034 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 54 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ لَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَلَهُ الْـحَمْدُ فِي الْاٰخِرَةِ ۭ وَهُوَ الْحَكِيْمُ الْخَبِيْرُ 1
آهي شڪر الله جو، جنهن جا سڀ جنسار، جيڪي آهي اُڀن ۾، جيڪي ڀُون ۾ بَرقرار، آهي آخِرت ۾ پڻ تِنهنجِي طَلب تنوار، اُهو حِڪمتي هوشيار، پڻ خدا خبردار گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَعْلَمُ مَا يَـلِجُ فِي الْاَرْضِ وَمَا يَخْرُجُ مِنْهَا وَمَا يَنْزِلُ مِنَ السَّمَاۗءِ وَمَا يَعْرُجُ فِيْهَا ۭ وَهُوَ الرَّحِيْمُ الْغَفُوْرُ 2
ڄاڻي ڄاڻڻهار، جيڪِي پَوي زمين ۾، پڻ اولھ، اوڀر اُن مَنجھان، جيڪِي ٻوٽا ٿِينَ ٻَهار، ۽ جيڪِي اُتري اُڀ ڪنان، ۽ جيڪِي اُسري اُنهئ پار، ۽ آهي اُو اِظهار، مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَا تَاْتِيْنَا السَّاعَةُ ۭ قُلْ بَلٰى وَرَبِّيْ لَتَاْتِيَنَّكُمْ ۙ عٰلِمِ الْغَيْبِ ۚ لَا يَعْزُبُ عَنْهُ مِثْـقَالُ ذَرَّةٍ فِي السَّمٰوٰتِ وَلَا فِي الْاَرْضِ وَلَآ اَصْغَرُ مِنْ ذٰلِكَ وَلَآ اَكْبَرُ اِلَّا فِيْ كِتٰبٍ مُّبِيْنٍ ڎڎ 3
۽ اُتو، جَن اِنڪار ڪيو، ته اِيندِي نَه اَسان تي وار، چَئو هائو، سنهن سايَمِ جو، جو عالِم سَڀ اِسرار، اِيندِي اُها اوچتِي، جنهن ۾ ڦير نَه ڦار، اُڀ، ڀُون ۾ نَه لِڪي، اُن کان، ماڪوڙِي مِقدار، ۽ نه ننڍِي تِنهن کان تور ۾، ۽ نَه وڏِي وَزندار، مگر مِڙئـِي ڪَم ڪار، لِکيل لَوح مَحفوظ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحلِّيَجْزِيَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّرِزْقٌ كَرِيْمٌ 4
تان اَجر ڏي اُنهن کي، آندو جَن اِيمان، پڻ چڱا ڪيائون ڪَمڙا، اُنهن لئي ڪَئـِين اِحسان، بَخشش بي گمان، پڻ مانَ ڀَريون مِهمانيون.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّذِيْنَ سَعَوْ فِيْٓ اٰيٰتِنَا مُعٰجِزِيْنَ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ عَذَابٌ مِّنْ رِّجْزٍ اَلِــيْمٌ 5
۽ اَسان جي آيتن ۾، جي ڪاهي پِيا ڪُلال، ڏاڍا بَنجِي ڏيہ ۾، تَن نالائـِقن نال، وَبا وارو وَبال، ڏاڍو آهي ڏُ کيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيَرَى الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ الَّذِيْٓ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ هُوَ الْــحَقَّ ۙ وَيَهْدِيْٓ اِلٰى صِرَاطِ الْعَزِيْزِ الْـحَمِيْدِ 6
۽ جن کي علم عطا ٿيو، سي سَمجھن سَڄِي ڳالھ، ته توڏي، تُنهن جي ڌَڻِئَ کان، جيڪِي لاٿو وِيو لال! آهي قُرآن ڪرِيم، سو بَرحق ڀَلو بَحال، ۽ ٿو ڏَسي، واٽ وِصال، سَٻر،ساراهِيَل جِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا هَلْ نَدُلُّكُمْ عَلٰي رَجُلٍ يُّنَبِّئُكُمْ اِذَا مُزِّقْتُمْ كُلَّ مُـمَزَّقٍ ۙ اِنَّكُمْ لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ 7ۚ
۽ اُتو جَن اِنڪار ڪيو، ته آن کي، ڏَسيون اِنسان، خبر ڏِئي ٿو خان سو، جڏهن خاڪ ٿيا خيمان، جُمله جڳ جَھان، ته اَوهِين اِيندا نَئـِين جوڙ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَفْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا اَمْ بِهٖ جِنَّةٌ ۭ بَلِ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ فِي الْعَذَابِ وَالضَّلٰلِ الْبَعِيْدِ 8
ڇا ٻَڌئـِين ڪُوڙ ڪَرِيم تي، يا لَڳسِ جُسي ۾ جِن؟ اُٽلو آخِرت کي، مُور نه مَڃيو جَن، مَنجھ دوزخ ديرو تَن، پڻ آهِن آڳاهِين وِرس ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَفَلَمْ يَرَوْا اِلٰى مَا بَيْنَ اَيْدِيْهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۭ اِنْ نَّشَاْ نَخْسِفْ بِهِمُ الْاَرْضَ اَوْ نُسْقِطْ عَلَيْهِمْ كِسَفًا مِّنَ السَّمَاۗءِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً لِّكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيْبٍ 9ۧ
ڇا وِيچاريؤن نه وار؟ جيڪي اُڀ، زَمِين مان، اَ ڳيان، پُٺيان اُنهن جي، عَجائـِب اَسرار، زوزا زورزَمِين ۾، جي گُھرون ته ڪَريون گار، يا ڪو اَڌڙ اُڀ مان، ڪيريون سِرڪِپار، آهي اِنهِئَ ڳالھ ۾، نِشانِي نِروار، هر ٻانهي لئي ٻِيهار، جو رُجوع ٿِيندڙ رَبَّ ڏي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ مِنَّا فَضْلًا ۭ يٰجِبَالُ اَوِّبِيْ مَعَهٗ وَالطَّيْرَ ۚ وَاَلَنَّا لَهُ الْحَدِيْدَ ۙ10
۽ دوست نَبِي دائود سان، بي شڪ ڪياسون ڀال، اي پهڻ! پَڙهو، پڻ پکي!، تسبِيحون تِنهِين نال، پڻ نَرم ميڻ مِثال، لاڪسِ ڪيوسون لوھ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَنِ اعْمَلْ سٰبِغٰتٍ وَّقَدِّرْ فِي السَّرْدِ وَاعْمَلُوْا صَالِـحًا ۭ اِنِّىْ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرٌ 11
جوڙ زرهون اُن مان، گڏ ڪَڙو ڪڙي ساڻ، ۽ صَحِي سُڌارو مُلڪ جو، ساري ڪر سُڄاڻ! آئون پَسندڙ آهيان پاڻ، جيڪِي ڪريو، جھان ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلِسُلَيْمٰنَ الرِّيْحَ غُدُوُّهَا شَهْرٌ وَّ رَوَاحُهَا شَهْرٌ ۚ وَاَسَلْنَا لَهٗ عَيْنَ الْقِطْرِ ۭ وَمِنَ الْجِنِّ مَنْ يَّعْمَلُ بَيْنَ يَدَيْهِ بِاِذْنِ رَبِّهٖ ۭ وَمَنْ يَّزِغْ مِنْهُمْ عَنْ اَمْرِنَا نُذِقْهُ مِنْ عَذَابِ السَّعِيْرِ 12
۽ ڪيو سون سُليمان جو، تابِع واءُ تمام، مَنزل مَهِينو صُبح جو، ۽ مَنزل مَهِينو شام، ۽ تنهن لئي تلاءُ ٽامي جو، جو جارِي ڪيوسون جام، پڻ مَنظورِئَ سان مالِڪ جي، آگي سَندسِ عَلام، مَهندان تِنهن مُدام، ڪي جِنَّ ڪمائـِيندا رهيا. ۽ اسان جي اَمر کان، جو ڦيري لِک لَوڻو، ته چَکايونسِ چَوڻو، ٻَلڙھ ٻَرندڙ باھ جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَعْمَلُوْنَ لَهٗ مَا يَشَاۗءُ مِنْ مَّحَارِيْبَ وَتَمَاثِيْلَ وَجِفَانٍ كَالْجَــوَابِ وَقُدُوْرٍ رّٰسِيٰتٍ ۭ اِعْمَلُوْٓا اٰلَ دَاوٗدَ شُكْرًا ۭ وَقَلِيْلٌ مِّنْ عِبَادِيَ الشَّكُوْرُ 13
جوڙِين جِھڙا پاڻ گُھري، تِنهن لئي ڪوٽ ڪمال، تَلاءَ وَڏي جِيئن تاسريون، پڻ ديڳِيُون ڌَمتال، دِلئون ويا دائود جا!، ڳايو ڳُڻنِ ڳالھ، ۽ آهِن جڏهن مُنهنجي، بَندن مان بَحال، لوڪ سَڄي ۾ لال، ڳاڻ ڳَـڻيائي ڳائـِڻا.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَلَمَّا قَضَيْنَا عَلَيْهِ الْمَوْتَ مَا دَلَّهُمْ عَلٰي مَوْتِهٖٓ اِلَّا دَاۗبَّةُ الْاَرْضِ تَاْكُلُ مِنْسَاَتَهٗ ۚ فَلَمَّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ الْجِنُّ اَنْ لَّوْ كَانُوْا يَعْلَمُوْنَ الْغَيْبَ مَا لَبِثُوْا فِي الْعَذَابِ الْمُهِيْنِ ۭ14
پوءِ جڏهن مَٿسِ موت جو، ڦيريو سون فرمان، پوءِ رَضا ۽ رُخصت جِي، سَندِي سُليمان، ري اُوڏهِئَ اُنهن کي، ڪِنهن ڪَر ڏِني به ڪان، جَا لَڳي سَندسِ لَٺ کي، جِنهن تي کَڙو هو خان، پوءِ ڪِريو پَٽ تي، مُرسل مِهربان، جڏهن ٿي جِنن تي، اِها ڳالھ عيان، ڄاڻن ڳجھيون ڳالهيون، جيڪر مَنجھ جھان، ته هيترو حيران، ڪَر ڪمن ۾ ڪين رهيا!
— مولوي حاجي احمد ملاحلَقَدْ كَانَ لِسَـبَاٍ فِيْ مَسْكَنِهِمْ اٰيَةٌ ۚ جَنَّتٰنِ عَنْ يَّـمِيْنٍ وَّ شِمَالٍ ڛ كُلُوْا مِنْ رِّزْقِ رَبِّكُمْ وَاشْكُرُوْا لَهٗ ۭ بَلْدَةٌ طَيِّبَةٌ وَّرَبٌّ غَفُوْرٌ 15
سَباجي ساڪِنن لئي، هئي نِشاني نِروار، گھاٽا باغ گَسن تي، سَڄي، کَٻي پار، چي روزِي پنهنجي ربَّ جي، کائو خوش گوار، پڻ ڳايون ڳڻ اُنهِئَ جا، هِڪ شهر شاهوڪار، ٻِيو مالِڪ رُبُّ مختيار، مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاَعْرَضُوْا فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ سَيْلَ الْعَرِمِ وَبَدَّلْنٰهُمْ بِجَنَّتَيْهِمْ جَنَّتَيْنِ ذَوَاتَىْ اُكُلٍ خَـمْطٍ وَّاَثْلٍ وَّشَيْءٍ مِّنْ سِدْرٍ قَلِيْلٍ 16
پوءِ موڙيون مُنهن، ته اُنهن تي، ڇانب چڏِيسون ڇَر، بَدل ڏِنوسون باغن جو، ٻِن جو ٻِيهر، کارا پيرون کٻڙِين، ڪَساريون ڪثر، لاسڙ لَيون آسريون، ٻِيون ٻيريون ڪِي قدر،
— مولوي حاجي احمد ملاحذٰلِكَ جَزَيْنٰهُمْ بِـمَا كَفَرُوْا ۭ وَهَلْ نُجٰزِيْٓ اِلَّا الْكَفُوْرَ 17
جو ڪيائون ڪُفر اُن جو، ڏِنو سونِ اَجر، ۽ ري مُنڪرن مگر، ٻِئي بَدلو نه ڏِيون باھ جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَجَعَلْنَا بَيْنَهُمْ وَبَيْنَ الْقُرَى الَّتِيْ بٰرَكْنَا فِيْهَا قُرًى ظَاهِرَةً وَّقَدَّرْنَا فِيْهَا السَّيْرَ سِيْرُوْا فِيْهَا لَيَالِيَ وَاَيَّامًا اٰمِنِيْنَ 18
تَن وِچ ۽ واهڻِين، گل ڪياسون گام، مُقرّر ڪيونسون مَنزلون، سانگ سَندنِ تان شام، صُبح سُکيا هِڪ شهر ۾، ۽ ٻي شهر ۾ شام، رَهو مَنجَھنِ ڏِينهن، راتيون، اَمن، سان آرام،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَقَالُوْا رَبَّنَا بٰعِدْ بَيْنَ اَسْفَارِنَا وَظَلَمُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَـجَعَلْنٰهُمْ اَحَادِيْثَ وَمَزَّقْنٰهُمْ كُلَّ مُمَــزَّقٍ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُوْرٍ 19
آکيؤن پوءِ ته، اسان جا، آگاربَّ عَلام، ڪر پَنڌ اسان جو پَر ڀَرو، مَنزِل دُور مُدام، ۽ پاڻهِين ڪيائون پاڻ سان، جاڙ جَفائون جام، پوءِ ڪيوسون آکاڻيون اُنهن کي، ٻئو نه نِشاني نام، ڇِنِي ڪياسون ڇَڙو ڇَڙ، توائـِي تمام، اِن ۾ عِبرت عام، هر صابِر شُڪر گُذارلئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ صَدَّقَ عَلَيْهِمْ اِبْلِيْسُ ظَنَّهٗ فَاتَّبَعُوْهُ اِلَّا فَرِيْقًا مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 20
۽ صَحِي ثابت ڪيو اُنهن تي، پَنهنجو شَڪ شيطان، پوءِ لڳا لڙھ اُن جي، تابِع ٿيا تَعبان، سوا ساٿ هيڪڙي، جي مُؤْمن مُسلمان،
— مولوي حاجي احمد ملاح