045 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 37 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
حٰــمۗ 1ۚ
ڄاڻي حق حٰمٓ کي، صَحِي بَرصَواب،
— مولوي حاجي احمد ملاحتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَكِيْمِ 2
هِي نازِل نُور ڪتاب، سائـِين سَٻر ۽ سَٻوجھ کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَاٰيٰتٍ لِّلْمُؤْمِنِيْنَ 3ۭ
آهي عَجب اَڀن ۾، پڻ ڀُون ۾ بيشمار، نِيشانيون نِروار، وِسهڻ وارن واسطي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَفِيْ خَلْقِكُمْ وَمَا يَبُثُّ مِنْ دَاۗبَّةٍ اٰيٰتٌ لِّقَوْمٍ يُّوْقِنُوْنَ 4ۙ
۽ اوهان جي اوپاج ۾، آهِن عَجب اُهڃاڻ، پڻ جيڪِي کيڙائو کيہ ۾، پکيڙيائين پاڻ، قوم تِنهِين ڪاڻ، جي خاص گُھرنِ ڪا خاطرِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاخْتِلَافِ الَّيْلِ وَالنَّهَارِ وَمَآ اَنْزَلَ اللّٰهُ مِنَ السَّمَاۗءِ مِنْ رِّزْقٍ فَاَحْيَا بِهِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا وَتَــصْرِيْفِ الرِّيٰــحِ اٰيٰتٌ لِّقَوْمٍ يَّعْقِلُوْنَ 5
۽ ڦيرڻ ۾ ڏينهن رات جي، وارو واري ساڻ، ۽ اَلله اُتاريو اُڀ کان، جو چُوڻُو پاڻِي پاڻ، جنهن سان جِيارِئين زمين کي، سَندسِ سوڪ پُڃاڻ، ۽ وارڻ واسِي وائڙا، هيڏي، هوڏي هاڻ، قوم اُنهِئ ڪاڻ، جي سوچِين سَچي ڳالھ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحتِلْكَ اٰيٰتُ اللّٰهِ نَتْلُوْهَا عَلَيْكَ بِالْـحَقِّ ۚ فَبِاَيِّ حَدِيْثٍۢ بَعْدَ اللّٰهِ وَاٰيٰتِهٖ يُؤْمِنُوْنَ 6
آهِن اِهي اُهڃاڻ، صاحب رَبَّ، ستار جا، صَحِي ثابتن ساڻ، پَڙهون توتي پاڻ، پوءَ اَلله پاڪ ۽ اُن جي پَڌرين پُڃاڻ، حق مَڃِيندا هاڻ، ڳهيلا ڪِهِڙي ڳالهڙي؟
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيْلٌ لِّكُلِّ اَفَّاكٍ اَثِيْـمٍ 7ۙ
ڪاڙهو آهي قَهر جو!، ڪُل ڪوڙي ڪانهياري ڪاڻ،
— مولوي حاجي احمد ملاحيَّسْمَعُ اٰيٰتِ اللّٰهِ تُتْلٰى عَلَيْهِ ثُـمَّ يُصِرُّ مُسْتَكْبِرًا كَاَنْ لَّمْ يَسْمَعْهَا ۚ فَبَشِّرْهُ بِعَذَابٍ اَلِيْـمٍ 8
سُڻي سَگھون سُبحان جون، جي پَڙهِجن مَٿسِ پاڻ، موٽِي رَهيو مَغرور سو، ڪرسُئـِين نه ڪنن ساڻ، پوءِ ڏِينسِ سُڌ سُڄاڻ!، سُورن واري ساڙِجي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَا عَلِمَ مِنْ اٰيٰتِنَا شَيْئَا ۨاتَّـخَذَهَا هُزُوًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ 9ۭ
۽ جڏهن ڄاتئـِين آيتون اَلله جون، ته مَسخرِي بنائـِين مُور، سِٺ وارو سارو سُور، اَ ڳتي آھِ اُنهن لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحمِنْ وَّرَاۗىِٕهِمْ جَهَنَّمُ ۚ وَلَا يُغْنِيْ عَنْهُمْ مَّا كَسَبُوْا شَيْـــــًٔا وَّلَا مَا اتَّـخَذُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ اَوْلِيَاۗءَ ۚ وَلَهُمْ عَذَابٌ عَظِيْمٌ ۭ10
تِنهن سوا سزاتَن لئي، ٻارڻ ٻيو ٻِيهار، ۽ جيڪِي مال ميڙيئون، تَن هرگز نه لاٿيَن هارِ، ۽ جَن کي جھليؤن جَبّار ري، وَسِيلا وَهار، ۽ اُنهن لئي وڏو آزار،
— مولوي حاجي احمد ملاحھٰذَا هُدًى ۚ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِاٰيٰتِ رَبِّهِمْ لَهُمْ عَذَابٌ مِّنْ رِّجْزٍ اَلِيْـمٌ ۧ11
حَقَّ هِدايت آهي هِي. ۽ آيتن کان اَلله جي ڪيو جَن اِنڪار، اُنهن لئي آزار، آهي سزا سخت کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَللّٰهُ الَّذِيْ سَـخَّرَ لَكُمُ الْبَحْرَ لِتَجْرِيَ الْفُلْكُ فِيْهِ بِاَمْرِهٖ وَلِتَبْتَغُوْا مِنْ فَضْلِهٖ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ ۚ12
اَلله تعالىٰ آھِ سو، جنهن قُدرت ساڻ ڪمال، رَکيا اَوهان جي آڻ ۾، ڪيڏا بَحر بَحال، ته مَنجھسِ هَلن سَندسِ حُڪم سان، ٻيڙا چڱِئ چال، ۽ ڀَلـِين ته سَندسِ ڀال، ڳوليو ۽ ڳُڻ ڳائيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَسَـخَّرَ لَكُمْ مَّا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ جَـمِيْعًا مِّنْهُ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّتَفَكَّرُوْنَ 13
۽ ڪيائين پَنهنجي ڪَرم سان، تابع توهان توڙ، جيڪِي آهن اُڀن ۾، پڻ ڀُون ۾ جيڪا جوڙ، اُن ۾ خبرون کوڙ، سوچِين تِنهن ئـِي ساٿ لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ لِّلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا يَغْفِرُوْا لِلَّذِيْنَ لَا يَرْجُوْنَ اَيَّامَ اللّٰهِ لِيَجْزِيَ قَوْمًۢا بِـمَا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ 14
جَن مڃيو، چئو تن کي، ته مرهِينِ تن ميار، جي اصل نه رکن آسرو، ڪمن ۾ ڪلتار، تان جيڪي ڪن ڪم ڪار، سي پاري ڏي، تنهن پهر کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحمَنْ عَـمِلَ صَالِـحًا فَلِنَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ اَسَاۗءَ فَعَلَيْهَا ۡ ثُـمَّ اِلٰى رَبِّكُمْ تُرْجَعُوْنَ 15
جنهن چڱئ ڪَئـِي ته پاڻ لئي، جي بَدِي ته مَٿسِ بار، پنهنجي پَروَر پار، موٽِي اَوهِين موٽائبا.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ اٰتَيْنَا بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ الْكِتٰبَ وَالْحُكْمَ وَالنُّبُوَّةَ وَرَزَقْنٰهُمْ مِّنَ الطَّيِّبٰتِ وَفَضَّلْنٰهُمْ عَلَي الْعٰلَمِيْنَ ۚ16
۽ بَخشيون سون بَنِي اسرائيل کي، ڪتاب برقرار، صَحِي پڻ سَمجھائڻِي، ۽ نُـبُوّت نِبار، ڏِنوسونِ موچاري مال مان، کاڌو خوشگوار، پڻ مَرتبو موچار، ڏِنوسونِ ڏيهن تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاٰتَيْنٰهُمْ بَيِّنٰتٍ مِّنَ الْاَمْرِ ۚ فَـمَا اخْتَلَفُوْٓا اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَهُمُ الْعِلْمُ ۙ بَغْيًۢا بَيْنَهُمْ ۭ اِنَّ رَبَّكَ يَقْضِيْ بَيْنَهُمْ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ فِيْـمَا كَانُوْا فِيْهِ يَـخْتَلِفُوْنَ 17
۽ عطا ڪيوسونِ اَمرمان، ڪي پَڌرايون پاڻ، پوءِ نه بِگڙيا پاڻ ۾، مگر تِنهن پڃاڻ، ته آينِ ڪُجھ عِلم مان، آيتون اُهڃاڻ، هِڪ ٻِئي سان هوڏڪري، مَطلب ماڻڻ ڪاڻ، ڪندو ڏِينهن قِيام جي، سائين سُرت سُڄاڻ، صَفا، سَندنِ ڇڪتاڻ، جنهن تان جڳهڙن پاڻ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحثُـمَّ جَعَلْنٰكَ عَلٰي شَرِيْعَةٍ مِّنَ الْاَمْرِ فَاتَّبِعْهَا وَلَا تَتَّبِـعْ اَهْوَاۗءَ الَّذِيْنَ لَا يَعْلَمُوْنَ 18
موٽِي ڪيوسونئـِي مُور، مُقرر شرع شريف تي، قُدرتِي قانون مان، پوءِ اُن تي هَل حضور! ۽ جَن کي پُورِي نه پَروڙ، تَن جي لاڙن پُٺيان، لَڙ نه تون.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّهُمْ لَنْ يُّغْنُوْا عَنْكَ مِنَ اللّٰهِ شَيْـــــًٔا ۭ وَاِنَّ الظّٰلِمِيْنَ بَعْضُهُمْ اَوْلِيَاۗءُ بَعْضٍ ۚ وَاللّٰهُ وَلِيُّ الْمُتَّقِيْنَ 19
توکي اُهي اَلله کان، نه لاهِين ڪو لاچار، ۽ ظالِم آهن پاڻ ۾، هِڪ ٻئي جا، حامِي يار، ۽ مولىٰ مَددگار، موچارن جو مُورهِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحھٰذَا بَصَاۗىِٕرُ لِلنَّاسِ وَهُدًى وَّرَحْـمَةٌ لِّقَوْمٍ يُّوْقِنُوْنَ 20
هِي چِٽايون ماڻهن لئي، پڻ سُونهپ، ٻاجھ ٻِيهار، تِنهن ساٿ سَڳوري هارِ، جي خاص گُھرن ڪا خاطرِي.
— مولوي حاجي احمد ملاح