038 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 88 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
صۗ وَالْقُرْاٰنِ ذِي الذِّكْرِ 1ۭ
الله جلّ جلالہٗ، سمجھي معنىٰ صاد، ساک سچي قُرآن جِي، جو جڳ ڏِيندڙ ياد،
— مولوي حاجي احمد ملاحبَلِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فِيْ عِزَّةٍ وَّشِقَاقٍ 2
اُٽلو جَن اِنڪار ڪيو، سي مَنجھ ڦُونڊ فساد،
— مولوي حاجي احمد ملاحكَمْ اَهْلَكْنَا مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنْ قَرْنٍ فَنَادَوْا وَّلَاتَ حِيْنَ مَنَاصٍ 3
ڪياسون جڳ ڪيترا، اُنهن کان اڳ بَرباد، پوءِ ڪيائون فرياد، ته ڀَڄڻ ڀِيڻِي ناھِ ڪا.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَعَـجِبُوْٓا اَنْ جَاۗءَهُمْ مُّنْذِرٌ مِّنْهُمْ ۡ وَقَالَ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا سٰـحِرٌ كَذَّابٌ ڻ 4
۽ اُٽلو اِن ڳالھ تان، هَيا ٿيا حيران، ته آيُن ڪو اُنهن مَنجھان، خَبرون ڏِيندڙ خان، ۽ هِي ڪوڙو ڪار اَ کريو، ڪَهڻ لڳا ڪُفران،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَجَعَلَ الْاٰلِـهَةَ اِلٰــهًا وَّاحِدًا ښ اِنَّ ھٰذَا لَشَيْءٌ عُـجَابٌ 5
ته سَوِين دَرگاهون ديسيِـين، ڏِين جَنين تي ڏان، آهي عجب عيان، ته هِن سَموريون هِڪ ڪيون.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَانْطَلَقَ الْمَلَاُ مِنْهُمْ اَنِ امْشُوْا وَاصْبِرُوْا عَلٰٓي اٰلِـهَتِكُمْ ښ اِنَّ ھٰذَا لَشَيْءٌ يُّرَادُ ڻ 6
۽ ٽولِي ٽَري اُنهن مان، ته هَلو ته، هَلون يَڪا، پَنهنجي پُوڄ، پِيرن تي، ڪَريو پير پَڪا، اِي ڪِهڙي ڳالھ ڪا، جنهن جو رکن اسان ۾ آسرو؟
— مولوي حاجي احمد ملاحمَا سَمِعْنَا بِھٰذَا فِي الْمِلَّةِ الْاٰخِرَةِ ښ اِنْ ھٰذَآ اِلَّا اخْتِلَاقٌ ڻ 7
ٻِئي ڪِنهن ڌَرم، دِين ۾، هِي ڪَنِين سُئيِسُون ڪانه، هِي ڪُوڙ سوا ڪُجھ ناھِ ٻِيو،
— مولوي حاجي احمد ملاحءَاُنْزِلَ عَلَيْهِ الذِّكْرُ مِنْۢ بَيْنِنَا ۭ بَلْ هُمْ فِيْ شَكٍّ مِّنْ ذِكْرِيْ ۚ بَلْ لَّمَّا يَذُوْقُوْا عَذَابِ 8ۭ
ڇا، اُن جو ايڏو شان؟ اَسان وِچان اُن تي، لاٿو وِيو قُرآن، نه آهِن نَصِحيت تي اِهي، مگر مَنجھ گُمان، جڏهن مَنجھ جھان، ڪام نه چکيائون قَهر جِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَمْ عِنْدَهُمْ خَزَاۗىِٕنُ رَحْـمَةِ رَبِّكَ الْعَزِيْزِ الْوَهَّابِ 9ۚ
ڇا، تُنهنجي رَبَّ جي رَحمت جا، اُنهن وَٽ اَنبار؟ صفت جنهن صاحب جِي، ڏاڍو ۽ ڏاتار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَمْ لَهُمْ مُّلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۣ فَلْيَرْتَقُوْا فِي الْاَسْبَابِ 10
يا اَندر اَڀن ۽ ڀُون جي، پڻ جيڪِي مَنجھن جِنسار، آهي هَٿ اُنهن جي، سَڀڪا سار سَنڀار، ٿِي سِيڙهيَن مَنجھ سُوار، مَرچَڙهن پوءِ چوٽئـِين!
— مولوي حاجي احمد ملاحجُنْدٌ مَّا هُنَالِكَ مَهْزُوْمٌ مِّنَ الْاَحْزَابِ 11
ِڪِهڙو ڪَٽڪ قومن مان، هُت ڀڳل ۽ بَرباد،
— مولوي حاجي احمد ملاحكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّعَادٌ وَّفِرْعَوْنُ ذُوالْاَوْتَادِ ۙ12
ڪُوڙو قوم نُوح جِي، چيو، اِنهيان اڳ اِرشاد، ۽ فِرعون ڦاهِيَن جو ڌَڻِي، توڻي عاد،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَثَـمُــوْدُ وَقَوْمُ لُوْطٍ وَّاَصْـحٰبُ لْــــَٔـيْكَةِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ الْاَحْزَابُ 13
توڻي ثَمُود، ۽ لَشڪر قوم لُوط جو، پڻ اَيڪت ۾ آباد، فوجون اَصل فساد، اِهي ماري مُڃ ڪَيو وِيون.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنْ كُلٌّ اِلَّا كَذَّبَ الرُّسُلَ فَـحَقَّ عِقَابِ ۧ14
سي هُئا نه هِنَيس ڌار، ته ڪُوڙو ڪوٺيون مُرسَلِين، پوءِ مُنهنجي سزا ثابِت ٿئـِي، تَن مَٿي تڪرار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا يَنْظُرُ هٰٓؤُلَاۗءِ اِلَّا صَيْحَةً وَّاحِدَةً مَّا لَهَا مِنْ فَوَاقٍ 15
فقط ڦُوڪ هِڪ جو، اُهي ڪَڍن اِنتظار، پوءِ ڪانهِي اِنهن لئي وار، اَصل اوٻاسِي هِڪ جِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَالُوْا رَبَّنَا عَـجِّلْ لَّنَا قِطَّنَا قَبْلَ يَوْمِ الْـحِسَابِ 16
۽ آکيؤن ته عَمل، اَسان جا سانيَمِ!، رَبَّ سُڄاڻ! مَهند مَحشر ڏِينهن کان، جَلد اَسان تي آڻ،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِصْبِرْ عَلٰي مَا يَقُوْلُوْنَ وَاذْكُرْ عَبْدَنَا دَاوٗدَ ذَا الْاَيْدِ ۚ اِنَّهٗ ٓ اَوَّابٌ 17
سوسَہ صَبر ساڻ، جي ڳالهائـِين ڳهيلڙا. ۽ ياد ڪر دائُود کي، جو طاقت مند تمام، عَملدار اسان جو، وَرندڙ، وِير، وَريام،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّا سَـخَّرْنَا الْـجِبَالَ مَعَهٗ يُسَبِّحْنَ بِالْعَشِيِّ وَالْاِشْرَاقِ ۙ18
تابِع ڪياسون تِنهن جا، جبل جوراڻا جام،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالطَّيْرَ مَحْشُوْرَةً ۭ كُلٌّ لَّهٗ ٓ اَوَّابٌ 19
پَکِي پَکڻ اُن وٽ، حاضِر گڏ، حُشام، ميڙ مِڙوئـِي اُن ڏي، موٽندڙ مُدام،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَشَدَدْنَا مُلْكَهٗ وَاٰتَيْنٰهُ الْحِكْمَةَ وَفَصْلَ الْخِطَابِ 20
مَضبوط ڪيوسون مُلڪ تِنهن، لشڪر مَٿي لام، ۽ صَحِي سَمجھ اُن کي، اَسان ڪَئـِي اِنعام، پڻ سُهڻو صاف ڪلام، عَطا ڪيو سون اُن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاح