040 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 85 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
حٰـمۗ 1ۚ
حَقِيقَت حٰمٓ جي، ڄاڻي ڄاڻڻهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْعَلِيْمِ 2ۙ
آهِن ڪتاب قديم مان، هِي اُتارا اِظهار، پاران پَروَر پاڪ جي، سو سَٻر، سَمجھدار،
— مولوي حاجي احمد ملاحغَافِرِ الذَّنْۢبِ وَقَابِلِ التَّوْبِ شَدِيْدِ الْعِقَابِ ۙ ذِي الطَّوْلِ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۭ اِلَيْهِ الْمَصِيْرُ 3
بَديون بَخشِيندڙ، توبه سان، ڪندڙ معاف مَيار، سَزا ڏِيڻ ۾ سَخت گَھڻو، سَدا شاهوڪار، ٻِيو ڌَڻِي، نه اُن کان ڌار، آخِر به اُن ڏي هَلڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحمَا يُـجَادِلُ فِيْٓ اٰيٰتِ اللّٰهِ اِلَّا الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فَلَا يَغْرُرْكَ تَــقَلُّبُهُمْ فِي الْبِلَادِ 4
آيتن ۾ اَلله جي، تَن ڌاران، دَڙي نه ڪير، ڦِريا جي فَرمان کان، پِوءِ ڌُتارئـِي نه دِلير! سَندنِ سفر سَير، شَهرِين، بَحرِين شانَ سان.
— مولوي حاجي احمد ملاحكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّالْاَحْزَابُ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ۠ وَهَـمَّتْ كُلُّ اُمَّةٍۢ بِرَسُوْلِهِمْ لِيَاْخُذُوْهُ وَجٰدَلُوْا بِالْبَاطِلِ لِيُدْحِضُوْا بِهِ الْـحَقَّ فَاَخَذْتُهُمْ ۣ فَكَيْفَ كَانَ عِقَابِ 5
اُنهن کان اڳڀرو، ڪوٺِي ڪُوڙي ڳالھ، قوم نوح نِهال، پڻ تَن پُڃاڻا نِپٽ ٻِيا. ۽ هَر پَنٿ پَہ پَچائـِيو ، پَنهنجي پَيغمبر ڪاڻ، تان بَند ڪَنِس ۽ بَحث ٻَڌئون، بِلڪُل باطِل ساڻ، ته ساڻسِ صَفا سَچ کي، هيٺ هَڻِي ڪَن هاڻ، پوءِ پَڪڙِيُمِ اُنهن کي پاڻ، ڏِس قهر مُنهنجو آھِ ڪِيئَن.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَكَذٰلِكَ حَقَّتْ كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَي الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اَنَّهُمْ اَصْـحٰبُ النَّارِ ڤ 6
۽ حُڪم تُنهنجي رَبَّ جو، ثابِت ٿِيو صَحِي، اِهڙِئَ پَر اُنهن مَٿي، جي وِيا، ڪُفر ڏانهن ڪَهِي، آھِ حقَيِقت هِي، ته اُهي آهن ڀاتِي باھِ جا.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَّذِيْنَ يَـحْمِلُوْنَ الْعَرْشَ وَمَنْ حَوْلَهٗ يُسَبِّحُوْنَ بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَيُؤْمِنُوْنَ بِهٖ وَيَسْتَغْفِرُوْنَ لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۚ رَبَّنَا وَسِعْتَ كُلَّ شَيْءٍ رَّحْـمَةً وَّعِلْمًا فَاغْفِرْ لِلَّذِيْنَ تَابُوْا وَاتَّبَعُوْا سَبِيْلَكَ وَقِهِمْ عَذَابَ الْـجَــحِيْمِ 7
اُهي، جي کڻن عرش کي، يا چونڪِي سَندسِ چوڌار، وَڙ پَنهنجي والِئَ جا، ڳائـِن نِج نِبار، مَڃِين مُدامِي اُن کي، قَلب ساڻ قرار، مَعافِيون مَڱن اُنهن لئي، جَن آندو اِعتبار، پَنهنجي ٻُجھڻ ۽ ٻاجھ سان، سانَيِم! ربّ، ستار، ڪُل شئِ کي ڪَلتار!، پُورِي پَئـِين پاڻ تون. پوءِ مَرِھ تَن، جي موٽيا، پڻ وَرتـؤن تُنهنجِي واٽ، ۽ ڪَنان آڳ اُساٽ، رک اَمن ۾ اُنهن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحرَبَّنَا وَاَدْخِلْهُمْ جَنّٰتِ عَدْنِ ۨالَّتِيْ وَعَدْتَّهُمْ وَمَنْ صَلَحَ مِنْ اٰبَاۗىِٕـهِمْ وَاَزْوَاجِهِمْ وَذُرِّيّٰــتِهِمْ ۭ اِنَّكَ اَنْتَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 8ۙ
ڌَڻِيَمِ! داخل تَن ڪَرِين، مَنجھ باغَن بَقادار جَن جا ڏِنئـِي جَھان ۾، اُنهن کي قول قرار، پڻ اَبن مَنجھان اُنهن جي، جَن چڱا ڪيا ڪَم ڪار، پڻ اُنهن جون عورتون، ۽ سَندنِ پَچاٻار، آهِين تون اِظهار، سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقِهِمُ السَّيِّاٰتِ ۭ وَمَنْ تَقِ السَّيِّاٰتِ يَوْمَىِٕذٍ فَقَدْ رَحِـمْتَهٗ ۭ وَذٰلِكَ هُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ 9ۧ
۽ بَچائـِين بَديُن کان، غالِب، ربَّ غفور! اُنهِئَ ڏينهن، ڏُکن کان جِنهن کي داوَر! رَکِين دُور، پوءِ مَرهئـِي تِنهن کي مُور، ۽ سَڀنِيان وَڏِي سوڀ اِئَ.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا يُنَادَوْنَ لَمَقْتُ اللّٰهِ اَكْبَرُ مِنْ مَّقْتِكُمْ اَنْفُسَكُمْ اِذْ تُدْعَوْنَ اِلَى الْاِيْـمَانِ فَتَكْفُرُوْنَ 10
جي ڦِريا، تَن م ڦيربو، پَڙهو اِهڙِئَ پَر، ته آن تي ڏمر ڏاتارجو، آهي وَڏو ويتر، اَنهنجي ڏَمر کان پاڻ تي، جڏهن ڪوٽيا وڃو ڪافِر! مَڃڻ ڏي مُقرّر، پوءِ اَوهين پِيا مَن موڙيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالُوْا رَبَّنَآ اَمَتَّنَا اثْنَتَيْنِ وَاَحْيَيْتَنَا اثْنَتَيْنِ فَاعْتَرَفْنَا بِذُنُوْبِنَا فَهَلْ اِلٰى خُرُوْجٍ مِّنْ سَبِيْلٍ 11
چي، ماريئـِي اَسان ٻه مَرتبا سانيَمِ ربَّ ستار! ٻه ڀيرا پَنهنجي ڀال سان جِياريئـِي جبّار!، پوءِپَنهنجي پاپن جو، اَسان ڪيو اِقرار، پوءِ ڪا ڏِس ڏاتار! نِڪرڻ ڏانهن نِڪوج مان؟
— مولوي حاجي احمد ملاحذٰلِكُمْ بِاَنَّهٗ ٓ اِذَا دُعِيَ اللّٰهُ وَحْدَهٗ كَفَرْتُمْ ۚ وَاِنْ يُّشْرَكْ بِهٖ تُؤْمِنُوْا ۭ فَالْحُكْمُ لِلّٰهِ الْعَلِيِّ الْكَبِيْرِ 12
انهئَ لئي ته اَوهان کي، جڏهن مَنجھ جَھان، هُئو سائـِينءَ هِڪ ڏي سَڏبو، ته ڦِريا کون فَرمان، جڏهن ساڻسِ گَڏيو غير ويو ته آڻيو پيا ايمان، پوءِ آهي حُڪم اَلله جو، جنهن جو اَعَلىٰ آهي شانُ سوئـِي سو سُلطان، وَڏِي وَڏائـِي جو ڌَڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحهُوَ الَّذِيْ يُرِيْكُمْ اٰيٰتِهٖ وَيُنَزِّلُ لَكُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ رِزْقًا ۭ وَمَا يَتَذَكَّرُ اِلَّا مَنْ يُّنِيْبُ 13
اُهو جو ڏيکاري پَنهنجا، اوهان کي اُهڃاڻ، ۽ اُتاري ٿو اُڀ ڪنان قُوت اَوهان جي ڪاڻ، ۽ ڪو نه پِرائي پاڻ، مَگر جيڪو موٽندو.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَادْعُوا اللّٰهَ مُـخْلِصِيْنَ لَهُ الدِّيْنَ وَلَوْ كَرِهَ الْكٰفِرُوْنَ 14
پوءِ سَڏيو سائـِينءَ هيڪ کي، ڏيندڙ اُن کي ڏان ۽ مَر ته ڀانئـِن مَن ۾، ڪَراهت ڪُفران،
— مولوي حاجي احمد ملاحرَفِيْعُ الدَّرَجٰتِ ذُو الْعَرْشِ ۚ يُلْقِي الرُّوْحَ مِنْ اَمْرِهٖ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِهٖ لِيُنْذِرَ يَوْمَ التَّلَاقِ ۙ15
اُتم دَرجن جو ڌَڻِي، عَرش سَندو سُلطان، گُهري سَندسِ گولن مان، جَنهِين کي جَلَّ شان، ته اُڇلي پَنهنجي اَمر مان، رُوح اُتِس رَحمان، ته خوف ڏِياري خان، ڏينهن ملڻ، کان ڏيہ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَوْمَ هُمْ بٰرِزُوْنَ ڬ لَا يَـخْـفٰى عَلَي اللّٰهِ مِنْهُمْ شَيْءٌ ۭ لِمَنِ الْمُلْكُ الْيَوْمَ ۭ لِلّٰهِ الْوَاحِدِ الْقَهَّارِ 16
اُن ڏِينهن، اُهي سڀ کُليا، مِڙِندا مَنجھ ميدان، اُنهن جي اَلله کان، لک لِڪندِي ڪانه، اَڄ مِڙئـِي مُلڪ ڪِنهن جو؟ اِي ڦيربو فَرمان، ته جُمله جَڳ جَھان، هِڪ قادِر، ربَّ، قهار لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلْيَوْمَ تُـجْزٰى كُلُّ نَفْسٍۢ بِـمَا كَسَبَتْ ۭ لَا ظُلْمَ الْيَوْمَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ سَرِيْعُ الْـحِسَابِ 17
مِلندو هَر ماڻهو کي، جيڪِي پورهيو ڪَيائـِين پاڻ، ظُلم ذَري جيترو، اَڄ ڪيو نه وَڃي ڪِنهن ساڻ، صاحب سُرت سُڄاڻ، هِرگز تِکو حِساب ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَنْذِرْهُمْ يَوْمَ الْاٰزِفَةِ اِذِ الْقُلُوْبُ لَدَى الْحَـنَاجِرِ كٰظِمِيْنَ ڛ مَا لِلظّٰلِمِيْنَ مِنْ حَمِيْـمٍ وَّلَا شَفِيْعٍ يُّــطَاعُ ۭ18
۽ ڏاڍي ڏِينهن قيام کان، ڍوليا! تَن ڊِڄار، واتان وَرڻ کي، ويجھڙا، جڏهن هِنيان هِڪِي پارِ، ڏاڍن لئي اُن ڏِينهن ۾، نه گھرو ڪو غَمخوار، ۽ نه داڙُو مَنجھ دَربار، جنهن جِي مِنت کي مَڃيو وڃي.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَعْلَمُ خَاۗىِٕنَةَ الْاَعْيُنِ وَمَا تُخْفِي الصُّدُوْرُ 19
هڄاڻي چورِي اَک جِي، پڻ جي اَندر مَنجھ اَسرار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاللّٰهُ يَـقْضِيْ بِالْـحَقِّ ۭ وَالَّذِيْنَ يَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِهٖ لَا يَـقْضُوْنَ بِشَيْءٍ ۭ اِنَّ اللّٰهَ هُوَ السَّمِيْعُ الْبَصِيْرُ ۧ20
الله ته آهي ڪَم ڪندو، حقا حق هزار، تِنهن ڌاران دانهِن جَن کي، سي ڪري نه سَگھن ڪاڪا، سُڻندڙ رَبُّ، سَتار، پڻ ڏِسندڙ آهي ڏيہ ڌَڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاح