046 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 35 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
حٰــمۗ 1ۚ
پاڻ ئـِي ڄاڻي پاڪ ڌَڻِي، حَقِيقت حامِيم،
— مولوي حاجي احمد ملاحتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَكِيْمِ 2
آهِن ڪِتاب قدِيم مان، هي اُتارا عَظِيم، ڪنان رَبَّ ڪَرِيم، سو سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحمَا خَلَقْنَا السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَآ اِلَّا بِالْـحَـقِّ وَاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا عَمَّآ اُنْذِرُوْا مُعْرِضُوْنَ 3
اَسان نه اُڀ، ڀُون جوڙِيا، پڻ جيڪِي مَنجھسِ جِنسار، مگر سَڀ موجود سِي، اکين اَ ڳيان اِظهار، مُقرّر مُدّت سان، ڌارو ڌار ڄَمار، ۽ اُهي جَن ڪُفر ڪيو، سي آهِن مَنجھ اِنڪار، تِنهن هاڃي کان هيڪار، جِنهن جِي اون ڏني ويئـِي اُنهن کي. 641
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ اَرَءَيْتُمْ مَّا تَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ اَرُوْنِيْ مَاذَا خَلَقُوْا مِنَ الْاَرْضِ اَمْ لَــهُمْ شِرْكٌ فِي السَّمٰوٰتِ ۭ اِيْتُوْنِيْ بِكِتٰبٍ مِّنْ قَبْلِ ھٰذَآ اَوْ اَثٰرَةٍ مِّنْ عِلْمٍ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 4
چئو، سوچيان ڪِي؟ سائـِينءَ ري، جن کي دانهو ٿا دِلِگير!، ڀَلا ڏَسيومِ ته ڀُون مَنجھان، جوڙيؤن ڪو جاگير؟ يا اُنهن جو آھِ اُڀن ۾، ڪو ليکو لَهڻو لِير؟ ڪريو مِ پيش ڪتاب ڪو، اِنهيان اڳيون اَڪسِير، يا توڙان ڪا تَحرِير؟ جي سچاسخن ۾ آهيو؟
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَنْ اَضَلُّ مِـمَّنْ يَّدْعُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَنْ لَّا يَسْتَجِيْبُ لَهٗ ٓ اِلٰى يَوْمِ الْقِيٰمَةِ وَهُمْ عَنْ دُعَاۗىِٕهِمْ غٰفِلُوْنَ 5
۽ ڪُو اٽو ٻِيو ڪير ؟ آهي ويڪ اُن کان، جو اَلله ڇڏيو، اُن کي سَڏي وير سَوير، جو اونائي نه اُن جِي، وِيندي مَحشر وير، هِن دانهيندي ٿئي دير، هُو غافل سندن گوڙ کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَا حُشِرَ النَّاسُ كَانُوْا لَهُمْ اَعْدَاۗءً وَّكَانُوْا بِعِبَادَتِهِمْ كٰفِرِيْنَ 6
ماڻهو جڏهن ميڙيا وِيا، مَنجھ قِيامت ڪارِي، اُهي هُوندا اُنهن جا، ويرِي تِنهن وارِي، ۽ ٿِيندا اِنڪارِي، سَندِن پُوڄا پاٺ کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِمْ اٰيٰتُنَا بَيِّنٰتٍ قَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِلْحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ ۙ ھٰذَا سِحْرٌ مُّبِيْنٌ 7ۭ
۽ جڏهن اسان جون آيتون، نِشانيون نِروار، پَڙهبيون آهن اُنهن تي، جَن عبث ڪيو اِنڪار، ته چيائون صفا سچ کي، جڏهن پَهتو سَندِن پار، ته اکِين ڏِٺو اِظهار، هي ڪارو ڪُو ڪٽ آھِ ڪو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۭ قُلْ اِنِ افْتَرَيْتُهٗ فَلَا تَمْلِكُوْنَ لِيْ مِنَ اللّٰهِ شَيْـــــًٔا ۭ هُوَ اَعْلَمُ بِـمَا تُفِيْضُوْنَ فِيْهِ ۭ كَفٰى بِهٖ شَهِيْدًۢا بَيْنِيْ وَبَيْنَكُمْ ۭ وَهُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 8
ڇا، اُهي اِئين ٿا چون، ته مُون ٺاهيو هِي ٺاھ؟ چئو، مون جي ٺاهيو ٺاھ اِهو، ته سزا وقت صُباح، بنہ بَچائيندَو نه مُون، اَوهين ڪنان اَلله، اِنهيان اُهو آگاھ، جنهن ۾ پَل پَل پَلٽِي ٿا پئو. مون ۽ اَوهان جي وِچ ۾، ساکيِ بَس سوئـِي، ۽ آهي اُهوئـِي، مَرهيندڙ ۽ مِهر ڀَريو.
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ مَا كُنْتُ بِدْعًا مِّنَ الرُّسُلِ وَمَآ اَدْرِيْ مَا يُفْعَلُ بِيْ وَلَا بِكُمْ ۭ اِنْ اَتَّبِــعُ اِلَّا مَا يُوْحٰٓى اِلَيَّ وَمَآ اَنَا اِلَّا نَذِيْرٌ مُّبِيْنٌ 9
چَئو، آئون نه آهيان ڪا، نَبِيَّن مان نَئـِين ڳالھ، ۽ پَريان آئون نه پَروڙيان، ته سَچ پَچ صُباح ڪالھ، مون ۽ اوهان نال، ڪِهڙِي ڪار ڪَئـِي وَڃي. نه هَلان مگر حُڪم تي، جِيئن پُهچي مُنهنجي پارِ، ۽ آئون ٻِيو نه آهيان، ڪو دانهن وِجھندڙ ڌار، سَنديون پَرئـِين پار، کولي ڏِيندڙ خبرون.
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ اَرَءَيْتُمْ اِنْ كَانَ مِنْ عِنْدِ اللّٰهِ وَكَفَرْتُمْ بِهٖ وَشَهِدَ شَاهِدٌ مِّنْۢ بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ عَلٰي مِثْلِهٖ فَاٰمَنَ وَاسْـتَكْبَرْتُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يَهْدِي الْــقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۧ10
چئو، ڪيان ڪو وِيچار، ته جي هُوندؤ پاران حق جي، اُن اهڙي حال ۾، اُوهان ڪيو اِنڪار، ۽ اِسرائـِيل جي اولاد مان، هِڪ ساکِي مَرد سچار، ساک ڏِنائـِينسِ سَچ جِي، پڻ آندئـِين اِعتبار، ۽ اَوهان ڪيو اُٽلندو، تَڪَبُّر تڪرار، ڏاڍن کي ڏاتار، سَنئـِين سُهائي ڪِين ڪِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَوْ كَانَ خَيْرًا مَّا سَبَقُوْنَآ اِلَيْهِ ۭ وَاِذْ لَمْ يَهْتَدُوْا بِهٖ فَسَيَقُوْلُوْنَ ھٰذَآ اِفْكٌ قَدِيْمٌ 11
۽ تَن کي ڪهيو ڪافِرِين، مَڃيو جَن مَذڪور، تَه ڀلو هُجي ها جيڪڏهن، هِي دِين ڪِنهن دَستور، ته مَهند اسان کان مُور، پيرو نه وِيا اُن پار ڏي. ۽ جڏهن نه پِرايؤن اُن مَنجھان، پوءِ سِگھو چون اِن چال، ته آهي هِي هَر حال ڪُوڙ پُڙاڻو پَڌرو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمِنْ قَبْلِهٖ كِتٰبُ مُوْسٰٓى اِمَامًا وَّرَحْـمَةً ۭ وَھٰذَا كِتٰبٌ مُّصَدِّقٌ لِّسَانًا عَرَبِيًّا لِّيُنْذِرَ الَّذِيْنَ ظَلَمُوْا ڰ وَبُشْرٰى لِلْمُحْسِـنِيْنَ ۚ12
۽ آهي مُوسٰى مِير جو، اِن کان قَبل ڪِتاب، سُونهون سَچي ساٿ جو، پَڻ بَرڪت بي حساب، ۽ آهي عَربِي زبان ۾، هِي مُصحف مُستطاب، ڪَندڙ اُن ڪتاب کي صَحِي بَرصواب، تان جَن آزارِيو اُنهن کي، ڏِئي اونُو سَخت عَذاب، پڻ سَندا سُود ثَواب، ڏِئي نِياپا نيڪن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ قَالُوْا رَبُّنَا اللّٰهُ ثُـمَّ اسْـتَـقَامُوْا فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُوْنَ ۚ13
جَن چَيو، ته آهي اَسان جو، پَروَر پالڻهار، موٽِي پَنهنجي ماڳ تي، بِيٺا بَرقرار، پوءِ تَن کي نه ڀَو ڀُلڪار، ۽ نه ڳڻتِي ڪِنهِين ڳالھ جِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْـجَنَّةِ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۚ جَزَاۗءًۢ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 14
اُهي آهِن اَهل بهشت جا، مَنجھسِ خُوش مُدام، اُن عَملن جِي اِنعام، جيڪِي ڪن جھان ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْهِ اِحْسٰـنًا ۭ حَمَلَتْهُ اُمُّهٗ كُرْهًا وَّوَضَعَتْهُ كُرْهًا ۭ وَحَمْلُهٗ وَفِصٰلُهٗ ثَلٰثُوْنَ شَهْرًا ۭ حَتّىٰٓ اِذَا بَلَغَ اَشُدَّهٗ وَبَلَـغَ اَرْبَعِيْنَ سَـنَةً ۙ قَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِيْٓ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِيْٓ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلٰي وَالِدَيَّ وَاَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَاَصْلِحْ لِيْ فِيْ ذُرِّيَّتِيْ ڝ اِنِّىْ تُبْتُ اِلَيْكَ وَاِنِّىْ مِنَ الْمُسْلِمِيْنَ 15
۽ اَسان هَر اِنسان کي، ڏِنِي موچارِي مَت، ته خُوب ڪري خدمت، پَنهنجي پِئُ ۽ ماءُ کي. عرصو اُن جي حَمل جو، ۽ ٽوڙڻ جو ٽِيھ ماھ، تان پُهتو پَنهنجي زور کي، ٿِيو هِمّت ۾ هَمراھ، ۽ وَڃِي چالِيهن کي چَڙهيو، ته دانهِين مَنجھ درگاھ، ته سانـيَمِ! مون ساڄو ڪرِين، اي بالم بادشاھ! مُون ۽ مُنهنجن مائـِٽن، جي دَان ڏِنيئـِي دِلخواھ، ته ڳايان ڳُڻ تُنهنجا، سُکن ڪريان ساراھ، ۽ ڪَم چڱيرا ڪريان، جي توکي وَڻنِ واھ! پڻ مُنهنجي ٻَچن ٻارڙن، نيڪِي ڪَج نيباھ، وريس توڏي ور ڇڏي، جھليم پاند پناھ، آئون آهيان يا اَلله، تهدل تابِعن مان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ نَتَقَبَّلُ عَنْهُمْ اَحْسَنَ مَا عَـمِلُوْا وَنَتَجَاوَزُ عَنْ سَـيِّاٰتِهِمْ فِيْٓ اَصْحٰبِ الْـجَــنَّةِ ۭ وَعْدَ الصِّدْقِ الَّذِيْ كَانُوْا يُوْعَدُوْنَ 16
اِهيئـِي آهِن سي، ته جي ڪيائون ڪَم ڪار، اَسِين اَگھايون اُنهن مان، نيڪيون صاف نِبار، ۽ مَٽي ڇَڏيون مِهرسان، اُنهن جا عيب اَپار، آهِن اَهل بهشت سان، ڀيڙا برقرار، سَچو قول قرار، جِنهن جو اَنجام ڏِجي ٿو اُنهن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّذِيْ قَالَ لِوَالِدَيْهِ اُفٍّ لَّكُمَآ اَتَعِدٰنِنِيْٓ اَنْ اُخْرَجَ وَقَدْ خَلَتِ الْقُرُوْنُ مِنْ قَبْلِيْ ۚ وَهُمَا يَسْتَغِيْثٰنِ اللّٰهَ وَيْلَكَ اٰمِنْ ڰ اِنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ ښ فَيَقُوْلُ مَا ھٰذَآ اِلَّآ اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ 17
۽ چَيو جنهن چَنڊال، پَنهنجي پِئُ ۽ ماءُ کي، ته حيف اوهان جي حال کي، ٿا ڪريو ڪِهڙِي ڳالھ، ته ڪَڍ بَسِ آئون قبر مان، ۽ هوڏانهن اِهو حال، ته سَهسِين صَديون سال، مون کان مَهند گُذرِي وِيا. اِهي ٻَئـِي اَلله کي، پِيا دانهِين دِل وجان، ته وِيا! تولئي وَيل ٻَريو، نه ته آڻ تون اِيمان، آهِن ٻول اَلله جا، بَرحق بي گُمان، ته به بَڪي پِيو بُوزان، ته هِي آکاڻيون اَ ڳيَن جون.
— مولوي حاجي احمد ملاحاُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ حَقَّ عَلَيْهِمُ الْقَوْلُ فِيْٓ اُمَمٍ قَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنَ الْجِنِّ وَالْاِنْسِ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا خٰسِرِيْنَ 18
اِهي سي صَحِي، قول قراريو جَن تي، تَن گِروهن گڏيا، سزا سَخت لَهِي، جِن ۽ ماڻهو مَهند تِنيان، جي وِيا ڪالھ ڪَهِي، حال جَن جو هِي، اُهي کاٽائو کوٽ جا.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِّـمَّا عَـمِلُوْا ۚ وَلِيُوَفِّيَهُمْ اَعْـمَالَهُمْ وَهُمْ لَا يُظْلَمُوْنَ 19
۽ هَر ڪِنهن لئي، جي هتي، ڪيائون ڪم ڪار، تِنهن مُوجب آهِن، اُنهن لئي دَرجا ڌاروڌار، ۽ ڏِيندنِ پَنهنجا پورهيا، پُورا پُورا پار، ۽ تَنِين سان تڪرار، ذرو ظُلم نه ڪيو وَڃي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيَوْمَ يُعْرَضُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا عَلَي النَّارِ ۭ اَذْهَبْتُمْ طَيِّبٰتِكُمْ فِيْ حَيَاتِكُمُ الدُّنْيَا وَاسْتَمْتَعْتُمْ بِهَا ۚ فَالْيَوْمَ تُجْـزَوْنَ عَذَابَ الْهُوْنِ بِـمَا كُنْتُمْ تَسْـتَكْبِرُوْنَ فِي الْاَرْضِ بِغَيْرِ الْحَقِّ وَبِـمَا كُنْتُمْ تَفْسُقُوْنَ ۧ20
۽ جنهن ڏِينهن چِيہ چاڙهبا، نِظاري نِروار، ته هَيا! حَياتئَ هن ۾، جا نَنڍڙِي ۽ نيڪار، کاڌان، کوهيان پَنهنجون، نِعمتون نِبار، ۽ مَزا ماڻيا اُن مان، جِيئن وَڻيان ويرو تار، پوءِ سَزا خُوارِي خُوب جِي، کائو اَڄ خوار!، ته ڀُون ۾ ڀَنوارِيا آهيون، بي واجبِي بَدڪار! ٻِيو پڻ ٻَهار، هَلندا حُڪم کان آهيو.
— مولوي حاجي احمد ملاح