032 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
الۗمّۗ 1ۚ
الـٓمّٓ کي، ڄاڻي ڄاڻڻهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ لَا رَيْبَ فِيْهِ مِنْ رَّبِّ الْعٰلَمِيْنَ 2ۭ
آهِن ڪتاب قديم مان، هي اُتارا اَطهار، شَڪ نه شُبهو اُن ۾، پاران پِرٿڻِئَ پارُ،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۚ بَلْ هُوَ الْـحَـقُّ مِنْ رَّبِّكَ لِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اَتٰىهُمْ مِّنْ نَّذِيْرٍ مِّنْ قَبْلِكَ لَعَلَّهُمْ يَهْتَدُوْنَ 3
اُٽلو چَونِ هِي ٺاهيو، مُرسل مَڻيادار، بَلڪ سَندئـِي سائـِينءَ کان، سوا آهي حق اِظهار، تان ڪاڙهي سَندِي تِنهن قوم کي، ڏِيِينِ خبر چار، جَن کي اِطلاعِي نه آيو، تُنهان اَ ڳ تڪرار، اِن آسري آڌار، ته وَرندا وهَين واٽ تي!.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا فِيْ سِـتَّةِ اَيَّامٍ ثُـمَّ اسْتَوٰي عَلَي الْعَرْشِ ۭ مَا لَكُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ مِنْ وَّلِيٍّ وَّلَا شَفِيْعٍ ۭ اَفَلَا تَتَذَكَّرُوْنَ 4
اُهو اَلله آهي سو، جِنهن ڇَهَن ڏِينهنَ ۾ ڏاتار، اُڀ، زمينون جوڙيا، پڻ جيڪِي مَنجَھنِ جِنسار، تِنهان پوءِ تخت تي، قَراريو ڪَلتار، هرگز نه هيٺان اُن جي، ڪو آن لئي عَملدار، نه وسِيلو، واهر، پوءِ ڇونٿا پرائيو؟
— مولوي حاجي احمد ملاحيُدَبِّرُ الْاَمْرَ مِنَ السَّمَاۗءِ اِلَى الْاَرْضِ ثُـمَّ يَعْرُجُ اِلَيْهِ فِيْ يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهٗ ٓ اَلْفَ سَـنَةٍ مِّـمَّا تَعُدُّوْنَ 5
حُڪم هَلائي اُڀ ڪنان، ڌَڻِي ڌرتئَ پارِ، وَرِي اُسري اُن ڏي، تِنهِين ڏِينهن تڪرار، جِنهن مُوجب ليکو لوڪ ۾، هُوندو سال هزار،
— مولوي حاجي احمد ملاحذٰلِكَ عٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 6ۙ
ڳُجھيون، پَڌريون ڳالهيون، سو ڄاڻي ڄاڻڻهار، سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو، جنهن قادِر بَرقرار، سَڀ شئَ جِي ڌاروڌار، صورت کي سِيگاريو.
— مولوي حاجي احمد ملاحالَّذِيْٓ اَحْسَنَ كُلَّ شَيْءٍ خَلَقَهٗ وَبَدَاَ خَلْقَ الْاِنْسَانِ مِنْ طِيْنٍ 7ۚ
۽ اوّل مِٽِئ مان، ماڻهوء جِي، جوڙِي جوڙ جبار،
— مولوي حاجي احمد ملاحثُـمَّ جَعَلَ نَسْلَهٗ مِنْ سُلٰلَةٍ مِّنْ مَّاۗءٍ مَّهِيْنٍ 8ۚ
پوءِ ڦُڙي پاڻِئَ پٽڙي مان، ڪيو نسل سَندسِ نِروار،
— مولوي حاجي احمد ملاحثُـمَّ سَوّٰىهُ وَنَفَخَ فِيْهِ مِنْ رُّوْحِهٖ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَالْاَبْصَارَ وَالْاَفْـــِٕدَةَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ 9
موٽي تِنهن مِهر سان، ڪيو تمام نيار، ۽ رُوح سَندسِ مان ڦوڪيو، ساھ مَنجھسِ سَتار، ۽ تَن، مَن اَ کيون اوهان کي ڏِنان سڀ ڏاتار، اُنهن جا اِهي پار، ته ٿورا، ڀورا ڳائيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَالُوْٓا ءَاِذَا ضَلَلْنَا فِي الْاَرْضِ ءَاِنَّا لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ڛ بَلْ هُمْ بِلِقَاۗئِ رَبِّهِمْ كٰفِرُوْنَ 10
۽ چي، ڪِ اَسِين مَٽجِي مِٽِئَ ۾، وِينداسون جنهن وار، ڇا، اَسِين اِينداسون وَرِي، نَئـِين جوڙ ۾ نِروار، سَندِن ڌَڻِي جي دِيدار کان، بلڪ آهِن بيزار،
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ يَتَوَفّٰىكُمْ مَّلَكُ الْمَوْتِ الَّذِيْ وُكِّلَ بِكُمْ ثُـمَّ اِلٰى رَبِّكُمْ تُرْجَعُوْنَ ۧ11
چَئو، مَلڪ الموت مارِيندو، آن کي آخِرڪار، اَوهان مَٿي آھِ جو، سونپِيَل سَڀ ڄمار، اَهنجي پَرور، پار موٽِي اوهِين موٽائـِبا.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَوْ تَرٰٓي اِذِ الْمُجْرِمُوْنَ نَاكِسُوْا رُءُوْسِهِمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ ۭ رَبَّنَآ اَبْصَرْنَا وَسَمِعْنَا فَارْجِعْنَا نَعْمَلْ صَالِـحًا اِنَّا مُوْقِنُوْنَ 12
۽ ڏِسِين ڏوهارين جو، هُوند تڏهن تون حال، هُوندا سَندنِ سائـِينءَ وَٽ، جڏهن اُونڌي ڪَنڌ ڪُلال، سوٺو سون ۽ سُئو سون، سانيمِ! سَڀ اَحوال، پوءِ وار اسان کي ته وَڃِي ڪريون، اَڇا ڪي اَعمال، بارِي رَبُّ! بَحال، اَڄ آهيون، پورِئَ پَڪ مَٿي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَوْ شِئْنَا لَاٰتَيْنَا كُلَّ نَفْسٍ هُدٰىهَا وَلٰكِنْ حَقَّ الْقَوْلُ مِنِّيْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الْــجِنَّةِ وَالنَّاسِ اَجْـمَعِيْنَ 13
۽ اَسان اَوّل کان گُھرو، هَرجِئَ لئي جيڪر!، ته عَطا ڪيونسِ اُن جِي، هِدايت هيڪر!، پر مون کان مَهندئـِي، فيصلو صَحِي ٿيو صادِر، ته جِنن ۽ ماڻهن سان، جي مُشرِڪ ۽ مُنڪر، ميڙي مَنجھ مَڱر، بِلڪُل ڀَرِيندسِ باھ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَذُوْقُوْا بِـمَا نَسِيْتُمْ لِقَاۗءَ يَوْمِكُمْ ھٰذَا ۚ اِنَّا نَسِيْنٰكُمْ وَذُوْقُوْا عَذَابَ الْـخُلْدِ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 14
پوءِ چَکو چڱِئَ چال سان، جِنهن مُوجب ڪالھ ڪُلال! ڏاڍي هِن ڏِينهن جو، وِساريان وِصال، اَسان به وساريو آن کي پوءِ چَکو جَھَنَّم جَنجال، جِيئَن ته ڪَندا هُئا ڪالھ، جَڏا ڪم جھان ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّـمَا يُؤْمِنُ بِاٰيٰتِنَا الَّذِيْنَ اِذَا ذُكِّرُوْا بِهَا خَرُّوْا سُـجَّدًا وَّسَبَّحُوْا بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَهُمْ لَا يَسْتَكْبِرُوْنَ ۞ 15
مَڃِين اُهي مُورهِين، اَسان جا اُهڃاڻ، جڏهن ياد ڏِجن اُنهن کي، ته ڪِرن سجدي ساڻ، ۽ سَندنِ سائـِين جِي، صِفت سان، ڳائـِن پاڪائي پاڻ، ۽ وَر وَر ڪن واکاڻ، ڪِين پَڏائڻ پاڻ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحتَـتَجَافٰى جُنُوْبُهُمْ عَنِ الْمَضَاجِـعِ يَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ خَوْفًا وَّطَمَعًا ۡ وَّمِـمَّا رَزَقْنٰهُمْ يُنْفِقُوْنَ 16
پاسا سَندنِ پَٽ کان، رهن کَڙا مَنجھ رات، دانهِينِ سَندنِ ڌڻـئَ کي، خوف، طمع جي تات، ۽ جيڪا ڏِنِيسونِ ڏات، ڏِينِ ڏُکيَن کي تنهِن مَنجھان.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَلَا تَعْلَمُ نَفْسٌ مَّآ اُخْفِيَ لَهُمْ مِّنْ قُرَّةِ اَعْيُنٍ ۚ جَزَاۗءًۢ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 17
پوءِ ڪو ماڻهو نه ڄاڻي مُورهِين، ته اڳتي اُنهِئَ هارِ، جو رکيو وِيو راز ۾، اولا اَ کِين ٺار، جي ڪيائون ڪم ڪار، عيوض اُجورو اُن جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَفَـمَنْ كَانَ مُؤْمِنًا كَمَنْ كَانَ فَاسِقًا ڼ لَا يَسْـتَوٗنَ ۬18
پوءِ ڇا، مُؤمن تِنهن مِثال ؟ جو هَلندڙ ٻاهِر حُڪمن کان، بَرابَر بَحال، ڪڏهن ٿِينداڪِين ڪِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَمَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُمْ جَنّٰتُ الْمَاْوٰي ۡ نُزُلًۢا بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 19
پر آندو جَن ايمان، پڻ چڱا ڪَيائون ڪَمڙا، پوءِ مَهندان مِهمانِي اُن کي، بهشت جا بُستان، جنهن مُوجب مَنجھ جھان، چڱا ڪندا هئا ڪمڙا.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَمَّا الَّذِيْنَ فَسَقُوْا فَمَاْوٰىهُمُ النَّارُ ۭ كُلَّمَآ اَرَادُوْٓا اَنْ يَّخْـرُجُوْا مِنْهَآ اُعِيْدُوْا فِيْهَا وَقِيْلَ لَهُمْ ذُوْقُوْا عَذَابَ النَّارِ الَّذِيْ كُنْتُمْ بِهٖ تُكَذِّبُوْنَ 20
ڀر ڦِريا جي فرمان کان، آسڻ تَن جو آڳ، ڪُوڪُون ڪَن ڪَڍڻ لئي، جڏهن مَنجھان تِنهن ماڳ، ته اُٿلِي هَڻبا اُن ۾، ۽ چَئـِبُنِ ته چَکو لاڳ، سَندا باھِ ڀَڙاڳ، جنهن کي ڪُوڙو ڪُوٺِيندا هُئا.
— مولوي حاجي احمد ملاح