ڌَرِتئَ جو دِيدار؟ پوءِ پاڻان اڳ پِهرِيَن جا، پَسن پَڇاڙِئَ پار، ته قادِر جي قَهر جِي، ٿِي ساڻنِ ڪِهڙي ڪار، اَلله نِيو اُنهن کي، نِرگھٽ نِگون سار، ۽ آهِن اُن آچار، اِنڪارِيَن لئي آفتون.
— مولوي حاجي احمد ملاحذٰلِكَ بِاَنَّ اللّٰهَ مَوْلَى الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَاَنَّ الْكٰفِرِيْنَ لَا مَوْلٰى لَهُمْ ۧ11
سو سَڀ اِن سَبب کان، ته آندو جَن اِيمان، اَلله آهي اُنهن جو، مولا مَددگار، ۽ سَر ۾ سَنڀاليدار، ڪو ڪونهِي ڪافِرن جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ اللّٰهَ يُدْخِلُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا يَتَمَتَّعُوْنَ وَيَاْكُلُوْنَ كَـمَا تَاْكُلُ الْاَنْعَامُ وَالنَّارُ مَثْوًى لَّهُمْ 12
جَن مَڃيو مالِڪ هڪڙو، چڱِي ڪيائون ڪار، باغن مَنجھ بهشت جي، تن ڏِيندو جاءِ جبار، هيٺان جَن هَر وار، واهڙ ڪن ٿا وَهڪرا. ۽ اُهي جَن اِنڪار ڪيو، سي مِڙن مِرون آچار، ۽ کائـِڻ کِيَڻ اِهڙو، جِيئن ڍور چَرن مَنجھ ڍار، ۽ آهي آخِرڪار، دوزخ ديرو اُنهن جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَكَاَيِّنْ مِّنْ قَرْيَةٍ هِىَ اَشَدُّ قُوَّةً مِّنْ قَرْيَتِكَ الَّتِيْٓ اَخْرَجَتْكَ ۚ اَهْلَكْنٰهُمْ فَلَا نَاصِرَ لَهُمْ 13
۽ ڪَئـِين ڳوٺ، تُنهنجي ڳوٺ کان، قُوَّت مَنجھ ڪَثر، جَن توکي تَڙي ڪڍيو، گڏ ساٿِيَن سَربَسر، آندِيسون اُنهن مَٿان، بَربادِي بَرسِر، پوءِ اَندر ساري سَر، ڪو هُئو نَه، حِمايتِي اُنهن جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَفَـمَنْ كَانَ عَلٰي بَيِّنَةٍ مِّنْ رَّبِّهٖ كَمَنْ زُيِّنَ لَهٗ سُوْۗءُ عَمَلِهٖ وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ 14
پوءِ، جو صفا سَچ مَٿي، قائـِم برقرار، ثابِت سَندسِ سائـِينءَ کان؛ ڇا اُهو به اُن آچار؟ اوڳ سَندسِ عَمل جِي، جنهن کي لڳي نيڪ نِبار، ۽ لڳا، لڳاتار، سَندِن سَڌن پُٺيان.
— مولوي حاجي احمد ملاحمَثَلُ الْـجَنَّةِ الَّتِيْ وُعِدَ الْمُتَّقُوْنَ ۭ فِيْهَآ اَنْهٰرٌ مِّنْ مَّاۗءٍ غَيْرِ اٰسِنٍ ۚ وَاَنْهٰرٌ مِّنْ لَّبَنٍ لَّمْ يَتَغَيَّرْ طَعْمُهٗ ۚ وَاَنْهٰرٌ مِّنْ خَمْرٍ لَّذَّةٍ لِّلشّٰرِبِيْنَ ڬ وَاَنْهٰرٌ مِّنْ عَسَلٍ مُّصَفًّى ۭ وَلَهُمْ فِيْهَا مِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَمَغْفِرَةٌ مِّنْ رَّبِّهِمْ ۭ كَـمَنْ هُوَ خَالِدٌ فِي النَّارِ وَسُقُوْا مَاۗءً حَمِيْمًا فَقَطَّعَ اَمْعَاۗءَهُمْ 15
صُورت باغ بهشت جِي، جِنهن جو سَچن سان اَنجام، اَڻ پارو ٿي پاڻِئَ جون، جنهن ۾ جُويون آهنِ جام، ڪي ناليون خالِص کِير جون، جنهن جو مَزو ڦِٽي نَه مُدام، ڪي شاخون پاڪ شراب جون، جَن ۾ نَشي جو نه نام، اِهي سڀ اِنعام، چکندڙن جي چاش لئي. پڻ ماکِئَ صَفا، صاف جون، نهرون وَهن نِبار، پڻ طرحِين تِنهن ۾ تَن لئي، ميوا مَڃر ڏار، پڻ بَخْشَشون بِسيار، سَندِن ربَّ، ستارکان. اُهو ڇا، آهي اُن جِيئن، جو ڄيري مَنجھ ڄَمار، ۽ پاڻِي وِيَن پِياريو، ٻَڙهڪندڙ ٻِيهار، پوءِ ڦاڙي ڦاڙُون ڦار، ڪيائين آنڊا اُنهن جا؟
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمِنْهُمْ مَّنْ يَّسْتَمِعُ اِلَيْكَ ۚ حَتّىٰٓ اِذَا خَرَجُوْا مِنْ عِنْدِكَ قَالُوْا لِلَّذِيْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ مَاذَا قَالَ اٰنِفًا ۣ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ طَبَعَ اللّٰهُ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ 16
۽ توڏي ڪي تَن مَنجھان، ڪَندا آهِن ڪَن، تان جڏهن نِڪتا تو وَٽان، ته عِلم عَطا ٿيو جَن، تڏهن چيائون تَن، ته حَضرت هاڻي ڇا، چيو؟ اُهيئـِي آهِين سي، ته خدا هَٿ کَڻِي؟ هَيَن مُهر هِنيِـين تان، ڌُران پاڪ ڌَڻِي، ۽ هَليا هام هَڻِي، سَندنِ سَڌنِ پُٺ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّذِيْنَ اهْتَدَوْا زَادَهُمْ هُدًى وَّاٰتٰىهُمْ تَقْوٰىهُمْ 17
اُهي، جي هِدايَت حَق مٿي، هَليا اڳ همراھ، سائـِينءَ سُونهپ راھ ۾، وَرِي وَڌايَنِ واھ!، پڻ اُنهن کي اَلله، نيڪِي سَندنِ نَصِيب ڪَئـِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَهَلْ يَنْظُرُوْنَ اِلَّا السَّاعَةَ اَنْ تَاْتِيَهُمْ بَغْتَةً ۚ فَقَدْ جَاۗءَ اَشْرَاطُهَا ۚ فَاَنّٰى لَهُمْ اِذَا جَاۗءَتْهُمْ ذِكْرٰىهُمْ 18
پوءِ اُهي اِنتظار، ٻِيو ڪَڍن ئـِي ڪِين ٿا، مگر اَچينِ اوچتِي، سا اُهکِي ويل اَپار، پوءِ اُوس آيون اُن جون، نِشانيون نِروار، پوءِ جڏهن اَچِي اُن ڪيو، ڪڙڪو سِرڪِپار، تڏهن وِيچارڻ جِي وار، آئـِي ڪٿان اُنهن لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاعْلَمْ اَنَّهٗ لَآ اِلٰهَ اِلَّا اللّٰهُ وَاسْتَغْفِرْ لِذَنْۢبِكَ وَلِلْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ ۭ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ مُتَقَلَّبَكُمْ وَمَثْوٰىكُمْ ۧ19
پوءِ سَچ پَچ سَمجِھي وَڃ تون هِئَ حَقِيقت هيڪار، ته سَر ۾ نَه ، شيوا جِھڙو، ڪو سوا رَبَّ، سَتار، ۽ پَر۾ پَڇتائي پَنهنجا، بخشائِي بَديون بار، ۽ مُؤمن ۽ مؤمنياڻِيَن لئي، ٻاجھون گُھر ٻِيهار، ۽ ڄاڻي جاءِ جَبّار، پڻ ماڳ اَوهان جي موٽ جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيَقُوْلُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَوْلَا نُزِّلَتْ سُوْرَةٌ ۚ فَاِذَآ اُنْزِلَتْ سُوْرَةٌ مُّحْكَـمَةٌ وَّذُكِرَ فِيْهَا الْقِتَالُ ۙ رَاَيْتَ الَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ يَّنْظُرُوْنَ اِلَيْكَ نَظَرَ الْمَغْشِيِّ عَلَيْهِ مِنَ الْمَوْتِ ۭ فَاَوْلٰى لَهُمْ ۚ20
۽ وايون ڪن، جي وِسهيا، ته ڪاسُورت سُنهاري، اُميد ته اُتارِي وَڃي، جڏهن ويئـِي اُتارِي، سُورت صاف حُڪم سان جنهن ۾ ذِڪر جَنگ جارِي، تڏهن ڏِٺئـِي تَن کي، جَن جي بُت ۾ بِيماري، ته ڏِسَنِ توڏي ڏِسَڻِي، اُنهِئ اَگھي وارِي، جَن جِي موت مَت مارِي، پوءِ آهي وَيل اُنهي لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاح