043 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 89 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
حٰــمۗ ڔ 1
ڄاڻي حق حٰمٓ کي،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ ڒ 2
هي آهي ليک عيان،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّا جَعَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 3ۚ
اِن لئي عربي زبان ۾، ڪيوسون قُرآن، تان پاڪ پَڙِهي بيان، سوچيو سَچِئَ ڳالھ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنَّهٗ فِيْٓ اُمِّ الْكِتٰبِ لَدَيْنَا لَعَلِيٌّ حَكِيْمٌ 4ۭ
۽ قابو مُنڍ ڪِتاب ۾، اَسان وَٽ اُهو، سمجھدار سُونهو، بِلڪُل بُلند شان ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَفَنَضْرِبُ عَنْكُمُ الذِّكْرَ صَفْحًا اَنْ كُنْتُمْ قَوْمًا مُّسْرِفِيْنَ 5
اَسين ڇا، اَوهان کان، موڙِينداسون مذڪور؟ اَوهِين مُورک مُور، قوم اَجائـِي آهيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَكَمْ اَرْسَلْنَا مِنْ نَّبِيٍّ فِي الْاَوَّلِيْنَ 6
۽ موڪلياسون مَهندِيَن ۾، ڪَئـِين مُرسل مڻيادار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ نَّبِيٍّ اِلَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 7
۽ اَچينِ اَصل ڪو نه ڪو، نَبِي نيڪ نِبار، مگر، هٖي مَڪار، مَٿانسِ ڪَندا هُئا مَسخريون.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاَهْلَكْنَآ اَشَدَّ مِنْهُمْ بَطْشًا وَّمَضٰى مَثَلُ الْاَوَّلِيْنَ 8
پوءِ اُنهن کان جوڌا جنگ ۾، ماري ڇَڏياسون مُور، ۽ مَهندِيَن جو مَذْڪُور، اَکِيَن اڳيان گُذري چُڪو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَىِٕنْ سَاَلْتَهُمْ مَّنْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ لَيَقُوْلُنَّ خَلَقَهُنَّ الْعَزِيْزُ الْعَلِيْمُ 9ۙ
۽ جي پُڇندينِ ته پَيدا ڪِنهن ڪيا، هي اُڀ، ڀُون عَجب اسرار! مَهندان چَوندا مُورهين، ته جوڙيُنِ تِنهن جَبَّار، جو اَپر عِزتدار، سَمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحالَّذِيْ جَعَلَ لَكُمُ الْاَرْضَ مَهْدًا وَّجَعَلَ لَكُمْ فِيْهَا سُبُلًا لَّعَلَّكُمْ تَهْتَدُوْنَ ۚ10
جنهن بَنايو ڀون کي، اُوهان ڪاڻ وِڇاڻ، ۽ رَستا راهون اُن ۾، ڪيائـِين اَوهان ڪاڻ، سُونهو تان سُڄاڻ!، پَنهنجي گَھر ۽ گام کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّذِيْ نَزَّلَ مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءًۢ بِقَدَرٍ ۚ فَاَنْشَرْنَا بِهٖ بَلْدَةً مَّيْتًا ۚ كَذٰلِكَ تُـخْـرَجُوْنَ 11
۽ جنهن آب اُتاريو اُڀ کان، مُوجب پُوري ماڻ، پوءِ سُڪي سانٺي شهر کي، جياريو سون جِنهن ساڻ، اِهڙي ئـِي اُهڃاڻ، ڪَڍبا اَوهِين قبرن مان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّذِيْ خَلَقَ الْاَزْوَاجَ كُلَّهَا وَجَعَلَ لَكُمْ مِّنَ الْفُلْكِ وَالْاَنْعَامِ مَا تَرْكَبُوْنَ ۙ12
۽ جنهن جوڙيا سڀ جوڙا، ۽ جوڙئـِين جام اَوهان لئي، ٻيڙا ۽ گھوڙا، جَن تي سَدا ڪريو سُواريون.
— مولوي حاجي احمد ملاحلِتَسْتَوٗا عَلٰي ظُهُوْرِهٖ ثُـمَّ تَذْكُرُوْا نِعْمَةَ رَبِّكُمْ اِذَا اسْـتَوَيْتُمْ عَلَيْهِ وَتَـقُوْلُوْاسُـبْحٰنَ الَّذِيْ سَـخَّــرَ لَنَا ھٰذَا وَمَا كُنَّا لَهٗ مُقْرِنِيْنَ ۙ13
تان پُورا وِهون پُٺين تي، تِهانپوءِ تڪرار، ساريو پَنهنجي سائـِينءَ جا، ڪرم برقرار، جڏهن سَوَلا مٿن سواٿيا، ۽ وراڻيو تنهن وار، ته پَڪ پاڪائـِي اُن کي، جنهن اَسان هِيڻن هار، جنهن هِي گھوڙا، ٻيڙا ڪري، ڏِنان تهدِل تابِعدار، ۽ نَه ته نه آهيون، اَسِين اُن کي، وارڻ وارا وار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنَّآ اِلٰى رَبِّنَا لَمُنْقَلِبُوْنَ 14
۽ پنهنجي پَروَر پار، اَسِين مُورهِين آهيون موٽڻا.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَجَعَلُوْا لَهٗ مِنْ عِبَادِهٖ جُزْءًا ۭ اِنَّ الْاِنْسَانَ لَكَفُوْرٌ مُّبِيْنٌ ۧ15
۽ جوڙيؤن جُزو اُن جو، سَندسِ پُڄارِيَن مان پَڪ، بي شُڪرو بي شڪ ماڻهو آهي مُورهِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَمِ اتَّـخَذَ مِـمَّا يَـخْلُقُ بَنٰتٍ وَّاَصْفٰىكُمْ بِالْبَنِيْنَ 16
ڇا جيڪي جوڙئـِين تِنهن مان، ڌِيون ڌُئائـِين پاڻ ؟ ۽ ڪُونڌر اوهان ڪاڻ، پَروَر پاڪ پَسند ڪيا.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَا بُشِّرَ اَحَدُهُمْ بِـمَا ضَرَبَ لِلرَّحْمٰنِ مَثَلًا ظَلَّ وَجْهُهٗ مُسْوَدًّا وَّهُوَ كَظِيْمٌ 17
۽ جڏهن اُنهن مان هِڪ اِنسان کي، مِلِي ڌئَ جي ڌِير، جِنهن جوڙي مِثال ڏِنو، صاحِب لاءِ سُڌِير، ته مُنهن ٿِئَسِ نِير، ۽ اَندر کاڌل آھِ سو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَوَمَنْ يُّنَشَّؤُا فِي الْـحِلْيَةِ وَهُوَ فِي الْـخِـصَامِ غَيْرُ مُبِيْنٍ 18
ڇا، ڄائو سو ڄَڻ جو پَلجي پَٽورِيَن ۾؟ ۽ نه سامهون ڪِنهن به سَڄڻ، ٻاهِر ٻولِي ٻولڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَجَعَلُوا الْمَلٰۗىِٕكَةَ الَّذِيْنَ هُمْ عِبٰدُ الرَّحْـمٰنِ اِنَاثًا ۭ اَشَهِدُوْا خَلْقَهُمْ ۭ سَـتُكْتَبُ شَهَادَتُهُمْ وَيُسْــَٔــلُوْنَ 19
ڇا، مَلڪن ٺَهرايون مادِيون، جي ٻاجھاري جا ٻانها؟ ڇا، ساکي سَندنِ جوڙ تي، هُئا ڌُر کان ديوانا؟ وِهلو لکنداسون وَهِئَ ۾، سَندنِ بيانا، ۽ مُقرر مَستانا، پُڇاڙِي پُڇائـِبا.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَالُوْا لَوْ شَاۗءَ الرَّحْـمٰنُ مَا عَبَدْنٰهُمْ ۭ مَا لَهُمْ بِذٰلِكَ مِنْ عِلْمٍ ۤ اِنْ هُمْ اِلَّا يَـخْرُصُوْنَ ۭ20
۽ چي، گُھريو هُوند غفار، ته پٽيِين نَه پُوڄيوسون اُنهن کي، اُنهن کي اِن ڳالھ جِي، سُڌ نه سَماچار، ڪارن ڪُوڙن ڌار، ٻِيو ٻولِين ڪِين ٿا.
— مولوي حاجي احمد ملاح