033 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 73 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
يٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اتَّقِ اللّٰهَ وَلَا تُطِـعِ الْكٰفِرِيْنَ وَالْمُنٰفِقِيْنَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِـيْمًا حَكِــيْمًا 1ۙ
اُڊڪو رَک الله جو، اي نَبِي نِرمل نُور، ۽ مُنڪرن ۽ مُنافقن جو، چيو مَڃ نه مُور، پَروَر پاڪ حُضور، واقِف ۽ ويڄ سو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاتَّبِـعْ مَا يُوْحٰٓى اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرًا 2ۙ
پورِئَ طرح پارتون، فقط اُهي اَحڪام، توڏي، تُنهنجي ڌَڻِئ کان، جَن جو وَحِي ٿِئي وَريام! آگو آگاھ اُن ڪنان، جيڪي ڪريو، ڪَهو ڪَلام،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّتَوَكَّلْ عَلَي اللّٰهِ ۭ وَكَفٰي بِاللّٰهِ وَكِيْلًا 3
۽ رَک تون رَبَّ ڪرِيم تي، تَوڪَّل تمام، ۽ مَددگار مُدام، بَس آهي هادِي هيڪڙو.
— مولوي حاجي احمد ملاحمَا جَعَلَ اللّٰهُ لِرَجُلٍ مِّنْ قَلْبَيْنِ فِيْ جَوْفِهٖ ۚ وَمَا جَعَلَ اَزْوَاجَكُمُ اڿ تُظٰهِرُوْنَ مِنْهُنَّ اُمَّهٰتِكُمْ ۚ وَمَا جَعَلَ اَدْعِيَاۗءَكُمْ اَبْنَاۗءَكُمْ ۭ ذٰلِكُمْ قَوْلُكُمْ بِاَفْوَاهِكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَـقُوْلُ الْــحَـقَّ وَهُوَ يَهْدِي السَّبِيْلَ 4
ڌَڻِئَ ٻه دِليون نَه ٺاهِيون، ڪِنهن آدمِئَ اَندر، پڻ ڪيون نه، اُن اوهان جون، مُورهِين سي مادر، اَنهنجي جوءِ نيان، جَن کي، سَڏيو ماءُ مگر، پُٽيلن کي پُٽ اَهنجا، پَٽيِين نَه ڪيو پَروَر، اِي اَجايو اَ کر، پَنهنجي مُنهان پاڻ چَئو. ۽ سائـِين صَفا سَچ چَوي، ۽ سَنئـِين راھ ڏَسي رَهبر،
— مولوي حاجي احمد ملاحاُدْعُوْهُمْ لِاٰبَاۗىِٕهِمْ هُوَ اَقْسَطُ عِنْدَ اللّٰهِ ۚ فَاِنْ لَّمْ تَعْلَمُوْٓا اٰبَاۗءَهُمْ فَاِخْوَانُكُمْ فِي الدِّيْنِ وَمَوَالِيْكُمْ ۭ وَلَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ فِيْمَآ اَخْطَاْتُـمْ بِهٖ ۙ وَلٰكِنْ مَّا تَعَمَّدَتْ قُلُوْبُكُمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِـيْمًا 5
سَڏيونِ سَندنِ پِئن جو، اِي اِنصافِي اکر، پوءِ جي، سَندنِ پِئن جِي، ڪانهي اَوهان کي ڪَر، پوءِ اَوهان جا آخِر، دوست، برادر دِين ۾. ۽ ڀُلجي ڪيان ته، اُن جو بلڪُل نه آن تي بار، پَر پَروڙي پوءِ ڪَئـِي، جا قَلبن اَهنجي ڪار، ۽ بيشڪ بخشڻهار، اَلله جَلَّ جَلالہٗ
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلنَّبِيُّ اَوْلٰى بِالْمُؤْمِنِيْنَ مِنْ اَنْفُسِهِمْ وَاَزْوَاجُهٗ ٓ اُمَّهٰتُهُمْ ۭ وَاُولُوا الْاَرْحَامِ بَعْضُهُمْ اَوْلٰى بِبَعْضٍ فِيْ كِتٰبِ اللّٰهِ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُهٰجِرِيْنَ اِلَّآ اَنْ تَفْعَلُوْٓا اِلٰٓى اَوْلِيٰۗىِٕكُمْ مَّعْرُوْفًا ۭ كَانَ ذٰلِكَ فِي الْكِتٰبِ مَسْطُوْرًا 6
مُرسل مُؤمنن جو، صَحِي سَنڀاليدار، سَندنِ جانِيَن، جِگرن کان، بِهتر برقرار، ۽ مائون تِن جون، تِنهن سَنديون بِيبِيُون برقرار، ۽ مُؤمِن ۽ مُهاجِرن مان مِٽ مائـِٽ درجي وار، هِڪ ٻِئان وَڌ حَقدار، قادِر جي ڪِتاب ۾. پر پَرانهَن لئي، پَنهنجِي، ڪيان نيڪِي ڪا، ته ثابِت آهي سا، قَلمبَند ڪِتاب ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَ اِذْ اَخَذْنَا مِنَ النَّـبِيّٖنَ مِيْثَاقَهُمْ وَ مِنْكَ وَمِنْ نُّوْحٍ وَّ اِبْرٰهِيْمَ وَ مُوْسٰى وَ عِيْسَى ابْنِ مَرْيَـمَ ۠ وَاَخَذْنَا مِنْهُمْ مِّيْثَاقًا غَلِيْظًا 7ۙ
۽ جڏهن مِڙن مُرسلن کان، وَرتو اَسان انجام، ۽ تو ۽ نُوح، اِبراهيم کان، مُوسٰى، عِيسٰى ڄام، ۽ تاڪيد ساڻ تمام، وَرتاسون وعدا اُنهن کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحلِّيَسْـَٔـلَ الصّٰدِقِيْنَ عَنْ صِدْقِهِمْ ۚ وَاَعَدَّ لِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابًا اَلِـــيْمًا 8ۧ
تان سَچن کان، سَندنِ سَچ جِي، پُڇاڪري پاڻ، پڻ ڪُل ڪفارن ڪاڻ، ساڙو سَخت سَنڀاهو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ جَاۗءَتْكُمْ جُنُوْدٌ فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا وَّجُنُوْدًا لَّمْ تَرَوْهَا ۭ وَكَانَ اللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرًا 9ۚ
اي اهي! دل جان سان، آندو جن ايمان، سندا صاحب ساريو، اوهان تي احسان، جڏهن اوهان تي آئيا، ڪٽڪ سندا ڪفران، پوءِ اماڻيو سون انهن مٿي، ڪو واءِ تکو طوفان، پڻ فوج فتشتن جي، جا اوهان ڏٺي ٿي ڪانه، ۽ جيڪي ڪريو منجھ جھان، الله ڏسندڙ ان کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذْ جَاۗءُوْكُمْ مِّنْ فَوْقِكُمْ وَمِنْ اَسْفَلَ مِنْكُمْ وَاِذْ زَاغَتِ الْاَبْصَارُ وَبَلَغَتِ الْقُلُوْبُ الْحَـنَاجِرَ وَتَظُنُّوْنَ بِاللّٰهِ الظُّنُوْنَا 10
جَڏهن اَوهان تي آئـِيا، هيٺان مَٿان ميان!، ۽ اکيون اولاڻيون ٿيون، ۽ هِڪيَن رساهِنيان،۽ ڪِهڙا گمان ڪَيان، اُنهِئ وير اَلله ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحهُنَالِكَ ابْتُلِيَ الْمُؤْمِنُوْنَ وَزُلْزِلُوْا زِلْزَالًا شَدِيْدًا 11
آيا اِمتحان ۾، مُؤمن تِنهِين ماڳ، ۽ آيا کين اَجھاڳ، ڏاڍا لوڏا لَهريون.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذْ يَقُوْلُ الْمُنٰفِقُوْنَ وَالَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ مَّا وَعَدَنَا اللّٰهُ وَرَسُوْلُهٗ ٓ اِلَّا غُرُوْرًا 12
۽ ٻوليو جڏهن ٻِچاپڙن، ۽ جَن جي اَندر ۾ آزار، ته اَلله پاڪ اسان کي، پڻ مُرسل سَندسِ مُختار، ڏِنان نه قَول قرار، ڌوڪي ڌاران ڪي ٻِيا.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذْ قَالَتْ طَّاۗىِٕفَةٌ مِّنْهُمْ يٰٓاَهْلَ يَثْرِبَ لَا مُقَامَ لَكُمْ فَارْجِعُوْا ۚ وَيَسْتَاْذِنُ فَرِيْقٌ مِّنْهُمُ النَّبِيَّ يَقُوْلُوْنَ اِنَّ بُيُوْتَنَا عَوْرَةٌ ړ وَمَا هِىَ بِعَوْرَةٍ ڔ اِنْ يُّرِيْدُوْنَ اِلَّا فِرَارًا 13
ڪِنهِن ٻارِئَ ٻوليو، تَن مَنجھان، ته اي يثرب وارا! موٽو مَتارا!، هِت ماڳ نه اَهنجو مُورِهِين. ۽ ڪي ماڻهو تَن مان، مُرسل کان موڪلائـِين، چي، هَي هَي! گَھر هيڪلا، اَسان جا آهِينِ ۽ هُو نه هرگز هيڪلا، ٿا ڪُوڙن ۾ ڪاهِينِ، چَٽ نه ٻِئو چاهِينِ، مگر ڀَڄڻ ميدان مان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَوْ دُخِلَتْ عَلَيْهِمْ مِّنْ اَقْطَارِهَا ثُـمَّ سُىِٕلُوا الْفِتْنَةَ لَاٰتَوْهَا وَمَا تَلَبَّثُوْا بِهَآ اِلَّا يَسِيْرًا 14
۽ گِھڙِي سَندسِ گھاٽن مان، ڪاهِن مَٿنِ ڪُفار، موٽِي کين مدد لئي، ڪئـِي ويئي ڪُوڪار، ته عَمل ڪيائون اُن مَٿي، تهدِل ٿِي تيار، ٿورِي ويرم ڌار، تِنهن ۾ دير نه ڌارتون.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ كَانُوْا عَاهَدُوا اللّٰهَ مِنْ قَبْلُ لَا يُوَلُّوْنَ الْاَدْبَارَ ۭ وَكَانَ عَهْدُ اللّٰهِ مَسْـُٔــوْلًا 15
۽ اڳ ۾، تَن اَلله سان، قول ڪيائون ڪالھ، ته پِڙ ۾ پُٺيون پانهنجون، موڙيندا نه مجال، ۽ صبحان، ڪالھ سُوال، اَلله ساڻ اَنجام جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ لَّنْ يَّنْفَعَكُمُ الْفِرَارُ اِنْ فَرَرْتُمْ مِّنَ الْمَوْتِ اَوِ الْقَتْلِ وَاِذًا لَّا تُـمَـتَّعُوْنَ اِلَّا قَلِيْلًا 16
چَئو ڀَڄڻ بِلڪُل آن کي، ڏئـِي نه وَٽابو وار، جي موت ۽ مُقابلي کان، ڀَڄندا ٿِي بيزار، ۽ نه وَر سنداتِنهن وار، مگر مهلت ٿورڙِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ مَنْ ذَا الَّذِيْ يَعْصِمُكُمْ مِّنَ اللّٰهِ اِنْ اَرَادَ بِكُمْ سُوْۗءًا اَوْ اَرَادَ بِكُمْ رَحْـمَةً ۭ وَلَايَجِدُوْنَ لَهُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ وَلِيًّا وَّلَا نَصِيْرًا 17
چَئو، اَوهان کي اَلله کان، ڏِيندو ڪير پَناھ؟ جي ڏُک ڏِيڻ گُھري ڪو، اَوهان کي اَلله، يا ڪَرڻ اوهان تي ڪا گُھري، بَخشش بادشاھ، واهر، وسيلو واھ، لهندا نه ڌڻئ ڌارڪو.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَدْ يَعْلَمُ اللّٰهُ الْمُعَوِّقِيْنَ مِنْكُمْ وَالْقَاۗىِٕلِيْنَ لِاِخْوَانِهِمْ هَلُمَّ اِلَيْنَا ۚ وَلَا يَاْتُوْنَ الْبَاْسَ اِلَّا قَلِيْلًا ۙ18
اوهان مان آرسوئن کي، ٿو ڄاڻي ڄاڻڻهار، پڻ چوندڙ پنهنجي ڀائرين ته اچو اسان جي پار، ڪن ٿورن ٿڪين ڌار، مورنه اچن ميدان ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَشِحَّةً عَلَيْكُمْ ښ فَاِذَا جَاۗءَ الْخَوْفُ رَاَيْتَهُمْ يَنْظُرُوْنَ اِلَيْكَ تَدُوْرُ اَعْيُنُهُمْ كَالَّذِيْ يُغْشٰى عَلَيْهِ مِنَ الْمَوْتِ ۚ فَاِذَا ذَهَبَ الْـخَوْفُ سَلَقُوْكُمْ بِاَلْسِـنَةٍ حِدَادٍ اَشِحَّةً عَلَي الْـخَــيْرِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَمْ يُؤْمِنُوْا فَاَحْبَطَ اللّٰهُ اَعْـمَالَهُمْ ۭ وَكَانَ ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرًا 19
اَڀاريندڙ اوهان کي، پوءِ جڏهن آين خوف خيال، ڏِٺِئينِ ته ڏِسن پِيا توڏي، ڦِرنن اَ کيون فِى الحال، اُنهِئَ ماڻهو جي مِثال، جنهن جِي مَت، مارِي ويئي موت کان. پوءِ وِيو جنهن وير ۾، خوف، خطرو جان، ته اوهان کي اِيذائـِينِ پِيا، تِکئَ ساڻ زبان، جنهن حال، متاع تي، حِرص ڪندڙ حيران، اُهي آهن سي، جَن آندو نه اِيمان، پوءِ ڪَيون ڪمايون اُنهن جون، رَئـِي ڪيون رَحمان، ۽ آهي گھڻو آسان، اِهو ڪم اَلله تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَحْسَبُوْنَ الْاَحْزَابَ لَمْ يَذْهَبُوْا ۚ وَاِنْ يَّاْتِ الْاَحْزَابُ يَوَدُّوْا لَوْ اَنَّهُمْ بَادُوْنَ فِي الْاَعْرَابِ يَسْاَلُوْنَ عَنْ اَنْۢبَاۗىِٕكُمْ ۭ وَلَوْ كَانُوْا فِيْكُمْ مَّا قٰتَلُوْٓا اِلَّا قَلِيْلًا ۧ20
گُمراھ ڪن گُمان، ته قومون اَڃاڪِين وِيون، فوجون ڦِري، جي اَچن، ته طمع رکن تعبان، ته بَدوِين ڀيڙا هُون ها، ڪِنهن وادِئَ ۾، ويران، پُڇن اَحوال اَوهان، ويٺي ماڳ مڪان، هُئا اوهان ۾ هُوند جي، موجود سِر ميدان، ته چَلِي مَنجھ چوگان، نه وِڙهياوِڙِلي ويڙھ ري،
— مولوي حاجي احمد ملاح