041 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 54 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
حٰـمۗ 1ۚ
حَقِيقت حٰمٓ جي، ڄاڻي ڄاڻڻهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحتَنْزِيْلٌ مِّنَ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْـمِ 2ۚ
هِي اُتارا اَطْهار، سَخِي سَٻاجھي ڪنان.
— مولوي حاجي احمد ملاحكِتٰبٌ فُصِّلَتْ اٰيٰتُهٗ قُرْاٰنًا عَرَبِيًّا لِّــقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 3ۙ
ڪِتاب ڪَرِيم، جنهن جا فرمودا، فرمان، کوليا خوب طرح وِيا، عَرِبئَ ۾ آسان، تِنهن قوم لئي قرآن، جي صَحِي سوچِين ڳالهيون.
— مولوي حاجي احمد ملاحبَشِيْرًا وَّنَذِيْرًا ۚ فَاَعْرَضَ اَكْثَرُهُمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُوْنَ 4
کِيرون ڏِيندڙ خير جون، پڻ ڄيري ڪندڙ ڄاڻ، پوءِ گھڻا مُنهن موڙي ويا، اَنهن مان اَڄاڻ، پوءِ سُڻنِ نه ڪَنن ساڻ، اُهي واڪا ۽ واڌائيون.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَالُوْا قُلُوْبُنَا فِيْٓ اَكِنَّةٍ مِّـمَّا تَدْعُوْنَآ اِلَيْهِ وَفِيْٓ اٰذَانِنَا وَقْرٌ وَّمِنْۢ بَيْنِنَا وَبَيْنِكَ حِـجَابٌ فَاعْـمَلْ اِنَّنَا عٰـمِلُوْنَ 5
۽ چيائون، ته چِت اَسان جا، آهِن پَردن ۾ پاڻ، جنهن ڏي، سَڏيِينِ تون، ۽ اُن کان ٻِي، ڪَنن ۾ ٻوڙاڻ، ۽ تو ۽ اَسان جي وِچ ۾، ڪو حِجاب آهي هاڻ، پوءِ عَمل ڪر اڳواڻ! اَسِين بِه عامِل آهيون.
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ اِنَّـمَآ اَنَا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ يُوْحٰٓى اِلَيَّ اَنَّـمَآ اِلٰــهُكُمْ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ فَاسْتَقِيْمُوْٓا اِلَيْهِ وَاسْتَغْفِرُوْهُ ۭ وَوَيْلٌ لِّـلْمُشْرِكِيْنَ 6ۙ
چئو، آئون بيشڪ آهيان، ماڻهو اَوهان مِثال، وَحِي ڪَئـِي ٿِي وَڃي، مون ڏي هِئَ مَقال، ته آهي سائـِين اَنهنجو، بيشڪ هِڪ بحال، پوءِ سَنوان سِڌا اُن ڏي، هَلو هر ڪِنهن حال، ۽ تِنهن کي سَڏ، سُوال، بي شڪ ڪريو بَخشِيش جا. ۽ ٻَر ٻَر! ٻيلارن لئي، جي گَڏِين ساڻِس غير،
— مولوي حاجي احمد ملاحالَّذِيْنَ لَا يُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ كٰفِرُوْنَ 7ۙ
ڏِين نه ڏکيَن ڏان ڪو، خدا ڪارڻ خير، ۽ ڦِريَل بنا ڦير، اُهي آهِن آخِرت کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ اَجْرٌ غَيْرُ مَـمْنُوْنٍ 8ۧ
مَڃيو جَن مَذڪُور، پڻ موچارا ڪم ڪيا، ته مَهندان آهي مُور، اکٽ اُجُورو اُنهن لئي،
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ اَىِٕنَّكُمْ لَتَكْفُرُوْنَ بِالَّذِيْ خَلَقَ الْاَرْضَ فِيْ يَوْمَيْنِ وَتَجْعَلُوْنَ لَهٗ ٓ اَنْدَادًا ۭ ذٰلِكَ رَبُّ الْعٰلَمِيْنَ 9ۚ
چئو، اَوهين ڇا، آهِيو، اُن جا اِنڪارِي؟ جنهن ڏاتر ٻِن ڏِينهَن ۾، ڀُون بَنائـِي سارِي، ۽ ٺاهِيو، ٻِيا ڪم ڪار ۾، تِنهن سان تڪرارِي، بي شڪ سوبارِي، آهي صاحب، سَڀ جھان جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَجَعَلَ فِيْهَا رَوَاسِيَ مِنْ فَوْقِهَا وَبٰرَكَ فِيْهَا وَقَدَّرَ فِيْهَآ اَقْوَاتَهَا فِيْٓ اَرْبَعَةِ اَيَّامٍ ۭ سَوَاۗءً لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 10
۽ مٿاهان تِنهن مٿان، جوڙيا جَبل جبار، ۽ وَڌائـِين واھ جا، مَنجھسِ وَئَ وَلهار، ۽ کاڌا کاڄ اُنهن جا، مَنجھسِ ڪَٿيا ڪلتار، چَئن ڏِينهن ۾ ڏاتار، پُورو جواب پُڇَندڙين
— مولوي حاجي احمد ملاحثُـمَّ اسْتَوٰٓى اِلَى السَّمَاۗءِ وَهِىَ دُخَانٌ فَقَالَ لَهَا وَلِلْاَرْضِ ائْتِيَا طَوْعًا اَوْ كَرْهًا ۭ قَالَتَآ اَتَيْنَا طَاۗىِٕعِيْنَ 11
وَرِي اُڀ ڏي آئـِيو، جو بلڪل هُئو بخار، پوءِ اُن کي، پڻ زمين کي، ڪَهيو رَبَّ، قهار، ته اَچو سَرها اَرها؛ وراڻيون تِنهن وار، ته سَرها ٿِي سَرڪار!، آياسون تو اڳيان.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَقَضٰهُنَّ سَبْعَ سَمٰوَاتٍ فِيْ يَوْمَيْنِ وَاَوْحٰى فِيْ كُلِّ سَمَاۗءٍ اَمْرَهَا ۭ وَزَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِـمَصَابِيْحَ ڰ وَحِفْظًا ۭ ذٰلِكَ تَقْدِيْرُ الْعَزِيْزِ الْعَلِيْمِ 12
پوءِ سَت اُڀ، ڪيو تيار اُنهن کي، ٻِن ڏِينهَن ۾ ڏاتار، ۽ هَر اُڀ کي، وَحِي اُن جا، ڪيائـِين ڪم ڪار، ۽ اُڀ سِينگاريوسون، اوڏڙو، سِين قَندِيلَن قطار، پڻ اُڀن تي اِبليس کان چونڪِئَ لئي چوڌار، آهي اِها اِظهار، سِٽا سَٻر ۽ سَٻوجھ جِي،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاِنْ اَعْرَضُوْا فَقُلْ اَنْذَرْتُكُمْ صٰعِقَةً مِّثْلَ صٰعِقَةِ عَادٍ وَّثَـمُوْدَ ۭ13
پوءِ، جي اُنهن اِنڪار ڪيو، ته کولي ڏي خبر، ته آن کي، ڪيو اِطلاع مون، قابُو ڪَڙڪي ڀَر، وَاقعي تِنهن وانگر، جو آهي عاد، ثمود جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذْ جَاۗءَتْهُمُ الرُّسُلُ مِنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ اَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّا اللّٰهَ ۭ قَالُوْا لَوْ شَاۗءَ رَبُّنَا لَاَنْزَلَ مَلٰۗىِٕكَةً فَاِنَّا بِـمَآ اُرْسِلْتُمْ بِهٖ كٰفِرُوْنَ 14
آيا سَندِن اَ ڳ، پوءِ کان، جڏهن پارِس پيغمبر، ته ڌاران ڌڻئَ هيڪڙي، ٻيو پوڄيو نه ڪِنهِين پَر، چي، آگي اَسان جي، جي گُھريو ته مَلڪ مُڪائـِين ڪَر، پوءِ جنهن جو اوهان کي اَمر، اَسِين اِنڪارِي اُن ڪنان.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاَمَّا عَادٌ فَاسْـتَكْبَرُوْا فِي الْاَرْضِ بِغَيْرِ الْـحَقِّ وَقَالُوْا مَنْ اَشَدُّ مِنَّا قُوَّةً ۭ اَوَلَمْ يَرَوْا اَنَّ اللّٰهَ الَّذِيْ خَلَقَهُمْ هُوَ اَشَدُّ مِنْهُمْ قُوَّةً ۭ وَكَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَـجْــحَدُوْنَ 15
پوءِ ظالمِ عاد زَمِين ۾، ڪيو، هَٺ، حَق بغير، چي، آھِ اَسان کان زور ۾، ڪَسر قرارو ڪير؟ ڇا، ڳهيلن هِن ڳالھ کي، نه وِيچاريو ڪِنهن وير؟ ته اَلله جَلَّ جَلالہٗ جِنهن جوڙئيَنِ، ڏيئـِي هَٿ، پير، سو زَبر تَن کان زور ۾، مِڙِني کان مَٿير، ۽ ٺَلها کائـِن ڦير، اسان جي اُهڃاڻن کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا صَرْصَرًا فِيْٓ اَيَّامٍ نَّحِسَاتٍ لِّنُذِيْقَهُمْ عَذَابَ الْخِــزْيِ فِي الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ۭ وَلَعَذَابُ الْاٰخِرَةِ اَخْزٰى وَهُمْ لَا يُنْصَرُوْنَ 16
پوءِ اُماڻيوسون اُنهن مَٿي، ڌُوڌُو واء ڌَمڪار، ڏُهاڳِين ڏِينهَن ۾، تان مَنجھ ڄامڙِي ڄَمار، چَکايون خوارِئَ خُوب جو، اُنهن کي آزار، ۽ آهي عذاب آخرت جو، ڪندڙ خُوب خوار، ۽ جِنهن حالت ۾ تَن هارِ، وَرندو ڪير نه واهِرُو!.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَمَّا ثَـمُوْدُ فَهَدَيْنٰهُمْ فَاسْتَــحَبُّوا الْعَمٰى عَلَي الْهُدٰى فَاَخَذَتْهُمْ صٰعِقَةُ الْعَذَابِ الْهُوْنِ بِـمَا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ ۚ17
پر سَنئينءَ واٽ ثَـمُود کي، پوءِ آچيو سونِ اِظهار، ته ڪَيؤن سُونهپ صاف تي، اَنڌپ اِختيار، پوءِ قابُو ڪَڙڪي پَڪڙيا، جو اُ گرو حَد آزار، ڪَندا هُئا، جا ڪار، ڪارڻ تنهن ڪاراٺ جي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَنَجَّيْنَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَكَانُوْا يَتَّقُوْنَ ۧ18
۽ پوءِ آجو ڪيوسون اُنهن کي، آندو جَن اِيمان، ۽ جيڪي منجھ جَھان، هُئا ثابِت رَکندا سِيل کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيَوْمَ يُحْشَرُ اَعْدَاۗءُ اللّٰهِ اِلَى النَّارِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 19
۽ جنهن ڏِينهن عدو اَلله جا، ڪَبا ڀيڙا پاسي باھِ،
— مولوي حاجي احمد ملاححَتّىٰٓ اِذَا مَا جَاۗءُوْهَا شَهِدَ عَلَيْهِمْ سَمْعُهُمْ وَاَبْصَارُهُمْ وَجُلُوْدُهُمْ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 20
پوءِ قطاري ڪاهِبا، تان آيا، سِر آڙاھ، ڀَري بِيٺا اُنهن مَٿي، سَندنِ گوش گُواھ، پڻ سَنديون اُنهن اکيون، پڻ جي کَلون مٿان ماھ، جي ڪندا هُئا گُناھ، تِنهن مُوجِب مَحشر ماڳ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاح