039 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 75 آيتون ۽ 8 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
تَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَكِيْمِ 1
آهي اُن الله کان، نازِل هِي ڪِتاب، جو بِلڪُل هَر ڪِنهن باب، سَٻر ۽ سٻوجھ گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّآ اَنْزَلْنَآ اِلَيْكَ الْكِتٰبَ بِالْـحَقِّ فَاعْبُدِ اللّٰهَ مُخْلِصًا لَّهُ الدِّيْنَ 2ۭ
توڏي اَسان اُتاريو، ڪامِل! حَق قُرآن، پوءِ پُوڄ پَروَر پاڪ کي، ڏِيندڙ اُنهِئَ کي ڏان،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَا لِلّٰهِ الدِّيْنُ الْـخَالِصُ ۭ وَالَّذِيْنَ اتَّـخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۘ مَا نَعْبُدُهُمْ اِلَّا لِيُقَرِّبُوْنَآ اِلَى اللّٰهِ زُلْفٰى ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَـحْكُمُ بَيْنَهُمْ فِيْ مَا هُمْ فِيْهِ يَـخْتَلِفُوْنَ ڛ اِنَّ اللّٰهَ لَا يَهْدِيْ مَنْ هُوَ كٰذِبٌ كَفَّارٌ 3
ڏانَ رُڳو حَق رَبَّ جو، جِنهن ۾، ڪوڏيِ ٻي جِي ڪانه، ۽ جَن اَجَھا، اَوليا اُن ري، جوڙيا مَنجھ جھان، آکيون ته اَسِين نه پُوڄِيون، اُهي آستان، مگر ته اَسان کي مانَ!، اوڏو ڪَن اَللهُ ڏي. اُنهن وِچ اَلله پاڻهِين ڪَندو فيصلو، جِنهن وَسيلي تان پِيا وڙهن، هِڪ ٻِئي سان هَمراه، رَبُّ نه سُهائي راھ، ڪُوڙي ڪِنهن ڪُفار کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَوْ اَرَادَ اللّٰهُ اَنْ يَّتَّخِذَ وَلَدًا لَّاصْطَفٰى مِـمَّا يَـخْلُقُ مَا يَشَاۗءُ ۙ سُـبْحٰنَهٗ ۭ هُوَ اللّٰهُ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ 4
پُٽ بَنائڻ پَنهنجو، جي گُھريو هُوند غفّار، ته تنهن مان ڌُڻي ڌوج کي، جيڪِي جوڙي ٿو جَبَّار، اولاد جي عيب کان، پاڪ پالڻهار، اُهو واحِدُ الْقَهَّارُ، اَلله جَلَّ جَلالہٗ
— مولوي حاجي احمد ملاحخَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَـقِّ ۚ يُكَوِّرُ الَّيْلَ عَلَي النَّهَارِ وَيُكَوِّرُ النَّهَارَ عَلَي الَّيْلِ وَسَـخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۭ كُلٌّ يَّـجْرِيْ لِاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ اَلَا هُوَ الْعَزِيْزُ الْغَفَّارُ 5
اَللهُ اُڀ ڀُون جوڙيا، قائـِم بَرقرار، رات ۽ ڏِينهن ۾، رات ۾ ڏِينهن ڳنڊي ڏاتار، سائـِين سِج چَنڊ کي تابعِ ڪيو تڪرار، ڪِنهن مُقرّر مُدّت سِين چَلن سي چوڌار، ڏاڍو سو ڏاتار، سو مَرهڻ وارو مِهرسان.
— مولوي حاجي احمد ملاحخَلَقَكُمْ مِّنْ نَّفْسٍ وَّاحِدَةٍ ثُـمَّ جَعَلَ مِنْهَا زَوْجَهَا وَاَنْزَلَ لَكُمْ مِّنَ الْاَنْعَامِ ثَـمٰنِيَةَ اَزْوَاجٍ ۭ يَـخْلُقُكُمْ فِيْ بُطُوْنِ اُمَّهٰتِكُمْ خَلْقًا مِّنْۢ بَعْدِ خَلْقٍ فِيْ ظُلُمٰتٍ ثَلٰثٍ ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبُّكُمْ لَهُ الْمُلْكُ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۚ فَاَنّٰى تُصْرَفُوْنَ 6
هِڪ جِئَ مان، آن کي جوڙڻئـِين، سندسِ نال، ۽ اَٺ جوڙا وَرِي اوهان لئي، مالِڪ لاٿو مال، مَنجھ اورن اَنهنجي مائرِين، قدرت ساڻ ڪَمال، جوڙڻ، جوڙڻ پُٺيان، ٿو جوڙي جَلَّ جَلال، اَندر ٽِن اُونداهيين، جِنهنجي ڳُجِھي ناھي ڳالھ، اُهو اَلله، ڌَڻِي اَوهان جو، مُلڪ مِڙِئي جِنهن نال، تِنهن سوا سائـِينءَ ناھِ ڪو، سُڻندڙ سَڏ سُوال، ڪيڏانهن پوءِ ڪُلال! ڦيريا وَڃو فِريب سان
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنْ تَكْفُرُوْا فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِيٌّ عَنْكُمْ ۣ وَلَا يَرْضٰى لِعِبَادِهِ الْكُفْرَ ۚ وَاِنْ تَشْكُرُوْا يَرْضَهُ لَكُمْ ۭ وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰى ۭ ثُـمَّ اِلٰى رَبِّكُمْ مَّرْجِعُكُمْ فَيُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ ۭ اِنَّهٗ عَلِـيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 7
ڳُڻ نه ڳائيندا جڪڏهن، ته آهي اِها ڳالھ، پوءِ اَلله پاڪ، اَوهان کان، بي پرواھ آهي بَحال، ۽ بي شُڪرِي سَندسِ بَندن لئي چڱِئ نه سَمجھي چال، ۽ جي ڀائـِينداڀال، ته ڀَلو اوهان لئي ڀاڻءِ سو. ۽ کَڻندڙ کڻندو ڪو نه ڪو، ٻئي جو ٻوجهو بار، پوءِ موٽَڻ اَوهان مِڙن جو، پنهنجي پَروَر پار، پوءِ کولي ڏِيندا خبرون، ڪريو جي ڪم ڪار، هرگز سو هوشيار، اَندر جي اَسرار کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَا مَسَّ الْاِنْسَانَ ضُرٌّ دَعَا رَبَّهٗ مُنِيْبًا اِلَيْهِ ثُـمَّ اِذَا خَوَّلَهٗ نِعْمَةً مِّنْهُ نَسِيَ مَا كَانَ يَدْعُوْٓا اِلَيْهِ مِنْ قَبْلُ وَجَعَلَ لِلّٰهِ اَنْدَادًا لِّيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِهٖ ۭ قُلْ تَـمَــتَّعْ بِكُفْرِكَ قَلِيْلًا ڰ اِنَّكَ مِنْ اَصْحٰبِ النَّارِ 8
۽ مَس اَڃا ماڻهؤَ کي، جڏهين رَسيو ضَرر ضَرُور، ته دانهِين سَندسِ ڌَڻِئ کي، موٽندڙ ڏانهسِ مُور، وَرِي نوازيو نِعمت سان، جڏهن پاڻا پاڪ حُضور، ته جنهن کي ڪارُون اڳ ڪَئـِين وِساريو وَهلور ۽ هَئـِي وارِيندڙ حَق جِي، مُقرّر ڪَيا مَنظور، تان سَندسِ سَنئـِينءَ واٽ کان، ڦيري ساڻ فُتور، چَئو، ڪي ڏِينهن پَنهنجي ڪُفر جو، مَزو وَٽِ مَغرور! تون بيشڪ بي شُعور، آهِين ڀاتِيَن مَنجھان باھِ جي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَمَّنْ هُوَ قَانِتٌ اٰنَاۗءَ الَّيْلِ سَاجِدًا وَّقَاۗىِٕمًا يَّحْذَرُ الْاٰخِرَةَ وَيَرْجُوْا رَحْـمَةَ رَبِّهٖ ۭ قُلْ هَلْ يَسْتَوِي الَّذِيْنَ يَعْلَمُوْنَ وَالَّذِيْنَ لَا يَعْلَمُوْنَ ۭ اِنَّـمَا يَتَذَكَّرُ اُولُوا الْاَلْبَابِ 9ۧ
ڀلا ، سو بَدڪار، اُن جھڙو وَرِي آھِ ڇا؟ جو گھاري گَھڙيون رات جون ، تَهِدل تابِعدار، ۽ نَمندڙنيڪ نماز ۾، پيرن ڀر پينار، ڏکن ڀَر ٻئي ڏيہ جي، وِجھلي ويرو تار، ۽ رکي آس اَپار، رَبَّ ۽ سَندسِ جي رَحم ۾. چَئو، مَٽ نه ٿِيَن مُورهِين، جي سائـِين سُڃاڻن، پڻ سَنديون قادِر قُدرتون، ڄَٽ نَه جي ڄاڻن، سوا سُڄاڻن، ٻِئا نَمن نَه نَصِحيت کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ يٰعِبَادِ الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوْا رَبَّكُمْ ۭ لِلَّذِيْنَ اَحْسَنُوْا فِيْ هٰذِهِ الدُّنْيَا حَسَـنَةٌ ۭ وَاَرْضُ اللّٰهِ وَاسِعَةٌ ۭ اِنَّـمَا يُوَفَّى الصّٰبِرُوْنَ اَجْرَهُمْ بِغَيْرِ حِسَابٍ 10
ٻول ته، ٻانهان مُنهنجا، جي آهِن وِسهيا وِير، ته رکو پَنهنجي ربَّ جو، سونڪومَنجھ سَرِير، جَنِين هِن جَھان ۾، عمل ڪيا اَڪسِير، چَڱِي تَن چڱن لئي ۽ جَنت جا جائگِير، آهي مُلڪ اَلله جو، ڪُشادو ڪَثِير، صَبر جَن جو سِير، ڏِبا اَکٽ اَجر اُنهن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ اِنِّىْٓ اُمِرْتُ اَنْ اَعْبُدَ اللّٰهَ مُـخْلِصًا لَّهُ الدِّيْنَ ۙ11
چئو، مِليو مُون کي مُورهِين، فائـِق جو فَرمان، ته پُوڄان هِڪڙو پاڪ ڌَڻِي، ڏيِندڙ اُنهِئَ ڏان،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاُمِرْتُ لِاَنْ اَكُوْنَ اَوَّلَ الْمُسْلِمِيْنَ 12
پڻ حُڪم مِلينمِ هَر آن، ته مُنڍ مَڃِيندڙن مان هُجان.
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْمٍ 13
چئو، آئون ٿو ڊِڄان عذاب کان، وَڏِي اُهکِي وار، جي پَنهنجي پَروَر پاڪ جا، حُڪم ڀَڳمِ هيڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلِ اللّٰهَ اَعْبُدُ مُـخْلِصًا لَّهٗ دِيْنِيْ ۙ14
چَئو، ڏيئـِي ٻَن ٻِين کي، ٿو پُوڄان پالڻهار، ڏِيندڙ ڏان پَنهنجا، اُن کي نِج نِبار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاعْبُدُوْا مَا شِئْتُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ ۭ قُلْ اِنَّ الْـخٰسِرِيْنَ الَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ وَاَهْلِيْهِمْ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ۭ اَلَا ذٰلِكَ هُوَ الْـخُسْرَانُ الْمُبِيْنُ 15
پوءِ وَڻي سي پُوڄيو، دَرگاھون تِنهن ڌار، چَئو، ڏاڍي ڏِينهن قِيام جي، کُٽا سي خُوار، جَن جو کي وِڌا جِئ پَنهنجا، پڻ پَنهنجا ٻَچا ٻار، هوش رَکِج هوشيار! ظاهِر آهي زِيان اِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَهُمْ مِّنْ فَوْقِهِمْ ظُلَــلٌ مِّنَ النَّارِ وَمِنْ تَـحْتِهِمْ ظُلَــلٌ ۭ ذٰلِكَ يُـخَــوِّفُ اللّٰهُ بِهٖ عِبَادَهٗ ۭ يٰعِبَادِ فَاتَّقُوْنِ 16
اُنهن لئي ڄِڀيون اُنهن مَٿان، هيٺان بِه ڄِڀيون باھ، ڀَئو پَنهنجي بَندن کي، ٿو اُن جو ڏِئـِي اَلله، پوءِ ڊِڄو هميشاھ، مُنهنجا ٻانهان! مون ڪنان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّذِيْنَ اجْتَنَبُوا الطَّاغُوْتَ اَنْ يَّعْبُدُوْهَا وَاَنَابُوْٓا اِلَى اللّٰهِ لَهُمُ الْبُشْرٰى ۚ فَبَشِّرْ عِبَادِ ۙ17
۽ جَن گوشو ڪيو، گُمراھ کان، ته ڏِيـنِ اُنهِي کي ڏان، ۽ موٽيا ڏُونهن مَنان، تَن لئي مُبارڪون مَهند جون.
— مولوي حاجي احمد ملاحالَّذِيْنَ يَسْتَمِعُوْنَ الْقَوْلَ فَيَتَّبِعُوْنَ اَحْسَنَهٗ ۭ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ هَدٰىهُمُ اللّٰهُ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمْ اُولُوا الْاَلْبَابِ 18
پوءِ سَندمِ سَچن ٻانهن کي، کِيرون ڏي تون خان!، جي هَرڪِنهن ڌَرم، دِين جا، سُڻنِ باب بيان، پوءِ سَڀنيان سُهڻِئَ ڳالھ تي، هَلنِ هَر زمان، ۽ سُهاينِ سُبحان، ۽ اُهي اَڪابِر عقل ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَفَـمَنْ حَقَّ عَلَيْهِ كَلِمَةُ الْعَذَابِ ۭ اَفَاَنْتَ تُنْقِذُ مَنْ فِي النَّارِ ۚ19
ڇا، اڳيون حُڪم عَذاب جو، پوءِ ثابِت ٿِيو جنهن سِر، تون ڪَڍندِين پوءِ ڪِنهن پر؟ هُو جو داخل دوزخ وِچ ۾؟
— مولوي حاجي احمد ملاحلٰكِنِ الَّذِيْنَ اتَّــقَوْا رَبَّهُمْ لَهُمْ غُرَفٌ مِّنْ فَوْقِهَا غُرَفٌ مَّبْنِيَّةٌ ۙ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ڛ وَعْدَ اللّٰهِ ۭ لَا يُـخْلِفُ اللّٰهُ الْمِيْعَادَ 20
پَر ڪَنبن ڀَرِ قَهَار، جي پَنهنجي پاڪ ڌَڻِئَ کان، ماڙِيون اَڏِيل ماڙِين مَٿان، آهِن اُنهن هارِ، هَلن هيٺان جَن جي، واهيون ويرو تار، اِي قادِر جا قَرار، واحِد نه ڦيري واعدا.
— مولوي حاجي احمد ملاح