030 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 60 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
الۗمّۗ 1ۚ
اَرٿ الٓمّٓ جو، ڄاڻي ڄاڻڻهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحغُلِبَتِ الرُّوْمُ 2ۙ
رَسي رُومين هارِ،
— مولوي حاجي احمد ملاحفِيْٓ اَدْنَى الْاَرْضِ وَهُمْ مِّنْۢ بَعْدِ غَلَبِهِمْ سَيَغْلِبُوْنَ 3ۙ
ڀر وارِئَ ڀُون ۾، پائـِن سَندنِ هار پُٺيان، سي سِگھون سوڀن هار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفِيْ بِضْعِ سِنِيْنَ ڛ لِلّٰهِ الْاَمْرُ مِنْ قَبْلُ وَمِنْۢ بَعْدُ ۭ وَيَوْمَىِٕذٍ يَّفْرَحُ الْمُؤْمِنُوْنَ 4ۙ
ڪن سالن ۾، ڪم سڀَيَئيِ اڳ ، پوءِ، آگي هار، ۽ مؤمن مَڃِيندڙ حق جا، اُنِهئ ڏِينهن اِظهار، ٿِيندا باغ بَهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحبِنَصْرِ اللّٰهِ ۭ يَنْصُرُ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 5ۙ
واحِد جي واهر سان. واحِد وڻيسِ تِنهن کي، ڏئي اُهکي ۾ آڌار، ۽ سو سَٻاجھو صَحِي؛
— مولوي حاجي احمد ملاحوَعْدَ اللّٰهِ ۭ لَا يُخْلِفُ اللّٰهُ وَعْدَهٗ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُوْنَ 6
اِي قادِر جا قرار، وَاحِد سَندسِ وَعدي ۾، ڪري نه ڦير ڦار، پر رَکَنِ نه سُڌ سَنڀار، گھڻا ماڻهو مُورِهين.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَعْلَمُوْنَ ظَاهِرًا مِّنَ الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ښ وَهُمْ عَنِ الْاٰخِرَةِ هُمْ غٰفِلُوْنَ 7
هِن حياتِئَ خَسِيس جو، ظاهِر حال ضرور، مُورک ڄاڻنِ مُورهين، پَريان ٻِي نه پَرُوڙ، ۽ ويسلا وَهلُور، اُهي آهن آخِرت کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَوَلَمْ يَتَفَكَّرُوْا فِيْٓ اَنْفُسِهِمْ ۣ مَا خَلَقَ اللّٰهُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَآ اِلَّا بِالْـحَقِّ وَاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ وَاِنَّ كَثِيْرًا مِّنَ النَّاسِ بِلِقَاۗئِ رَبِّهِمْ لَكٰفِرُوْنَ 8
ڇا، ويهي سَندنِ وُجودن ۾، وِلهن نه ڪيو ويچار؟ ته اَلله نه اُڀ، ڀُون جوڙيا، جيڪِي مَنجھنِ جِنسار، مگر سڀ موجُود سي، اکين اڳيان اِظهار، ۽ مُقرّر مُدّت سِيئن، پرڪُوڙڪُٽاڪُفار، آهِن مَنجھ اِنڪار، سَندنِ ڌڻِئَ جي ديدار کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَوَلَمْ يَسِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ فَيَنْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۭ كَانُوْٓا اَشَدَّ مِنْهُمْ قُوَّةً وَّاَثَارُوا الْاَرْضَ وَعَـمَرُوْهَآ اَكْثَرَ مِـمَّا عَـمَرُوْهَا وَجَاۗءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ ۭ فَـمَا كَانَ اللّٰهُ لِيَظْلِمَهُمْ وَلٰكِنْ كَانُوْٓا اَنْفُسَهُمْ يَظْلِمُوْنَ 9ۭ
ڇا، ڀورا ڀُون نه گُھميا؟ پوءِ پَسنِ پَڇاڙي پار، اُنهن ڪنان اڳـيَن جا، ته ٿِي ڪِهڙِي تَن سان ڪار، هُئا قرارا قُوةّ ۾ تِنِين کان تڪرار، جَن کيڙي کِہ، ڪَئين ڪيون تَليون ڀليون تيار، ويتر وساريون اِنهن ڪنان، جيڪي وَسايون وَلهار، آيَنِ مُرسل اُنهن جا، کڻِي نِشانيون نِروار، پوءِ ذَرو ظُلم نَه اُنهن سان، ڪيو ڪو ڪلتار، پرهاڻو هاڃيڪار، هُئا پاڻهِين ڪَندڙ پاڻ سان.
— مولوي حاجي احمد ملاحثُـمَّ كَانَ عَاقِبَةَ الَّذِيْنَ اَسَاۗءُوا السُّوْۗآٰى اَنْ كَذَّبُوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ وَكَانُوْا بِهَا يَسْتَهْزِءُوْنَ ۧ10
ڪيون، جَن جھان ۾، موٽِي مَديون مُور، ٿِئـِي عاقِبت اُنهن جِي زَبُونِي ضرُور، جِيئن ڪُوڙا ڪوٺِيندا هُئا، مولي جا مذڪور، ۽ مُرڳوئـِي مَغرور، ڪُٽيون ڪَنداهُئا تن مٿان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَللّٰهُ يَبْدَؤُا الْـخَــلْقَ ثُـمَّ يُعِيْدُهٗ ثُـمَّ اِلَيْهِ تُرْجَعُوْنَ 11
اَلله جَلَّ جَلالہٗ، پهرِين جوڙي پاڻ، موٽِي موٽائي اُن کي سَگھ پَنهنجِي ساڻ، تنهن ڏي تِنهن پُڃاڻ، اَوهين مِڙئـِي موٽندا.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيَوْمَ تَقُوْمُ السَّاعَةُ يُبْلِسُ الْمُجْرِمُوْنَ 12
۽ جڏهن قائـِم ٿِي قِيام ، ته لَٿا اَسارن آسَرا،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَمْ يَكُنْ لَّهُمْ مِّنْ شُرَكَاۗىِٕهِمْ شُفَعٰۗـــؤُا وَكَانُوْا بِشُرَكَاۗىِٕهِمْ كٰفِرِيْنَ 13
هُوندنِ ڪو نه حَشر ۾، ڪو وسيلو وَريام، سَندنِ سُفارِشيَن مان، بَلڪ اُهي بَدنام، هُوندا اِنڪارِي عام، سَندنِ سُفارِشيَن کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيَوْمَ تَقُوْمُ السَّاعَةُ يَوْمَىِٕذٍ يَّتَفَرَّقُوْنَ 14
۽ جڏهن قِيامت قائـِم ٿِي، ته وِڇڙن تِهِين وار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاَمَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَهُمْ فِيْ رَوْضَةٍ يُّحْبَرُوْنَ 15
پوءِ آيا جي اِيمان ۾، پڻ چڱا ڪيؤَن ڪم ڪار، سي گوهر مَنجھ گُلزار، وِندرايا وَڃن سي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَمَّا الَّذِيْنَ كَفَرُوْا وَكَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَا وَلِقَاۗئِ الْاٰخِرَةِ فَاُولٰۗىِٕكَ فِي الْعَذَابِ مُـحْضَرُوْنَ 16
پَر جي ڦِريا کَــئون فرمان، پڻ اسان جون آيتون، ڪوٺيائون ڪُوڙيون، پڻ جِيڻ ٻي جھان، مَنجھ ئـِي مڱر مڪان، حاضر سي هر حال ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَسُــبْحٰنَ اللّٰهِ حِيْنَ تُمْسُوْنَ وَحِيْنَ تُصْبِحُوْنَ 17
پوءِ پاڪ چَئو پَرور کي، سانجِھي، صُبح ساڻ،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَهُ الْحَمْــدُ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَعَشِـيًّا وَّحِيْنَ تُظْهِرُوْنَ 18
۽ آهي اُڀ، زَمِين ۾، واجِب تنهن واکاڻ، پڻ سُمهڻي، ۽ سج جڏهن، مٿان مُڙيو پاڻ،
— مولوي حاجي احمد ملاحيُخْرِجُ الْـحَيَّ مِنَ الْمَيِّتِ وَيُخْرِجُ الْمَيِّتَ مِنَ الْـحَيِّ وَيُـحْيِ الْاَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۭ وَكَذٰلِكَ تُـخْرَجُوْنَ ۧ19
جِيرو موئي، مُئو جِيري مان، ٿو ڪڍي سُرت سُڄاڻ، ۽ اهڙي ئـِي اُهڃاڻ، قَبرن مان ڪَڍيا وڃو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمِنْ اٰيٰتِهٖٓ اَنْ خَلَقَكُمْ مِّنْ تُرَابٍ ثُـمَّ اِذَآ اَنْتُمْ بَشَرٌ تَنْتَشِرُوْنَ 20
۽ سَندسِ ثابتين مان، صَحِي هِي سُهڃاڻ، ته آن کي مُنڍ، مِٽئَ مان، پيدا ڪيائـِين پاڻ، ڪَئين پُريون تِنهن پُڃاڻ، پکڙو پِئاپَٽن ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاح