042 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 53 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
حٰــمۗ 1ۚ
حٰمٓ
— مولوي حاجي احمد ملاحعۗسۗقۗ 2
عٓـسٓـقٓ کي، ڄاڻي ڄاڻڻهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحكَذٰلِكَ يُوْحِيْٓ اِلَيْكَ وَاِلَى الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِكَ ۙ اللّٰهُ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 3
اِن پَر وَحي موڪلي، تو ۽ اَڳـيَن پارِ، صاحِب رَبّ، سَتار، جو سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ ۭ وَهُوَ الْعَلِيُّ الْعَظِيْمُ 4
اُن لئي اُڀ ۽ ڀويُون، پڻ جيڪا مَنجھنِ جوڙ، ۽ اُهو تَوَنگر توڙ، وَڏِي وَڏائـِئَ جو ڌَڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحتَكَادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرْنَ مِنْ فَوْقِهِنَّ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ يُسَبِّحُوْنَ بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَيَسْتَغْفِرُوْنَ لِمَنْ فِي الْاَرْضِ ۭ اَلَآ اِنَّ اللّٰهَ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 5
اُڀ ذَري گھٽ اُنهن مَٿان، ڦاٽن ڦارون ڦار، ۽ مَلڪ سَندنِ مالِڪ جا، ڳائـِن ڳُڻ نِبار، ۽ مڱن مَعافِيون تَن لئي، جي ڀُون ۾ بَرقرار، صاحِب رَبُّ، سَتار، سو مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀَريو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّذِيْنَ اتَّـخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ اللّٰهُ حَفِيْــظٌ عَلَيْهِمْ ڮ وَمَآ اَنْتَ عَلَيْهِمْ بِوَكِيْلٍ 6
۽ جَن اَجھا ۽ اَوليا، ڌاريا اِنهيان ڌار، اَلله پاڪ اُنهن تي، چونڪِي آهي چوڌار، ۽ سَونپِيَل سَنڀاليدار، تون اَصل ناهِين اُنهن مٿي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَكَذٰلِكَ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ قُرْاٰنًا عَرَبِيًّا لِّتُنْذِرَ اُمَّ الْقُرٰى وَمَنْ حَوْلَهَا وَتُنْذِرَ يَوْمَ الْـجَمْعِ لَا رَيْبَ فِيْهِ ۭ فَرِيْقٌ فِي الْــجَنَّةِ وَفَرِيْقٌ فِي السَّعِيْرِ 7
۽ ڪَيوسون قُرآن عرِبي، اِنپر ته ڍول ! ڊيڄار، اُن سان مُک ڳوٺ کي، پڻ اُن جون ڪَنڌيون، ڪِنار، ۽ ميلي مَحشر ڏِينهن کان، جنهن ۾ وَهم نه وار، ڪا جوڙي جَنَّت پار، ۽ ڪا ٽولِي ٽانڊي وِچم.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَوْ شَاۗءَ اللّٰهُ لَـجَعَلَهُمْ اُمَّةً وَّاحِدَةً وَّلٰكِنْ يُّدْخِلُ مَنْ يَّشَاۗءُ فِيْ رَحْـمَتِهٖ ۭ وَالظّٰلِمُوْنَ مَا لَهُمْ مِّنْ وَّلِيٍّ وَّلَا نَصِيْرٍ 8
۽ قادِر گُھريو ڪَر، ته ڪَيائـِين مِڙِئي ميڙ يَڪو، پَر پَروَر پنهنجي ٻاجھ ۾، جنهن کي گُھري، ڏيٿو گَھر، ۽ نه ٻيلِي، نه ڏِيندڙ ٻَر، ڪو ڏُکـئي ڏِينهن ڏکوئـِيندڙِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَمِ اتَّـخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۚ فَاللّٰهُ هُوَ الْوَلِيُّ وَهُوَ يُـحْيِ الْمَوْتٰى ۡ وَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 9ۧ
ڇا، اولا ۽ اَولياء، ڌاريؤن اِنهيان ڌار؟ پوءِ جو مُئا جِياري مُورهِين، ۽ اَللهُ اُهو آڌار، ۽ سوئـِي رَبُّ، ستار، قادِر هَر ڪم ڪار تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا اخْتَلَفْتُمْ فِيْهِ مِنْ شَيْءٍ فَـحُكْـمُهٗ ٓ اِلَى اللّٰهِ ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبِّيْ عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ ڰ وَاِلَيْهِ اُنِيْبُ 10
۽ ڪهڙي ڪِنهن ڪَم ڪار ۾، توهان ڪيو تڪرار، پوءِ آخِر اُن جو فيصلو، آهي پَروَر پاري، سائـِين مُنهنجو سو ڌَڻي، جنهن کي سونپيمِ سڀ ڪم ڪار، ۽ موٽان ڏانهسِ مُورهين،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاطِرُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ جَعَلَ لَكُمْ مِّنْ اَنْفُسِكُمْ اَزْوَاجًا وَّمِنَ الْاَنْعَامِ اَزْوَاجًا ۚ يَذْرَؤُكُمْ فِيْهِ ۭ لَيْسَ كَـمِثْلِهٖ شَيْءٌ ۚ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْبَصِيْرُ 11
ٻِيا طرف ڇَڏيمِ تڪرار، اُپائيندڙ اُڀ، ڀُويون، نَئـِين سِر نِروار، جوڙئينِ جوڙا، جويُون، اَوهان مان اَوهان هار، پڻ جوڙا جانور مان، جوريا جوڙڻهار، اوهان کي انهئَ ۾، پکيڙِين هَر پارِ، جِھڙسِ ناھ جھان ۾، جِنس، ڪو جِنسار، سڻندڙ سو ستار، پڻ ڏِسندڙ ساري ڏيہ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَهٗ مَقَالِيْدُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۚ يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَنْ يَّشَاۗءُ وَيَقْدِرُ ۭ اِنَّهٗ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيْمٌ 12
ڪُنجون اُڀن ۽ ڀُون جون، ان جي هَٿ هَموار، وَڻيسِ وَڌائي رِزق تِنهن، جنهن کي گُھري جبار، ۽ ڪِنهن تي تنگ ڪري تڪرار، سو سَمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحشَرَعَ لَكُمْ مِّنَ الدِّيْنِ مَا وَصّٰى بِهٖ نُوْحًا وَّالَّذِيْٓ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ وَمَا وَصَّيْنَا بِهٖٓ اِبْرٰهِيْمَ وَمُوْسٰى وَعِيْسٰٓى اَنْ اَقِيْمُوا الدِّيْنَ وَلَا تَتَفَرَّقُوْا فِيْهِ ۭ كَبُرَ عَلَي الْمُشْرِكِيْنَ مَا تَدْعُوْهُمْ اِلَيْهِ ۭ اَللّٰهُ يَجْتَبِيْٓ اِلَيْهِ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْٓ اِلَيْهِ مَنْ يُّنِيْبُ 13
ڌڻئَ اوهان لئي دِين ڪيو، قائـِم برقرار، جنهن جي ڪيائـِين نوح کي، نصِحيت نِبار، ۽ جو توڏي ڪيوسون وِير! وَحي، پڻ جيڪا پاڪ پَچار، عيسٰى، موسٰى ۽ اِبراهِيم کي، آڇِيسُون اِظهار، ته قائم ڪريو دِين کي، ۽ نه ٿِيو تِنهن ۾ ڌار، جنهن ڏي ڪوٺينِ ڪافِرِين، سو بَڙو مَٿنِ بار، ڌَڻِي نه ڌُڻي تِنهن کي، جنهن کي گُھري غَفار، ۽ تِنهن سُهائـِي سَئون پار، جو موٽي ڏانهسِ مورهِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا تَفَرَّقُوْٓا اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَهُمُ الْعِلْمُ بَغْيًۢا بَيْنَهُمْ ۭ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِنْ رَّبِّكَ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّي لَّقُضِيَ بَيْنَهُمْ ۭ وَاِنَّ الَّذِيْنَ اُوْرِثُوا الْكِتٰبَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ لَفِيْ شَكٍّ مِّنْهُ مُرِيْبٍ 14
۽ نَه ٿيا ڌُريؤن ڌار، مگر مُقرر اِن پُٺيان، ته آئـِي اُنهن کي عِلم مان، صَحِي سَماچار، هِڪ ٻِئي سان هوڏ ڪري ۽ مَطلب ماڻڻهار، هُوند وَهَيو نَه، تُنهنجي والِئَ کان، قَلم بَرقرار، مُقرر مُدت پارِ، ته وِين نِياءُ نِبيرِيو. ۽ اُهي، جَن عَطاٿيو، تن کان بَعد ڪتاب، آهن اُنهِئَ باب، گُمان گاڏهِين شڪ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَلِذٰلِكَ فَادْعُ ۚ وَاسْتَقِمْ كَـمَآ اُمِرْتَ ۚ وَلَا تَتَّبِـعْ اَهْوَاۗءَهُمْ ۭ وَقُلْ اٰمَنْتُ بِـمَآ اَنْزَلَ اللّٰهُ مِنْ كِتٰبٍ ۚ وَاُمِرْتُ لِاَعْدِلَ بَيْنَكُمْ ۭ اَللّٰهُ رَبُّنَا وَرَبُّكُمْ ۭ لَنَآ اَعْـمَالُنَا وَلَكُمْ اَعْـمَالُكُمْ ۭ لَا حُـجَّةَ بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمْ ۭ اَللّٰهُ يَجْمَعُ بَيْنَنَا ۚ وَاِلَيْهِ الْمَصِيْرُ ۭ15
اُنهِئَ پر پُوڪار، پَنهنجي پَروَر پاڪ کي، ۽ جِيئن اَمر ٿئـِي، اُنتي پُختا پير بِيهار، ۽ هَل نَه سَندنِ سَڌنِ پُٺيان، ۽ چئو، آندمِ اِعتبار، اَلله جي اُتارِيا، نُسخا نُور، نِبار، ۽ اَمر ٿِـيُمِ ته اَوهان وِِچ، ڪريان عدل سان آچار، اَسان جو ۽ اَوهان جو، هِڪ پَروَر پالڻهار، اَسان جا ڪَم اَسان لئي، اَوهان جا اَوهان هار، اَسان ۽ اوهان وچ ۾، ٻِي ٻولِي ناھ ٻِيهار، پَنهنجو پَروَر پاڪ ڪندو، ميلو مَحشَر وار، ۽ اُن ڏي آخِرڪار، هرگز آهي هَلڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّذِيْنَ يُحَاۗجُّوْنَ فِي اللّٰهِ مِنْۢ بَعْدِ مَا اسْتُجِيْبَ لَهٗ حُـجَّــتُهُمْ دَاحِضَةٌ عِنْدَ رَبِّهِمْ وَعَلَيْهِمْ غَضَبٌ وَّلَهُمْ عَذَابٌ شَدِيْدٌ 16
اَجايو اَلله ۾، جي تَڙيل ڪَن تَڪرار، جنهن بَعد بيشڪ ڪيو ويو، اُنهِئَ لئي اِقرار، باطِل بات اُنهن جِي، بَحث سَندنِ بيڪار، مالِڪ وَٽ مُورهِين، ۽ مٿن ڏمر ڏاتار، آهي اُنهن هار، سُورن ڀَريو ساڙ ڪو!
— مولوي حاجي احمد ملاحاَللّٰهُ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ الْكِتٰبَ بِالْـحَقِّ وَالْمِيْزَانَ ۭ وَمَا يُدْرِيْكَ لَعَلَّ السَّاعَةَ قَرِيْبٌ 17
اَلله جنهن اُتاريو، ڪامِل هِي ڪِتاب، سَچ تي ۽ ساهمِي؛ ۽ ڪِنهن ڏنِئي سُڌ صَواب؟ ته هرگز روز حساب، اوڏي اُهکِي وار سا.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَسْتَعْجِلُ بِهَا الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِهَا ۚ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا مُشْفِقُوْنَ مِنْهَا ۙ وَيَعْلَمُوْنَ اَنَّهَا الْـحَقُّ ۭ اَلَآ اِنَّ الَّذِيْنَ يُـمَارُوْنَ فِي السَّاعَةِ لَفِيْ ضَلٰلٍۢ بَعِيْدٍ 18
تِنهنِ لئي تَڪڙائـِين گھڻو، جي نه مَڃِيننَسِ مُور، ۽ ڏَرندڙ اُن کان ڏِيل ۾، مَڃيو جَن مَذڪور، ۽ ڀانئـِن ته برحق آهي سا، مُقرر مَنظور؛ سَمجھ ته، جيڪي ساعت ۾، وَهم رَکن وَهلور، مُنجھيل سي مَجبور، ڪِنهن ڏولائي ڏور ۾!
— مولوي حاجي احمد ملاحاَللّٰهُ لَطِيْفٌۢ بِعِبَادِهٖ يَرْزُقُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۚ وَهُوَ الْقَوِيُّ الْعَزِيْزُ ۧ19
سائـِين سَٻاجھو گھڻو، سَندسِ سپاهِيَن ساڻ، جنهن کي گُھري جَلَّشانہ، سُرهي ڏيئي سانجاڻ، ۽ پُهچ وارو پاڻ، جابِر ڪُل جهان تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحمَنْ كَانَ يُرِيْدُ حَرْثَ الْاٰخِرَةِ نَزِدْ لَهٗ فِيْ حَرْثِهٖ ۚ وَمَنْ كَانَ يُرِيْدُ حَرْثَ الدُّنْيَا نُؤْتِهٖ مِنْهَا وَمَا لَهٗ فِي الْاٰخِرَةِ مِنْ نَّصِيْبٍ 20
جو پوک گُھري پَرلوڪ لئي، ته پوک وَڌايونسِ پاڻ، جو کيڙي، پوکي کيٽ کي، دُنيا دُرڙِي ڪاڻ، ته ڏيونسِ مَنجھانسِ ڏاڻ ، ۽ پُورِي نه سَندسِ پَرلوڪ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاح