035 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 45 آيتون ۽ 5 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ جَاعِلِ الْمَلٰۗىِٕكَةِ رُسُلًا اُولِيْٓ اَجْنِحَةٍ مَّثْنٰى وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ ۭ يَزِيْدُ فِي الْـخَلْقِ مَا يَشَاۗءُ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 1
آهِن هِڪ اَلله لئي، هردم حَمد هزار، جو جوڙيندڙ اُڀ، ڀونيون، نوان نقش نگار، مُقرّر ڪَندڙ مَلڪِين، مُرسل ماڻهِن پار، خاصِيتون جَن کَنڀڙاٽيون، ٻه ٻه، ٽي ٽي، چار،وَڌائي وڻيس تِئين، جوڙڻ مَنجھ جبار، ڪُل شئ مٿي ڪلتار، هَلندِئَ وارو هر حال ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحمَا يَفْتَحِ اللّٰهُ لِلنَّاسِ مِنْ رَّحْـمَةٍ فَلَا مُـمْسِكَ لَهَا ۚ وَمَا يُـمْسِكْ ۙ فَلَا مُرْسِلَ لَهٗ مِنْۢ بَعْدِهٖ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 2
ماڻهن تي مِهر مَنجھان، جيڪِي ڌَڻِي کولي دَر، پوءِ نه پُورِيندڙ اُن جو، ۽ پُوري جي پَروَر، اُپٽِيندڙ ناهي اُن جو، پُڃاڻسِ ڪِنهن پر، سَڀنيان سو سَٻر، ڏاهپ وارو ڏيھ ڌڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اذْكُرُوْا نِعْمَتَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ ۭ هَلْ مِنْ خَالِقٍ غَيْرُ اللّٰهِ يَرْزُقُكُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ڮ فَاَنّٰى تُـؤْفَكُوْنَ 3
ساريو سُک سائينءَ جا، آن سان اي انسان! ڌُران ڌَڻِي آھِ ڪو، جوڙيندڙ جھان؟ جو ڏي اوهان کي اُڀ ڪنان، پڻ ڀُون مان بي گمان، اَصل ڪونهي اُن ري، ڪو اَجھو، نه آستان، ڪيڏانهن پوءِ ڪُفران!، ڦيريا وڃو فريب سان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنْ يُّكَذِّبُوْكَ فَقَدْ كُذِّبَتْ رُسُلٌ مِّنْ قَبْلِكَ ۭ وَ اِلَى اللّٰهِ تُرْجَعُ الْاُمُوْرُ 4
۽ جي توکي ڪوٺِينِ ڪُوڙ مٿي ته، مَهند تُنهان مَهندار، سَچ پَچ ڪُوڙا ڪوٺيون، مُرسل مڻياندار، آخِر پَروَر پار، ڦِرِي اِيندا فيصلا.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اِنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ فَلَا تَغُرَّنَّكُمُ الْـحَيٰوةُ الدُّنْيَا ۪ وَلَا يَغُرَّنَّكُمْ بِاللّٰهِ الْغَرُوْرُ 5
آهِن ٻول اَلله جا، اي ماڻهئا! سَڀ مَنظور، هِئَ حَياتِي ننڍڙِي، پوءِ نه موهي آن کي مُور، ۽ ڌُوتِي نه ڌُتاري ڪَنِيان، ڌَڻِئَ ڪنان دُور،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الشَّيْطٰنَ لَكُمْ عَدُوٌّ فَاتَّخِذُوْهُ عَدُوًّا ۭ اِنَّـمَا يَدْعُوْا حِزْبَهٗ لِيَكُوْنُوْا مِنْ اَصْحٰبِ السَّعِيْرِ 6ۭ
اِبلِيس عَدُوّ اوهان جو، ظاهِر آھِ ضَرُور، وَٺوسِ، پوءِ ويرِي ڪري؛ جنهن جو دائـِم هِي دَستور، لاشڪ، سَندسِ لشڪر کي، واڪي سو وَهلور، تان بَنجن بي شُعور، مَنجھان ڀاتِيَن باھ جي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَهُمْ عَذَابٌ شَدِيْدٌ ڛ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ كَبِيْرٌ 7ۧ
ڪيو جَن اِنڪار، سَزا سَخت اُنهن لئي، ۽ جَن مالِڪ مَڃيو، ۽ چڱا ڪيؤَن ڪم ڪار، بَخشش بي شمار، پڻ اَجر وَڏا اُنهن لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَفَـمَنْ زُيِّنَ لَهٗ سُوْۗءُ عَمَلِهٖ فَرَاٰهُ حَسَـنًا ۭ فَاِنَّ اللّٰهَ يُضِلُّ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْ مَنْ يَّشَاۗءُ ڮ فَلَا تَذْهَبْ نَفْسُكَ عَلَيْهِمْ حَسَرٰتٍ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلِـيْمٌۢ بِـمَا يَصْنَعُوْنَ 8
پوءِ ڇا؟ جَڏا ڪم جنهن جا،ٿياسَندسِ لئي سيگار، چڱو چوڱو تن کي، ڀانيو پوءِ بَدڪار! مالِڪ مُنجھائي ڪِنهن کي، اي اُن جي اِختيار، ۽ ڪِنهن سُهائي واٽ سَئـِين، جي گُھري ربُّ غفار، پوءِ تَن تي، تُنهنجي تَن کي، نه وٺَنِ ڳڻتيون ڳار، سائـِين سَمجھدار، ڪَن جِھِڙئَ ڪار کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاللّٰهُ الَّذِيْٓ اَرْسَلَ الرِّيٰحَ فَتُـثِيْرُ سَحَابًا فَسُقْنٰهُ اِلٰى بَلَدٍ مَّيِّتٍ فَاَحْيَيْنَا بِهِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۭ كَذٰلِكَ النُّشُوْرُ 9
۽ ڏِيندڙ سو ڏاتار، جنهن واحِد واءَ موڪليا، پوءِ اُٿارينِ اُٻَن کي، پوءِ ڪاهيو سونِ قطار، صَفا سُڃي شهر ڏي، جنهن ۾ وڻ نه ڪو وڻڪار، جنهن سان جِياريو سون وَرِي، ڀُون کي برقرار، اَوسر بعد اُن جي ۽ وساياسون وَلهار، اُٿڻ اِن آچار، مُئن جو مقام مان.
— مولوي حاجي احمد ملاحمَنْ كَانَ يُرِيْدُ الْعِزَّةَ فَلِلّٰهِ الْعِزَّةُ جَمِيْعًا ۭ اِلَيْهِ يَصْعَدُ الْكَلِمُ الطَّيِّبُ وَالْعَمَلُ الصَّالِحُ يَرْفَعُهٗ ۭ وَالَّذِيْنَ يَمْكُرُوْنَ السَّـيِّاٰتِ لَهُمْ عَذَابٌ شَدِيْدٌ ۭ وَمَكْرُ اُولٰۗىِٕكَ هُوَ يَبُوْرُ 10
جو گُھري عِزت، آب، پوءِ عِزت سَڀ الله جِي، اُسري ڳالھ اُن ڏي، ڀَلِي هَر ڪِنهن باب، ۽ سڀَڪو ڪم صَواب، قبولي ڪَرم سان. جَن سِٽيون سِٽائون بُڇڙيون، اُنهن لئي سَخت عذاب، ۽ خانوئـِي خَراب، تَن مُنڪرن جي مَڪر جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاللّٰهُ خَلَقَكُمْ مِّنْ تُرَابٍ ثُـمَّ مِنْ نُّطْفَةٍ ثُـمَّ جَعَلَكُمْ اَزْوَاجًا ۭ وَمَا تَحْمِلُ مِنْ اُنْـثٰى وَلَا تَضَعُ اِلَّا بِعِلْمِهٖ ۭ وَمَا يُعَمَّرُ مِنْ مُّعَمَّرٍ وَّلَا يُنْقَصُ مِنْ عُـمُرِهٖٓ اِلَّا فِيْ كِتٰبٍ ۭ اِنَّ ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرٌ 11
۽ خدا خلقيا خاڪ مان، پوءِ نُطفي مان نِبار، وَرِي اوهان کي جوڙيو، جوڙا جوڙڻهار، ۽ بِلڪل نه کَڻي، بارڪو ، نار ۽ نه ڄڻي ٻار، مگر مِڙئي اُن جي، سارڻ ساڻ سَنڀار، ۽ لِکيل لوح مَحفوظ ۾، جيڪي وَڌي، گھٽي ڄَمار، قادر تي ڪم ڪار، آهي اِي آسان گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا يَسْتَوِي الْبَحْرٰنِ ڰ ھٰذَا عَذْبٌ فُرَاتٌ سَاۗىِٕــغٌ شَرَابُهٗ وَھٰذَا مِلْحٌ اُجَاجٌ ۭ وَمِنْ كُلٍّ تَاْكُلُوْنَ لَـحـْـمًا طَرِيًّا وَّتَسْتَخْرِجُوْنَ حِلْيَةً تَلْبَسُوْنَهَا ۚ وَتَرَى الْفُلْكَ فِيْهِ مَوَاخِرَ لِتَبْتَغُوْا مِنْ فَضْلِهٖ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ 12
۽ سَرکا ڪِين سَمونڊ ٻَئـِي، هِي مِٺو مَزيدار، وَڻندڙ اُن جو واهِپو، ۽ هِي ڪَڙو ڪارونڀار، ۽ ٻاهر ڪڍو ٻنهِي مان، تازا طعام تيار، پڻ جي پايو پاڻ ٿا، سي ڪڍو سِينگار، ۽ ڏِسِين ٻيڙيون ٻنهين ۾، چِرِيندڙ چوڌار، ڀَلِين، ته سَندسِ ڀال مان، وَرسو مَنجھ واپار، اِي هارَ سَڀيئـِي اِن هار، تان مِهربانيون مَڃيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيُـوْلِـجُ الَّيْلَ فِي النَّهَارِ وَيُـوْلِـجُ النَّهَارَ فِي الَّيْلِ ۙ وَسَـخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ڮ كُلٌّ يَّـجْرِيْ لِاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبُّكُمْ لَهُ الْمُلْكُ ۭ وَالَّذِيْنَ تَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِهٖ مَا يَـمْلِكُوْنَ مِنْ قِطْمِيْرٍ ۭ13
رات گڏي ڏِينهن ۾، قُدرت ساڻ ڪمال، ۽ روشن ڏِينهن رات ۾، جوڙي جَلَّ جَلال، سِج، چَنڊ سَندسِ حُڪم ۾، سوگھا رَکيائـِين سال، مُقرّر مُدت سَئـِين، سَڀ چلن چڱِئَ چال، سو اَلله آهي اوهان جو، مالِڪ بي مِثال، ۽ مُلڪ مالامال، آهي آجو اُن جو ۽ تِنهن ڌاران، دانهيون جَن کي، اُن جو اِهڙو حال، ته خالِي گِد کَکَئَ تي، نه هَلي سَندنِ سَنڀال،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنْ تَدْعُوْهُمْ لَا يَسْمَعُوْا دُعَاۗءَكُمْ ۚ وَلَوْ سَمِعُوْا مَا اسْتَجَابُوْا لَكُمْ ۭ وَيَوْمَ الْقِيٰمَةِ يَكْفُرُوْنَ بِشِرْكِكُمْ ۭ وَلَا يُنَبِّئُكَ مِثْلُ خَبِيْرٍ ۧ14
کَڻِي تن کي ڪيترو، پُوڪاريو پيمال!، ته سُڻن نه سَڏ اَوهان جو، ۽ جي سُڻن کڻي سُوال، ته به سَگھن قبولي ڪِين ڪِي، مَدد ڏِيڻ مَحال، ۽ اِنڪار، اَهنجي شِرڪ ڪنان، ڪَن قيامت ۾ ڪالھ، محرم حال مِثال، ڪَر نه توکي، ڪير ڏي!
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اَنْتُمُ الْفُقَرَاۗءُ اِلَى اللّٰهِ ۚ وَاللّٰهُ هُوَ الْغَنِيُّ الْحَمِيْدُ 15
مِڙئـِي آهيو ماڻهئا! پَروَر جا پينار، ۽ هِڪ سائـِين شاهوڪار، ساراهيل سَڀين پَرِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنْ يَّشَاْ يُذْهِبْكُمْ وَيَاْتِ بِـخَلْقٍ جَدِيْدٍ ۚ16
جي اَلله گُهري، ته اوهان کي نيئـِي ڪَري ناس، ۽ جوڙي وَرِي جوڙنَئـِين،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ بِعَزِيْزٍ 17
هرگز حق شناس، ربَّ تي اِها راس، ڪا ڳَرِي ناهي ڳالهڙِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰى ۭ وَاِنْ تَدْعُ مُثْقَلَةٌ اِلٰى حِمْلِهَا لَا يُحْمَلْ مِنْهُ شَيْءٌ وَّلَوْ كَانَ ذَا قُرْبٰى ۭ اِنَّـمَا تُنْذِرُ الَّذِيْنَ يَـخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَيْبِ وَاَقَامُوا الصَّلٰوةَ ۭ وَمَنْ تَزَكّٰى فَاِنَّـمَا يَتَزَكّٰى لِنَفْسِهٖ ۭ وَاِلَى اللّٰهِ الْمَصِيْرُ 18
۽ کڻندڙ کڻي ڪو نه ڪو، ٻئي جو بوجو بار،۽ ڳَرو ڳوٺاين کي، سَڏي کڻي صد بار، کَڻڻ سَندسِ ڏي، ته نه کڻي مَنجھاسِ ڪُجھ مِقدار، ڀَلِين هُجن ڀار، اوڏا عَزِيز ڪيترو. تون ڊِيڄارين تن کي، نبي! نيڪ نِهال، جي پَر پُٺ پنهنجي ربُّ جو، رکنِ خوف خيال، ۽ نِت نِمازون نِيهن مان، پڙهن چڱِئَ چال، ۽ جو لاهي مَرمال جو، ته جِيَسِ تان جنجال،لاهي سو لال، ۽ آخِر هَلڻ اَلله ڏي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا يَسْتَوِي الْاَعْـمٰى وَالْبَصِيْرُ ۙ19
۽ اَڙو نه اَنڌو ۽ نه سَڄو،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَا الظُّلُمٰتُ وَلَا النُّوْرُ ۙ20
نه اُونداهِي ۽ نه نُور،
— مولوي حاجي احمد ملاح