003 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 200 آيتون ۽ 20 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
الۗـۗمَّ 1ۙ
ا لٓمّٓ کي،
— مولوي حاجي احمد ملاحاللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ ۙ الْـحَيُّ الْقَيُّوْمُ 2ۭ
ڄاڻي ڄاڻڻهار، ڌڻِي، جنهن ڌاران، نه ٻِي، درگاه ۽ درٻار، سو سدائين جيرو ۽ قائم برقرار،
— مولوي حاجي احمد ملاحنَزَّلَ عَلَيْكَ الْكِتٰبَ بِالْـحَقِّ مُصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ وَاَنْزَلَ التَّوْرٰىةَ وَالْاِنْـجِيْلَ 3ۙ
تو تي، جنهن ڪتاب ڪيو، نازل نُور نبار، اِنهيان اڳين جو پارکو، ڪڍندڙ غير غُبار، ۽ توريت ۽ انجيل کي، اُتاريو اڳوار، هادِي ماڻهن هارِ، پڻ صفائـِي سچ ڪوڙ جِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحمِنْ قَبْلُ ھُدًى لِّلنَّاسِ وَاَنْزَلَ الْفُرْقَانَ ڛ اِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ لَھُمْ عَذَابٌ شَدِيْدٌ ۭ وَاللّٰهُ عَزِيْزٌ ذُو انْتِقَامٍ 4
آيتن کان الله جي، ڪيو جن اِنڪار، سزا سخت تن لئي ، ٻارڻ ٻهون ٻِيهار؛ ۽ غالب ربُّ، غفار، پڻ پاڙو جھاڙَ پارڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ اللّٰهَ لَا يَـخْفٰى عَلَيْهِ شَيْءٌ فِي الْاَرْضِ وَلَا فِي السَّمَاۗءِ 5ۭ
الله جَل جلالہٗ، نه لِڪي کانِس لغار، نه زمين، نه آسمان ۾؛
— مولوي حاجي احمد ملاحھُوَ الَّذِيْ يُصَوِّرُكُمْ فِي الْاَرْحَامِ كَيْفَ يَشَاۗءُ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ الْعَزِيْزُ الْـحَكِيْمُ 6
ٿو سينگاري ستار، شِڪليون اَهنجون شِڪم ۾، گُھري جيئن غفّار، ڌڻي، نه اِنهيان ڌار، سو سَٻر ۽ سٻوجھ گهڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحھُوَ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ عَلَيْكَ الْكِتٰبَ مِنْهُ اٰيٰتٌ مُّـحْكَـمٰتٌ ھُنَّ اُمُّ الْكِتٰبِ وَاُخَرُ مُتَشٰبِهٰتٌ ۭ فَاَمَّا الَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ زَيْغٌ فَيَتَّبِعُوْنَ مَا تَشَابَهَ مِنْهُ ابْتِغَاۗءَ الْفِتْنَةِ وَابْتِغَاۗءَ تَاْوِيْلِهٖ څ وَمَا يَعْلَمُ تَاْوِيْلَهٗ ٓ اِلَّا اللّٰهُ ڤ وَالرّٰسِـخُوْنَ فِي الْعِلْمِ يَقُوْلُوْنَ اٰمَنَّا بِهٖ ۙ كُلٌّ مِّنْ عِنْدِ رَبِّنَا ۚ وَمَا يَذَّكَّرُ اِلَّآ اُولُوا الْاَلْبَابِ 7
جنهن اُتاريو تو اُتي، ڪتاب سچو قرآن، ڪي چِٽيون آهن اُن ۾، آيتون عيان، سي قاعدو ڪتاب جو، ۽ ٻيون گڏيل ساڻ گمان، پوءِ، جي گمان گاڏيسون؛ تن تي هلن، سي حيران، مرض جن جي مَن ۾؛ تن جو تاويل گُھرن تعبان، فتني ۽ فساد جِي، نيت سان نادان، ۽ سوا ربَّ سبحان، ڪو اَرٿ نه ڄاڻي اُن جو. ۽ چون اَڪابر علم ۾، ته مڃو سون، سو مور، آهن اسان جي ربَّ ڪنان، مڙيئي مذڪور؛ ۽ پوري جن پرور، نه ساڱائينِ، تن سوا.
— مولوي حاجي احمد ملاحرَبَّنَا لَا تُزِغْ قُلُوْبَنَا بَعْدَ اِذْ ھَدَيْتَنَا وَھَبْ لَنَا مِنْ لَّدُنْكَ رَحْـمَةً ۚ اِنَّكَ اَنْتَ الْوَھَّابُ 8
مَن نه اسان جا موڙ، سانيم! سُهائـِي، جنهن پٺيان، ۽ پنهنجا توه ڪر توڙ، پَڪ، تون اَسانجو، پاڪ ڌڻي!
— مولوي حاجي احمد ملاحرَبَّنَآ اِنَّكَ جَامِعُ النَّاسِ لِيَوْمٍ لَّا رَيْبَ فِيْهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُـخْلِفُ الْمِيْعَادَ 9ۧ
تون ميڙيندڙ ماڻهين، مولا! محشر وار، جنهن ۾ وهم نه وار، واحد نه ڦيري واعدا.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَنْ تُغْنِىَ عَنْھُمْ اَمْوَالُھُمْ وَلَآ اَوْلَادُھُمْ مِّنَ اللّٰهِ شَـيْـــــًٔـا وَاُولٰۗىِٕكَ ھُمْ وَقُوْدُ النَّارِ ۙ10
جي ڦريا، نه ڪيو، اُنهن کي، الله کان آزاد، سندن مال ۽ اولاد، اُهي بيشڪ ٻارڻ باه جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحكَدَاْبِ اٰلِ فِرْعَوْنَ ۙ وَالَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۭ كَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَا ۚ فَاَخَذَھُمُ اللّٰهُ بِذُنُوْبِهِمْ وَاللّٰهُ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 11
فرعون جي فريق جيئن، پڻ اُنهيان اڳين جا پار، جن ڪوڙيون اسان جون، ڪوٺيون نِشانيون نروار، پوءِ سائين سندن ڏوهن ۾، تن کي، ورتو ڪنهن وار، ۽ صاحب ربُّ ستار، سزا ڏيڻ ۾، سخت گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ لِّـلَّذِيْنَ كَفَرُوْا سَـتُغْلَبُوْنَ وَتُـحْشَرُوْنَ اِلٰى جَهَنَّمَ ۭ وَبِئْسَ الْمِهَادُ 12
جي ڦريا، تن فرماءِ تون، ته هرگز کيندا هار، ۽ هلندا هاوِي پار، بي حد بڇرو، ماڳ سو.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَدْ كَانَ لَكُمْ اٰيَةٌ فِيْ فِئَتَيْنِ الْتَقَتَا ۭ فِئَةٌ تُقَاتِلُ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَاُخْرٰى كَافِرَةٌ يَّرَوْنَھُمْ مِّثْلَيْهِمْ رَاْيَ الْعَيْنِ ۭ وَاللّٰهُ يُؤَيِّدُ بِنَصْرِهٖ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَعِبْرَةً لِّاُولِي الْاَبْصَارِ 13
آن لئي ٻِن ٻارين ۾، نشاني نروار، هڪڙي ربَّ جي راه ۾، جنگ ڪري، جُونجھار، ۽ ٻِي ڦريل فوج، اکين سان، پئا ڏِسنسِ ٻِين ٻيهار، ۽ لله مدد ڏي اُن کي، جنهن کي، گُھري جبّار، اَ کيارن لئي اِظهار، آهي عبرت اُن ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحزُيِّنَ لِلنَّاسِ حُبُّ الشَّهَوٰتِ مِنَ النِّسَاۗءِ وَالْبَنِيْنَ وَالْقَنَاطِيْرِ الْمُقَنْطَرَةِ مِنَ الذَّھَبِ وَالْفِضَّةِ وَالْـخَيْلِ الْمُسَوَّمَةِ وَالْاَنْعَامِ وَالْـحَرْثِ ۭ ذٰلِكَ مَتَاعُ الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ۚ وَاللّٰهُ عِنْدَهٗ حُسْنُ الْمَاٰبِ 14
صفا سنگارِي ويئي، محبت ماڻهن هارِ، زالن ۽ اولاد جِي، پڻ رُپي، سون اَنبار، ۽ گھوڙا ڍول، ڍور ڍڳا، پوکون، وِيء ولهار، اِي سڀ زينت ظاهرِي، نفعو ننڍِي ڄمار، ۽ آسڻ، آخرڪار، آهي، سائين وٽ سُهڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ اَؤُنَبِّئُكُمْ بِـخَيْرٍ مِّنْ ذٰلِكُمْ ۭ لِلَّذِيْنَ اتَّقَوْا عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتٌ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا وَاَزْوَاجٌ مُّطَهَّرَةٌ وَّرِضْوَانٌ مِّنَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ بَصِيْرٌۢ بِالْعِبَادِ ۚ15
چئو، آن کي اِنهيان چڱِيء جِي، ڏِيان سُڌ سنڀار، تن لئي، ته پوتِي پاڪ رکيون؛ ته سائين وٽ ستار، باغ، ته هيٺيان جن هلن، ناليون مِٺيون نِبار، هونِ هميشه اُن ۾، داخل دلقرار، ۽ سُهڻيون، سُلڇڻيون، تنهن ۾، حورون، حرم تن هار، پڻ راضِيَپو رحمان جو؛ ۽ ڏِسندڙ آهي، ڏاتار، ٻانهن کي ٻِيهار، هُونِ به، جھڙي هال ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَّذِيْنَ يَقُوْلُوْنَ رَبَّنَآ اِنَّنَآ اٰمَنَّا فَاغْفِرْ لَنَا ذُنُوْبَنَا وَقِنَا عَذَابَ النَّارِ ۚ16
جي چون، ته مڃيو سون مور؛ پوءِ مولا! مَدايون ميٽين، ۽ ڏاتار! رکجَيون ڏور، بندِي خاني کان، باه جي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلصّٰبِرِيْنَ وَالصّٰدِقِيْنَ وَالْقٰنِـتِيْنَ وَالْمُنْفِقِيْنَ وَالْمُسْـتَغْفِرِيْنَ بِالْاَسْـحَارِ 17
سَهندڙ ۽ سچار، سخِي، تهدِل تابعدار، ۽ معافيون مڱڻهار، صُبحن ۾، سُبحان کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحشَهِدَ اللّٰهُ اَنَّهٗ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ ۙ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ وَاُولُوا الْعِلْمِ قَاۗىِٕمًۢا بِالْقِسْطِ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ الْعَزِيْزُ الْـحَكِيْمُ ۭ18
ڏِنِي ساک ستار، ته اُن ڌاران، درگاه ناهِ ڪا، مَلڪ ۽ مالڪ عِلم جا، قائم برقرا، عدل ۽ انصاف سان، ته درگاه، نه تِهان ڌار، غالب، سو غفار، پڻ ڏاڍو ڏاهو، ڏيہ ڌڻي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الدِّيْنَ عِنْدَ اللّٰهِ الْاِسْلَامُ ۣ وَمَا اخْتَلَفَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَھُمُ الْعِلْمُ بَغْيًۢا بَيْنَھُمْ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِاٰيٰتِ اللّٰهِ فَاِنَّ اللّٰهَ سَرِيْعُ الْـحِسَابِ 19
آهي، ڌڻيءَ وٽ دين رڳو، سلامِتي صحِي، ۽ جن تي، ڪرم ڪتاب ٿيو، تن ٻولي ٻِي نه ڪَهِي، مگر ته آينِ جنهن پٺيان، واحد جو وَحِي، هڪ ٻئي وِچ هو ڏهِي، گادِي ۽ گذران لئي. ۽ آيتن تي، الله جي، نه رکندو، جو ويساھ، ته آهي پاڪ اَلله، پوءِ تِکو حرف حساب ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاِنْ حَاۗجُّوْكَ فَقُلْ اَسْلَمْتُ وَجْهِيَ لِلّٰهِ وَمَنِ اتَّبَعَنِ ۭ وَقُلْ لِّلَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ وَالْاُمِّيّٖنَ ءَاَسْلَمْتُمْ ۭ فَاِنْ اَسْلَمُوْا فَقَدِ اھْتَدَوْا ۚ وَاِنْ تَوَلَّوْا فَاِنَّـمَا عَلَيْكَ الْبَلٰغُ ۭ وَاللّٰهُ بَصِيْرٌۢ بِالْعِبَادِ ۧ20
پوءِ، جي توسان، ڪيون تڪرار، چئو، منهن منهنجو مورهين، جُھڪا نيمِ جبّار، پڻ جي وريا سندمِ واٽ تي. ۽ پڙهَينِ ۽ اَڻ پڙهيَنِ کي، ٻَهڳڻ! ٻول ٻيهار، ڪِ نميا؟، پوءِ جي نميا، ته پاتئون سئون پار، ۽ جي ڦريا، ته فائق! توتي، ري بيان، ٻئو نه بار، ۽ ڏسندڙ آهي ڏاتار، پورِي رِيت پُوڄاريـين.
— مولوي حاجي احمد ملاح