004 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 176 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
يٰٓاَيُّھَا النَّاسُ اتَّقُوْا رَبَّكُمُ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ نَّفْسٍ وَّاحِدَةٍ وَّخَلَقَ مِنْھَا زَوْجَهَا وَبَثَّ مِنْهُمَا رِجَالًا كَثِيْرًا وَّنِسَاۗءً ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِيْ تَسَاۗءَلُوْنَ بِهٖ وَالْاَرْحَامَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلَيْكُمْ رَقِيْبًا 1
اي ماڻهوان! پنهنجي مالڪ کان، ڪنبو ۽ ڪريو ڪوءِ، جنهن جوڙيان، هڪ جان مان، ۽ جنهن مان ، جوڙينسِ جوءِ، ۽ تن مان، پکيڙئين پوءِ، ويتر وَر ۽ وَنيون. ۽ ڏرو تنهن ڏاتار کان؛ جنهن جي نالي نال، پِنو ۽ پَنهنجَن جو، رکو خاص خيال، چارِي چڱِي چال، الله آهي اوهان تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاٰتُوا الْيَــتٰـمٰٓى اَمْوَالَھُمْ وَلَا تَتَبَدَّلُوا الْـخَبِيْثَ بِالطَّيِّبِ ۠ وَلَا تَاْكُلُوْٓا اَمْوَالَھُمْ اِلٰٓى اَمْوَالِكُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ حُوْبًا كَبِيْرًا 2
۽ ڇورن ڇِنن کي ڏيو، ساري سندنِ مال، ۽ نه مَٽيو پاڪ پليد تي، ۽ نه اُنهن جو پنهنجي نال، ڀيڙو کائو بحال، اِي ڏاڍو آھِ ڏوه وڏو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تُقْسِطُوْا فِي الْيَتٰـمٰى فَانْكِحُوْا مَا طَابَ لَكُمْ مِّنَ النِّسَاۗءِ مَثْنٰى وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ ۚ فَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تَعْدِلُوْا فَوَاحِدَةً اَوْ مَا مَلَكَتْ اَيْـمَانُكُمْ ۭ ذٰلِكَ اَدْنٰٓى اَلَّا تَعُوْلُوْا 3ۭ
پوءِ جي ڊنا، ته يتيمن ۾، اوهان کان انصاف، نه بيهندو، ته ڀلين پرڻيو، جو لڳنيان سُٺـو صاف، اوهان کي معاف، ٻه ٻه، ٽي ٽي، چار ڄڻيون. پوءِ جي ڀانيان، نه بيهندو اوهان کان انصاف، پوءِ هڪ ئي سانئڻ صاف، ياجي اَهنجن، سَڄنَ سنڀاليون. اهو بس، ته ڀانيو زياده، ڪنهن زال، ۽ بِيوين ڏيو بحال، صدقَا، سندن مهر ۾،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاٰتُوا النِّسَاۗءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِـحْلَةٍ ۭ فَاِنْ طِبْنَ لَكُمْ عَنْ شَيْءٍ مِّنْهُ نَفْسًا فَكُلُوْهُ هَنِيْۗــــــًٔـا مَّرِيْۗـــــــًٔـا 4
پوءِ، جي ڪجھ ڇَڏِينيان، اُن منجھان، پنهنجي خوشي خيال، پوءِ کائو سو خُوشحال، مِٺو موچارو مورهين.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَا تُؤْتُوا السُّفَھَاۗءَ اَمْوَالَكُمُ الَّتِىْ جَعَلَ اللّٰهُ لَكُمْ قِيٰـمًا وَّارْزُقُوْھُمْ فِيْھَا وَاكْسُوْھُمْ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 5
۽ موڳن کي مورهين، نه ڏيو اُنهن جو مال، جنهن جِي سار سنڀال، هادِي حوالي ڪيان. ۽ ان منجهان انهن کي، ڏيو کاڌ خوراڪ، ۽ پهرايو پوشاڪ، ۽ چئو چڱِي چال سان،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَابْتَلُوا الْيَتٰـمٰى ﱑ اِذَا بَلَغُوا النِّكَاحَ ۚ فَاِنْ اٰنَسْتُمْ مِّنْھُمْ رُشْدًا فَادْفَعُوْٓا اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ ۚ وَلَا تَاْكُلُوْھَآ اِسْرَافًا وَّبِدَارًا اَنْ يَّكْبَرُوْا ۭ وَمَنْ كَانَ غَنِيًّا فَلْيَسْتَعْفِفْ ۚ وَمَنْ كَانَ فَقِيْرًا فَلْيَاْكُلْ بِالْمَعْرُوْفِ ۭ فَاِذَا دَفَعْتُمْ اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ فَاَشْهِدُوْا عَلَيْھِمْ ۭ وَكَفٰى بِاللّٰهِ حَسِـيْبًا 6
۽ جانچيو يتيمَنْ، تان جڏهن پُهتا، پرڻجڻ کي پان، پوءِ صحِي سَمجھ اُنهن ۾، سُوٺان، جي سڄاڻ! پوء سُئـِي سَڳي ساڻ، سونپيونِ سَمر انهن جو. پوءِ اجايو اُنهن جا، مال نه کائو مُور، سبب اِنهي سور، سامائجن، صغير سي. ۽ مَر، ٽارو ڪري، جو هجي، سائو ۽ سکيو، ۽ جيڪو هُجي بُکيو، ته کائي کپائي رِيت سان. پوءِ جڏهن ڏنان اُنهن کي، سندنِ ساري مال، ته مٿن شاهد مُعتبر، بيهاريو بحال، ۽ قادر آھِ، ڪمال، ڄاڻو حرف حساب جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحلِلرِّجَالِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ ۠ وَلِلنِّسَاۗءِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ مِـمَّا قَلَّ مِنْهُ اَوْ كَثُرَ ۭ نَصِيْبًا مَّفْرُوْضًا 7
حِصو مردن مورهين مقرر منجھ تنهن مال، جا مَڏِي ڇَڏِي مائٽين، ۽ ويجھن وقت وِصال، پڻ ڀاڳ مقرر مورهين، بِيوين لاءِ بحال، مَڏِي ڇڏي مائٽين ۽ ويجھن وقت وصال، حصو چڱيءَ چال، گھٽ، يا گھڻو، ٿيو اُن مان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَا حَضَرَ الْقِسْمَةَ اُولُوا الْقُرْبٰي وَالْيَتٰـمٰى وَالْمَسٰكِيْنُ فَارْزُقُوْھُمْ مِّنْهُ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 8
۽ جڏهن اچي ورهاڱي وير، قريب غريب يتيم ڪو، ته ڏيونِ انهيءَ مان خير، ۽ چئو چوڻ چڱو اُنهن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلْيَخْشَ الَّذِيْنَ لَوْ تَرَكُوْا مِنْ خَلْفِھِمْ ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خَافُوْا عَلَيْھِمْ ۠ فَلْيَتَّقُوا اللّٰهَ وَلْيَقُوْلُوْا قَوْلًا سَدِيْدًا 9
۽ ور ڊِڄن، جي پنهنجي پٺيان، هوند ڇڏينِ هيڻان ٻار، پوءِ ڀانئنِ ڀؤ، اُنهن تي، لڳينِ ڳڻتِي ڳار، تڏهن ڏرن ڀر ڏاتار، ۽ چون چڱِيءَ چال سان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ يَاْكُلُوْنَ اَمْوَالَ الْيَتٰـمٰى ظُلْمًا اِنَّـمَا يَاْكُلُوْنَ فِيْ بُطُوْنِھِمْ نَارًا ۭ وَسَيَصْلَوْنَ سَعِيْرًا ۧ10
ترڪو ڇورن ڇِنن جو، جيڪي کائن جاڙ، اُهي کائن پنهنجي پيٽ ۾، سندو باه بِگاڙ، ۽ پهچندا پَڇاڙ، جلدي جَلندڙ باه ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحيُوْصِيْكُمُ اللّٰهُ فِيْٓ اَوْلَادِكُمْ ۤ لِلذَّكَرِ مِثْلُ حَظِّ الْاُنْثَيَيْنِ ۚ فَاِنْ كُنَّ نِسَاۗءً فَوْقَ اثْنَتَيْنِ فَلَھُنَّ ثُلُثَا مَا تَرَكَ ۚ وَاِنْ كَانَتْ وَاحِدَةً فَلَھَا النِّصْفُ ۭ وَلِاَبَوَيْهِ لِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ مِـمَّا تَرَكَ اِنْ كَانَ لَهٗ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّهٗ وَلَدٌ وَّوَرِثَهٗ ٓ اَبَوٰهُ فَلِاُمِّهِ الثُّلُثُ ۚ فَاِنْ كَانَ لَهٗ ٓ اِخْوَةٌ فَلِاُمِّهِ السُّدُسُ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ اٰبَاۗؤُكُمْ وَاَبْنَاۗؤُكُمْ لَا تَدْرُوْنَ اَيُّھُمْ اَقْرَبُ لَكُمْ نَفْعًا ۭ فَرِيْضَةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِيْـمًا حَكِـيْـمًا 11
اوهان کي اولاد ۾، ٿو حڪم ڪري حُضور، ٻيڻ، حصو ٻاين جو، مردن ڪارڻ مور، پوءِ جي ٻايون، ٻِنيان مٿي، زياده ضرور، ته ٻه ٽهايون منظور، جو ترڪ ڪيائين تنهن منجھان. پوءِ جي هوندِي هيڪڙي، ته ڀاڱو اڌ بيشڪ، ماء، پي مان هرهيڪ لئي ڇهون، منجھان ڇَڪ، جي پٽ، ڌي هوندس پَڪ، جو ترڪ ڪيائين، تنهن منجھان. جي نه هوندا ٻار، ۽ ٿيا والد وارث اُن جا، ته آهي ٽِهائي اُن جي، مقرر ماڻس هار، ڇَٽَو مُقرر ماڻس لئي، جي هوندس ڀيڻُو، ڀار، ترڪ ڪيائين، تنهن منجھان، تهانپوءِ تڪرار، بخشِينِ، سو لاهڻ بار، پڻ ادا بعد اُڌار جي. پي ۽ پٽ اوهان جا، ڪَل اوهان کي ڪانه، اوڏو ڪير اوهان کي، نفعي منجھ نِڌان، مقرر مالڪ ڪنان، اِي فريضو فرمان، باري بي گمان، حڪمتي هوشيار گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَكُمْ نِصْفُ مَا تَرَكَ اَزْوَاجُكُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّھُنَّ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَھُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْنَ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَلَھُنَّ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّكُمْ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَكُمْ وَلَدٌ فَلَھُنَّ الثُّمُنُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ مِّنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ تُوْصُوْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَاِنْ كَانَ رَجُلٌ يُّوْرَثُ كَلٰلَةً اَوِ امْرَاَةٌ وَّلَهٗ ٓ اَخٌ اَوْ اُخْتٌ فَلِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ ۚ فَاِنْ كَانُوْٓا اَكْثَرَ مِنْ ذٰلِكَ فَھُمْ شُرَكَاۗءُ فِي الثُّلُثِ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصٰى بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۙ غَيْرَ مُضَاۗرٍّ ۚ وَصِيَّةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَلِيْمٌ ۭ12
۽ جو ڇڏيو اوهان جي عورتين، اڌ ان جو اوهان هار، جي بچو ٻارنه اُن جو؛ جي هوندنِ ٻچاٻار، ته چوٿ اوهان لئي ان مان، جو ترڪ ڪيون تڪرار، بخِشينِ، سو لاهڻ بار، پڻ ادا بعد اُڌار جي. ۽ چوٿ انهن لئي، ان مان، جو ڇڏيان وفاتِي وار، جي ٻچو ٻار نه اوهان جو، جي هونيان ٻچاٻار، ته اٺاس انهن لئي، اُن مان، جو ترڪ ڪيان تڪرار، جو بخشيو، سو لاهڻ بار، پڻ ادا بعد اُڌار جي. ۽ جي مرد، يا زال نه جنهن جو، ناناڻي نُک ڌار، آهس ڀاءُ، يا ڀيڻ ڪا، ته ڇَٽو هرهڪ هار، جي اِنهيان گھڻا، ته ٽِهائـِي ۾، سڀ ڀاڱي ڀائيوار، جو بخشيو، سو لاهڻ بار، پڻ ادا بعد اُڌار جي. ڪنهن حرج بنا حڪم اهو، پاران پالڻهار، صاحب سمجھدار، پڻ بارِي بُردبار گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحتِلْكَ حُدُوْدُ اللّٰهِ ۭ وَمَنْ يُّطِعِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ يُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِھَا الْاَنْھٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْھَا ۭ وَذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ 13
اهي حڪم الله جا، مِڙوئـِي مذڪور، ۽ ربَّ ۽ رسول جا، جو حڪم مڃيندؤ مور، ته باغن منجھ بهشت جي، داخل ڪندس ضرور، جن هيٺان هَلن ناليون، ڀريون تَريون ڀرپور، ۽ انهيءَ ۾ اهڳور، سدا وڏي سوڀ اِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَنْ يَّعْصِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ وَيَتَعَدَّ حُدُوْدَهٗ يُدْخِلْهُ نَارًا خَالِدًا فِيْھَا ۠ وَلَهٗ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ ۧ14
اي حڪم ربَّ ۽ رسول جا، جو ڀڃندو بي شعور، ته داخل ڪندس دوزخ ۾، منجھس سدا مجبور، ۽ مقرر اُن لئي مور، جُٺ جھڙو آهي، جَنجال ڪو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالّٰتِيْ يَاْتِيْنَ الْفَاحِشَةَ مِنْ نِّسَاۗىِٕكُمْ فَاسْتَشْهِدُوْا عَلَيْهِنَّ اَرْبَعَةً مِّنْكُمْ ۚ فَاِنْ شَهِدُوْا فَاَمْسِكُوْھُنَّ فِي الْبُيُوْتِ حَتّٰى يَتَوَفّٰىھُنَّ الْمَوْتُ اَوْ يَـجْعَلَ اللّٰهُ لَھُنَّ سَبِيْلًا 15
۽ جي اوهان جي عورتن مان، ڪَن ڪِني ڪا ڪار، پوءِ آڻيو شاهد اُنهن تي، چڱا چوکا چار، پوءِ ساک ڏنئون، ته سوگھو ڪريونِ حويلين ۾ هيڪار، تان موت اُنهن کي؛ يا صاحب ربُّ ستار، ڪو حيلو اُنهن هار، مقرر ڪري مورهين.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّذٰنِ يَاْتِيٰنِھَا مِنْكُمْ فَاٰذُوْھُمَا ۚ فَاِنْ تَابَا وَاَصْلَحَا فَاَعْرِضُوْا عَنْهُمَا ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ تَوَّابًا رَّحِـيْـمًا 16
۽ اهي ٻه اوهان مان، جي ڪن سا، ڪِنِي ڪار، ته ڏاڍو ڏکويو انهن کي، پوءِ جي توبه ڪيون تڪرار، ۽ چڱِي ڪيائون چال ورِي، ته ڪريونِ معاف ميار، قبوليندڙ ڪلتار، ترسَوند تمام گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّـمَا التَّوْبَةُ عَلَي اللّٰهِ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السُّوْۗءَ بِـجَهَالَةٍ ثُـمَّ يَتُوْبُوْنَ مِنْ قَرِيْبٍ فَاُولٰۗىِٕكَ يَتُوْبُ اللّٰهُ عَلَيْھِمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَلِــيْـمًا حَكِـيْـمًا 17
ربَّ وٽ توبه تن جي، جي ڪن غفلت منجھ گناه، ورِي ورن ويجھڙو، گُھرن پاند پناه، ته الله پاڪ اُنهن تي، وِهلو وَري واه!، ۽ آهي پاڪ الله، سمجھندڙ، سُڄاڻ گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَيْسَتِ التَّوْبَةُ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السَّـيِّاٰتِ ۚ ﱑ اِذَا حَضَرَ اَحَدَھُمُ الْمَوْتُ قَالَ اِنِّىْ تُبْتُ الْــٰٔنَ وَلَا الَّذِيْنَ يَـمُوْتُوْنَ وَھُمْ كُفَّارٌ ۭ اُولٰۗىِٕكَ اَعْتَدْنَا لَھُمْ عَذَابًا اَلِـــيْـمًا 18
۽ نه ڪا توبه تن لئي، ته ڪوجھا ڪن ڪم ڪار، تان موت منجھانِ، ڪنهن مٿي، واسُو ٿيو جنهن وار، موٽيس هن مهل ۾، ٻوليائين ٻيهار، ۽ نڪا توبه تن مٿي، جي مرن ٿِي مردار، اسان اُنهن هار ساڙو، سُور تيار ڪيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا يَـحِلُّ لَكُمْ اَنْ تَرِثُوا النِّسَاۗءَ كَرْهًا ۭ وَلَا تَعْضُلُوْھُنَّ لِتَذْهَبُوْا بِبَعْضِ مَآ اٰتَيْتُمُوْھُنَّ اِلَّآ اَنْ يَّاْتِيْنَ بِفَاحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ ۚ وَعَاشِرُوْھُنَّ بِالْمَعْرُوْفِ ۚ فَاِنْ كَرِھْتُمُوْھُنَّ فَعَسٰٓى اَنْ تَكْرَهُوْا شَـيْـــــًٔـا وَّيَـجْعَلَ اللّٰهُ فِيْهِ خَيْرًا كَثِيْرًا 19
اي مڃيو جن مذڪور!، موڪل نه آن کي مورهين، ته وارث وَنِين جا بَنو، زوران زور ضرور، ۽ نه جھلينِ، ته وٺو اُن منجهان، جو مال ڏنان تن مور، تان پڌرو ڪن قُصور، چلو چڱو اُنهن سان. جي رهيا رنج اُن مان، ته رهي سگھو ٿا رنج، ڪنهن شئ کان، ته گھڻو گنج منجھس، خير خدا ڪري.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنْ اَرَدْتُّـمُ اسْتِبْدَالَ زَوْجٍ مَّكَانَ زَوْجٍ ۙ وَّاٰتَيْتُمْ اِحْدٰىھُنَّ قِنْطَارًا فَلَا تَاْخُذُوْا مِنْهُ شَـيْـــًٔـا ۭ اَتَاْخُذُوْنَهٗ بُھْتَانًا وَّاِثْـمًا مُّبِيْنًا 20
۽ جي مٽڻ گهرو مورهين، هڪ زال، بجاءِ ٻي زال، پوءِ مُهر ڏنان مال گھڻو، ته موٽي نه وَٺونِ، سو مال، ڇا ڪوڙِي تهمت نال، وٺو پڌري پاپ سان.
— مولوي حاجي احمد ملاح