044 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 59 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
حٰــمۗ ڔ 1
ڄاڻي حق حٰمٓ، کي،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ ڒ 2
هِي ڪِتاب کُليو قُرآن،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ فِيْ لَيْلَةٍ مُّبٰرَكَةٍ اِنَّا كُنَّا مُنْذِرِيْنَ 3
اُتاريونسِ اُنهِئَ رات ۾، جا ڀَلِي بيگمان، ڏِيندڙ آهيون ڏيہ کي، عام اسين اِعلان،
— مولوي حاجي احمد ملاحفِيْهَا يُفْرَقُ كُلُّ اَمْرٍ حَكِيْمٍ 4ۙ
جنهن ۾ اَسان جي اَمر سان، ڦوڙيا وَڃن فَرمان،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَمْرًا مِّنْ عِنْدِنَا ۭ اِنَّا كُنَّا مُرْسِلِيْنَ 5ۚ
اَسين موڪليندڙ مورِهين، مُرسل مِهربان،
— مولوي حاجي احمد ملاحرَحْـمَةً مِّنْ رَّبِّكَ ۭ اِنَّهٗ هُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 6ۙ
تُنهنجي ربَّ جي رحمت سان، عالم تي اِحسان، سُڻندڙ سو سُبحان، سَمجھندڙ سڀ ڳالھ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحرَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۘ اِنْ كُنْتُمْ مُّوْقِنِيْنَ 7
آگو اُڀ زَمِين جو، پڻ جيڪا مَنجھن جوڙ، آھِ توهان کي توڙ، جي يَڪدل يَقِين آڻڻون.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ يُـحْيٖ وَيُمِيْتُ ۭ رَبُّكُمْ وَرَبُّ اٰبَاۗىِٕكُمُ الْاَوَّلِيْنَ 8
سائـِين ناهي اُن سوا، جِياري، ماري سو، آگو اوهان جو، پڻ اَنهنجن اڳيَن اَبن جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحبَلْ هُمْ فِيْ شَكٍّ يَّلْعَبُوْنَ 9
بَلڪ ڪَن پِيا بَازِيون، وَهمن ۾ وَهلور،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَارْتَـقِبْ يَوْمَ تَاْتِي السَّمَاۗءُ بِدُخَانٍ مُّبِيْنٍ ۙ10
پوءِ ويٺو ڏِس تِنهن وار کي، جڏهن ظاهِر مَنجھ ضَرُور، آڻِيندو اُڀ دونهن کي، جو ڍَڪن ماڻهنِ مُور،
— مولوي حاجي احمد ملاحيَّغْشَى النَّاسَ ۭ ھٰذَا عَذَابٌ اَلِيْمٌ 11
سُورن ڀَريو ساڙسو، سانيَمِ! اُهو سُور،
— مولوي حاجي احمد ملاحرَبَّنَا اكْشِفْ عَنَّا الْعَذَابَ اِنَّا مُؤْمِنُوْنَ 12
ڪر اسان کان دُور، اَسِين مَڃڻ وارا مُورِهين.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَنّٰى لَهُمُ الذِّكْرٰى وَقَدْ جَاۗءَهُمْ رَسُوْلٌ مُّبِيْنٌ ۙ13
ڪِٿان عِبرت اُنهن لئي، آهي اُنهِئَ وار، جَڏهن آيو پَڌرو اُنهن کان،مُرسل مڻيادار،
— مولوي حاجي احمد ملاحثُـمَّ تَوَلَّوْا عَنْهُ وَقَالُوْا مُعَلَّمٌ مَّجْنُوْنٌ ۘ14
پوءِ موڙيؤن مُنهن اُن کان، ۽ ٻوليائون ٻيهار، لڳت کان لاچار، آهي اَوس اُستاد اِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّا كَاشِفُوا الْعَذَابِ قَلِيْلًا اِنَّكُمْ عَاۗىِٕدُوْنَ ۘ15
ڪُجھ وَقت ڪندڙ آهيون، درد اوهان جو دُور، اوهين آهيو اُن ڏِينهن ۾، موٽڻ وارا مُور،
— مولوي حاجي احمد ملاحيَوْمَ نَبْطِشُ الْبَطْشَةَ الْكُبْرٰى ۚ اِنَّا مُنْتَقِمُوْنَ 16
پڪ پڪڙينداسون اُنهن کي، جنهين ڏينهن ضرور، بُڇڙن کان ڀَرپُور، اَسِين وير واريندڙ آهيون.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ فَتَنَّا قَبْلَهُمْ قَوْمَ فِرْعَوْنَ وَجَاۗءَهُمْ رَسُوْلٌ كَرِيْـمٌ ۙ17
۽ فِرعون جي فِرق کي، آزمايو سون اڳوار، ۽ جڏهن آيو اُنهن کي، مُرسل مڻيادار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَنْ اَدُّوْٓا اِلَيَّ عِبَادَ اللّٰهِ ۭ اِنِّىْ لَكُمْ رَسُوْلٌ اَمِيْنٌ ۙ18
ته سُپارِيو سائـِين جا، ٻانها مُون ٻِيهار، آءٌ اوهان هارِ، رَسُول اَمِين آهيان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاَنْ لَّا تَعْلُوْا عَلَي اللّٰهِ ۭ اِنِّىْٓ اٰتِيْكُمْ بِسُلْطٰنٍ مُّبِيْنٍ ۚ19
۽ مٿي نه چَڙهيو مُورهِين، صاحِب، کان ستار، آڻِيندَسِ اَوهان لئي، ڪا نِيشاني نِروار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنِّىْ عُذْتُ بِرَبِّيْ وَرَبِّكُمْ اَنْ تَـرْجُـمُوْنِ ۡ20
مُون ۽ اَنهنجي مالڪ جو، تَڪيو جھليمِ تڪرار، هِن کان ته مون کي، مُفت ڪريو سنگدل سَنگسار،
— مولوي حاجي احمد ملاح