031 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 34 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
الۗمّۗ 1ۚ
آھِ اَلٓـمٓ جِي، پَروَر کي پَرُوڙ،
— مولوي حاجي احمد ملاحتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْـحَكِيْمِ 2ۙ
هِي حُڪم ڪتاب قَدِيم جا، جو حِڪمت سان ڀَرپُور،
— مولوي حاجي احمد ملاحهُدًى وَّرَحْــمَةً لِّلْمُحْسِنِيْنَ 3ۙ
سُونهپ سالِڪن لئي، پڻ رحمت رَبُّ، غفور،
— مولوي حاجي احمد ملاحالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 4ۭ
جي پُورو پڙهن نماز کي، ۽ ڪَڍن زڪوٰة ضرور، پڻ مُحڪم رکن مُور، اُهي اِيمان آخِرت تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاُولٰۗىِٕكَ عَلٰي هُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 5
سي صَحِي سَنِئينءَ واٽ تي، سَندنِ کان سائـِين، سيئـِي سَدائين، سوڀارا سَڀِين پَرِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّشْتَرِيْ لَهْوَ الْـحَدِيْثِ لِيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ ڰ وَّيَتَّخِذَهَا هُزُوًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ 6
۽ مُنجھيل ڪي ماڻهن مَنجھان، وِڪڻنِ راڳ رباب، تان سائـِينءَ جي سَنِئينءَ واٽ کان، ڀُلائـِينِ ڪِنهن باب، ۽ ٺاهينِ ٺيٺر اُن کي، کيلِينِ کيل خراب، اُنهن لئي عَذاب، جُٺ ڦِٺ جِھڙو آھِ ڪو .
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِ اٰيٰتُنَا وَلّٰى مُسْتَكْبِرًا كَاَنْ لَّمْ يَسْمَعْهَا كَاَنَّ فِيْٓ اُذُنَيْهِ وَقْرًا ۚ فَبَشِّرْهُ بِعَذَابٍ اَلِيْـمٍ 7
۽ جڏهن پَڙهجن اُن مَٿي، اسان جا اُهڃاڻ، ته پاتئـِين پير پوئـِتي، ٿِي پَڏائيندڙ پاڻ، ڪَر سو نه سُئائين، ڄَڻڪ اَٿسِ ، ٻِن ڪَنِين ٻوڙاڻ، پوءِ کيسِ کِير رَساڻ، سُورن وارٖي ساڙ جِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ جَنّٰتُ النَّعِيْمِ 8ۙ
آيا، جي اِيمان ۾، پڻ چڱاڪيؤَن ڪم ڪار، اُنهن لئي باغ آرام جا، جَن ۾ ساڪِن سَڀ ڄَمار،
— مولوي حاجي احمد ملاحخٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ وَعْدَ اللّٰهِ حَقًّا ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9
آهِن قول ڪَرِيم جا، قائم برقرار، ۽ ڏاڍو سو ڏاتار، پڻ ڏاهو ڏيہ ملوڪ سو.
— مولوي حاجي احمد ملاحخَلَقَ السَّمٰوٰتِ بِغَيْرِ عَـمَدٍ تَرَوْنَهَا وَاَلْقٰى فِي الْاَرْضِ رَوَاسِيَ اَنْ تَـمِيْدَ بِكُمْ وَبَثَّ فِيْهَا مِنْ كُلِّ دَاۗبَّةٍ ۭ وَاَنْزَلْنَا مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً فَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍ كَرِيْمٍ 10
اُڀن اُپائـِين، جَن ڏِسو ٿَنڀِين، ٿوڻِين ڌار، ۽ ٺاهي ٺوڪيا زَمين ۾، جَبل ربَّ، جبّار، تان اَهنجي، بوجي بار کان، چُري نه اڱر چار، ۽ پَدم پَکيڙئـِين اُن ۾، چوپايا چوڌار، ۽ اُتاريوسون اُڀ ڪنان، پاڻِي نارو نار، پوءِ اُڀاريوسون اُن سان، هر جوڙ جوهردار،
— مولوي حاجي احمد ملاحھٰذَا خَلْقُ اللّٰهِ فَاَرُوْنِيْ مَاذَا خَلَقَ الَّذِيْنَ مِنْ دُوْنِهٖ ۭ بَلِ الظّٰلِمُوْنَ فِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنٍ ۧ11
اِهي سَڀ اَلله جون، جوڙون ۽ جِنسار، پوءِ ڏيکاريو، ته ڏيہ مان، ڪا ٺاهيؤَن لِکه لَغار، تِنهن ٻاجُھون ٻِئا جيترا، ڀانيو ڀائيوار، هَرگز هاڃيڪار، مُنهن ٻولي مُنجھ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ اٰتَيْنَا لُقْمٰنَ الْحِكْمَةَ اَنِ اشْكُرْ لِلّٰهِ ۭ وَمَنْ يَّشْكُرْ فَاِنَّـمَا يَشْكُرُ لِنَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ كَفَرَ فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِيٌّ حَمِيْدٌ 12
۽ حڪمت حضرت لقمان کي، بخشيون بسيار، ته ڳائي ڳڻ الله جا، ور ور ويرو تار، ۽ جو ڳائي، ته ڳائي پاڻ لئي، ۽ جو کائي نه مڃي خوار، ته غني اهي غفار، پڻ ساراهيل سڀ ڳالھ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذْ قَالَ لُقْمٰنُ لِابْنِهٖ وَهُوَ يَعِظُهٗ يٰبُنَيَّ لَا تُشْرِكْ بِاللّٰهِ ڼ اِنَّ الشِّرْكَ لَظُلْمٌ عَظِيْمٌ 13
۽ لُقمان سندسِ لال کي، وَراڻيو جنهن وير، ته پُٽڙا پنهنجي ربّ سان، گڏ نه ڪَمن ۾ ڪير؟ آهي وَڏو اَنڌير، ٻِئا ڪير به گڏڻ ڪَم ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْهِ ۚ حَمَلَتْهُ اُمُّهٗ وَهْنًا عَلٰي وَهْنٍ وَّفِصٰلُهٗ فِيْ عَامَيْنِ اَنِ اشْكُرْ لِيْ وَلِوَالِدَيْكَ ۭ اِلَيَّ الْمَصِيْرُ 14
مِت ڏِنِي سُون ماڻهن کي، ماءُ، پِئُ سان مُور، ماڻسِ اُٺايو اُن کي، سُورن مَٿَي، سُور، ۽ ٽوڙڻ اُن جو ٻِن سالن ۾، جِيئن دُنيا جو دستور، ته مُون ۽ پَنهنجي ماءُ، پئُ جا، ڳائي ڳُڻ ضرور، هَلِي مَنجھ حُضور، آخِر مون ڏي اَچڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنْ جَاهَدٰكَ عَلٰٓي اَنْ تُشْرِكَ بِيْ مَا لَيْسَ لَكَ بِهٖ عِلْمٌ ۙفَلَا تُطِعْهُمَا وَصَاحِبْهُمَا فِي الدُّنْيَا مَعْرُوْفًا ۡ وَّاتَّبِعْ سَبِيْلَ مَنْ اَنَابَ اِلَيَّ ۚ ثُـمَّ اِلَيَّ مَرْجِعُكُمْ فَاُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 15
۽ جي توکي ڪن مَجبُور، ته ڪَرِين ڀيڙو ڪم ۾، مُون سان، مُرڳو اُن کي، جِنهن جِي، پَريان تون نه پَرُوڙ، اُنهن جو اُنهئَ ڳالھ ۾، چَيو مَڃ نه مُور، ۽ دُنيا ۾ دَستور، آڌار، اَدب جو، اُنهن سان. ۽ وَھ تنهنجِي واٽ تي، جو مُنهنجو تابِعدار، آهي ماڳ اَوهان جو، موٽِي مُنهنجي پار، پوءِ ڪريو جي ڪم ڪار، تن جون، کولي ڏِيندوسِيان خبرون.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰبُنَيَّ اِنَّهَآ اِنْ تَكُ مِثْقَالَ حَبَّةٍ مِّنْ خَرْدَلٍ فَتَكُنْ فِيْ صَـخْـرَةٍ اَوْ فِي السَّمٰوٰتِ اَوْ فِي الْاَرْضِ يَاْتِ بِهَا اللّٰهُ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَطِيْفٌ خَبِيْرٌ 16
ٻَچڙا! ٻُڌبَيان، ته قَدر ڪَڻي اُهر جو، جَبل، اُڀ، زَمِين ۾، هُجي مخفِي ڪنهن به مَڪان، ته آڻي ڪَڍندو اُن کي، مالِڪ مَنجھ مِيزان، مالِڪ مهربان، پڻ خُدا خَبردار گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰبُنَيَّ اَقِـمِ الصَّلٰوةَ وَاْمُرْ بِالْمَعْرُوْفِ وَانْهَ عَنِ الْمُنْكَرِ وَاصْبِرْ عَلٰي مَآ اَصَابَكَ ۭ اِنَّ ذٰلِكَ مِنْ عَزْمِ الْاُمُوْرِ ۚ17
پُٽڙا! پَڙھ نِماز کي، پڻ چَڱِي چوندو رَھ، ۽ مَنع ڪر مَدِئ کان. جو سُور رَسئـِي ، سو سَہ، پَڪو اِهوئـِي پَہ، ڪَمَا حَقَّہٗ ڪَمن مان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَا تُصَعِّرْ خَدَّكَ لِلنَّاسِ وَلَا تَـمْشِ فِي الْاَرْضِ مَرَحًا ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُـحِبُّ كُلَّ مُـخْـتَالٍ فَـخُــوْرٍ ۚ18
ماڻهن کان مِٽ پَنهنجي، ڦير نَه، اي فَرزند! ۽ ٽِل نَه نَـخَري، ناز سان، ڌَرِتئَ تي دِلبند، پَرور ڪري نَه پَسند، ڪِنهن مُرڪندڙ مَغرُور کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاقْصِدْ فِيْ مَشْيِكَ وَاغْضُضْ مِنْ صَوْتِكَ ۭ اِنَّ اَنْكَرَ الْاَصْوَاتِ لَصَوْتُ الْـحَمِيْرِ ۧ19
۽ هَل ، هَلڻ ۾ پَنهنجي، دَرميانو دِلبر، پڻ سَندئـِي اُتم آواز کي، نَرم ڪر نِينگر، آوازن ۾ اَبتر، آهي گور گڏھ جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَمْ تَرَوْا اَنَّ اللّٰهَ سَـخَّرَ لَكُمْ مَّا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَاَسْبَغَ عَلَيْكُمْ نِعَمَهٗ ظَاهِرَةً وَّبَاطِنَةً ۭ وَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّلَا هُدًى وَّلَا كِتٰبٍ مُّنِيْرٍ 20
ڇا، نه ڏِٺان ؟ ته آن کي ڏِنان، جُھڪائي جَبَّار، آهِن جي اُڀن ۾ پڻ ڀون ۾ باغ بَهار، ۽ پلٽئين آن تي پَڌرا، صُورت جا سِينگار، پڻ اَندر ۾ اَسرار، ڪي خالِق خُوب کوليا. ۽ مُرڳو ڪي ماڻهن مان، پِئا دڙِينِ ڌَڻِئ جي باب، سوا سُونهپ ۽ سَمجھ جي ، ڪنهن نُورانِي ڪتاب،
— مولوي حاجي احمد ملاح