036 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 83 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
يٰسۗ ۚ 1
سيني صاف يٰسٓ!
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالْقُرْاٰنِ الْـحَكِيْمِ 2ۙ
۽ قَسم قُرآن ڪَرِيم جو، جو حُڪمن ۽ حِڪمت سان ڀَريل بِاليقين،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّكَ لَمِنَ الْمُرْسَلِيْنَ 3ۙ
مُرسلن مان مُورهِين، آهين تون امين!
— مولوي حاجي احمد ملاحعَلٰي صِرَاطٍ مُّسْتَــقِيْمٍ 4ۭ
سِڌِي سَنئـِينءَ واٽ تي،
— مولوي حاجي احمد ملاحتَنْزِيْلَ الْعَزِيْزِ الرَّحِيْم 5ۙ
هِي اُتارا، آئـِين، سَٻاجھي سَٻر ڪنان،
— مولوي حاجي احمد ملاحلِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اُنْذِرَ اٰبَاۗؤُهُمْ فَهُمْ غٰفِلُوْنَ 6
ته ڏيئين تَن تَلقِين، اَڳي اَبا جِنهن قوم جا، وِياڪنبايا ڪِين،آهِن پوءِاِن ڪري، غافِل سي غمگِين،
— مولوي حاجي احمد ملاحلَقَدْ حَقَّ الْقَوْلُ عَلٰٓي اَكْثَرِهِمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 7
ٿئـي جَجھن تي، جَن مَنجھان، ثابت سزا سَنگِين، رکن ڪِين يَقِين، اُهي اَنڌا اِن آڌار تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّا جَعَلْنَا فِيْٓ اَعْنَاقِهِمْ اَغْلٰلًا فَهِىَ اِلَى الْاَذْقَانِ فَهُمْ مُّقْمَحُوْنَ 8
ڪياسون سَندنِ ڪَنڌن ۾، بيشڪ بارِي بند، تِڏيَن تائـِين تاڙسي، پوءِ ڪَشَيل اُنهن جا ڪنڌ،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَجَعَلْنَا مِنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ سَدًّا وَّمِنْ خَلْفِهِمْ سَدًّا فَاَغْشَيْنٰهُمْ فَهُمْ لَا يُبْصِرُوْنَ 9
۽ اڳيان، پويان اُنهن جي، ٻَڌِي ڇَڏي سون ٻَنڌ، پوءِ چاڙهيو سونِ، چوڌارکان، مَٿنِ اُونداهي اَنڌ، پوءِ ويجھو پَري پَنڌ، اُهي نه ڏِسن، ڪجھ ڏيہ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَسَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ ءَاَنْذَرْتَهُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 10
۽ هِڪ جِھڙو اُنهن جي حَق ۾، اي اونهان، سُرت سُڄاڻ! ڪرِين، نه ڪرِين ڄاڻ، ته به مُورک نه مَڃيِن مُورهِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّـمَا تُنْذِرُ مَنِ اتَّـبَعَ الذِّكْرَ وَخَشِيَ الرَّحْـمٰنَ بِالْغَيْبِ ۚ فَبَشِّرْهُ بِمَغْفِرَةٍ وَّاَجْرٍ كَرِيْـمٍ 11
تون ڊِيڄارين تنهن کي، جو حُڪمن تي هَلي، ۽ ڌاري ڊَپ ڌنئ جو، پَر پُٺ پاڻ پَلي، پوءِ ڏي بِشارت ڀَلي، مِره ۽ موچارِي مِهر جي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّا نَـحْنُ نُـحْيِ الْمَوْتٰى وَنَكْتُبُ مَا قَدَّمُوْا وَاٰثَارَهُمْ ڳ وَكُلَّ شَيْءٍ اَحْصَيْنٰهُ فِيْٓ اِمَامٍ مُّبِيْنٍ ۧ12
اَسِين مُئا جِياريون، پڻ لِکون ڪَم، ڪردار، جيڪي اماڻِيون اڳڀرا، پڻ پويان سَندنِ پار، ۽ هر شئ جو شُمار، ڪيوسون مُنڍ ڪتاب
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاضْرِبْ لَهُمْ مَّثَلًا اَصْحٰبَ الْقَرْيَةِ ۘاِذْ جَاۗءَهَا الْمُرْسَلُوْنَ ۚ13
۽ ڪري ٻُڌاءِ اُنهن کي، تَن ڳوٺاڻن جي ڳالھ، جڏهن مُرسل مَنجھسِ، آئياڀَليرا بَحال،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذْ اَرْسَلْنَآ اِلَيْهِمُ اثْــنَيْنِ فَكَذَّبُوْهُمَا فَعَزَّزْنَا بِثَالِثٍ فَقَالُـوْٓا اِنَّآ اِلَيْكُمْ مُّرْسَلُوْنَ 14
ڏانهنِ مُڪاسون، مِهر سان، فائـِق ٻه فِى الحال، پوءِ ڪُوڙو ڪوٺيون اُنهن کي، تڏهن ٽئي نَبِي نال، ڪيوسون ٻيلپو ٻنهِي جو، پوءِ چيؤُن اِهڙِي چال، ته نَبِي نيڪ نِهال، اَسِين اَوهان ڏي آهيون.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالُوْا مَآ اَنْتُمْ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا ۙ وَمَآ اَنْزَلَ الرَّحْـمٰنُ مِنْ شَيْءٍ ۙ اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا تَكْذِبُوْنَ 15
چي، نه آهيو اوهِين، مگر اَسان جِھا اِنسان، ۽ آن تي ڪُجھ نه اُتاريو، رازق، ربُّ، رحمان، ڪاشئِ آهيو ڪانه، مگر ڪريو ڪُوڙ رُڳا.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالُوْا رَبُّنَا يَعْلَمُ اِنَّآ اِلَيْكُمْ لَمُرْسَلُوْنَ 16
چي، آگو پاڪ اَسان جو، ٿو سمجھي ربُّ، ستار، ته پَڪ پغمبر آهيو، اَسِين اَوهان جي پار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا عَلَيْنَآ اِلَّا الْبَلٰغُ الْمُبِيْنُ 17
۽ وَڌِيڪ نه اَسان تي بار، پَڌري پُهچائڻ ري.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالُوْٓا اِنَّا تَــطَيَّرْنَا بِكُمْ ۚ لَىِٕنْ لَّمْ تَنْتَهُوْا لَنَرْجُمَنَّكُمْ وَلَيَمَسَّـنَّكُمْ مِّنَّا عَذَابٌ اَلِــيْمٌ 18
چي ، اَسِين اَوهان کان ڀانيون، ڏيہ تي ڏرت، ڏُڪار، جي نه مُڙيا، ته مُورهِين ڪنداسونءِ سَنگسار، ۽ اَسان کان آزار، ڪو ڏُکيو رَسندان ڏِيل ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالُوْا طَاۗىِٕرُكُمْ مَّعَكُمْ ۭ اَىِٕنْ ذُكِّرْتُمْ ۭ بَلْ اَنْتُمْ قَوْمٌ مُّسْرِفُوْنَ 19
چي، اَهنجِي ڏُرت اَوهان سان، وَه! جو پِرايان پاڻ، اُٽلو اَوهِين اَڄاڻ!، قوم اَجائـِي آهيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَجَاۗءَ مِنْ اَقْصَا الْمَدِيْنَةِ رَجُلٌ يَّسْعٰى قَالَ يٰقَوْمِ اتَّبِعُوا الْمُرْسَلِيْنَ ۙ20
۽ پَرئـِين مَٿي کان شهر جي، هڪ مرد مُؤمن مُور، ڊُڪندو، ڊوڙندو آئيو، اُتو تِنهن اَتَور، ته هَلو پُٺيان پيغمبرِين، اِي ذات! ڇَڏيو ٻِئو زور،
— مولوي حاجي احمد ملاح