029 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 69 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
الۗمّۗ 1ۚ
اَرٿ، “الٓمّٓ” جو سَمجھي هِڪ سُبحان،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَحَسِبَ النَّاسُ اَنْ يُّتْرَكُوْٓا اَنْ يَّقُوْلُوْٓا اٰمَنَّا وَهُمْ لَا يُفْتَنُوْنَ 2
ڇا ماڻهن رکيو مَن ۾، غَلط هِي گُمان؟ ته چَون رُڳو چَپن سان، ته آندوسون اِيمان، ۽ اُنهن کان اِمتحان، وَڌِيڪ وَٺبو ڪو نه ڪو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ فَتَنَّا الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ فَلَيَعْلَمَنَّ اللّٰهُ الَّذِيْنَ صَدَقُوْا وَلَيَعْلَمَنَّ الْكٰذِبِيْنَ 3
۽ جڏهن اُنهن کان اَڳيَنِ کي، آزمايوسون اِظهار، سَمجھي تان سَچن کي، پڻ ڪُوڙن کي ڪلتار
— مولوي حاجي احمد ملاحاَمْ حَسِبَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السَّـيِّاٰتِ اَنْ يَّسْبِقُوْنَا ۭ سَاۗءَ مَا يَحْكُمُوْنَ 4
ڇا، ڀانيو تَن ڀورڙِين؟ جي ڪوجها ڪن ڪم ڪار، ته مَهٽِيندانِئون مُورهِين، ۽ بُڇڙو ٿيو بسيار، ڪوڙا جِنهن ڪُفر جو، ٿا حُڪم ڪن هيڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحمَنْ كَانَ يَرْجُوْا لِقَاۗءَ اللّٰهِ فَاِنَّ اَجَلَ اللّٰهِ لَاٰتٍ ۭ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 5
جو آهي رکندو آسرو، ڌَڻِئ جي دِيدار، پوءِ اَوس آهي اَچڻو، ٻَڌل ڏِينهن ڏتار، ۽ سُڻندڙ سو سَتار، پڻ مالِڪ محَرم حال جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَنْ جَاهَدَ فَاِنَّـمَا يُجَاهِدُ لِنَفْسِهٖ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَغَنِيٌّ عَنِ الْعٰلَمِيْنَ 6
۽ جو لَڙي ٿو لِله، سولڙي پنهنجو پاڻ لئي، بي شڪ بي پرواھ، قادِر ڪُل جھان کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُكَفِّرَنَّ عَنْهُمْ سَـيِّاٰتِهِمْ وَلَنَجْزِيَنَّهُمْ اَحْسَنَ الَّذِيْ كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 7
۽ آندو جن ايمان، پڻ چڱا ڪيائون ڪمڙا، ميٽِينداسُون اُنهن جون بَديون بي گُمان، ۽ صفا سُهڻو اُنهن کي، اَسِين ڏينداسون ڏان، جيڪِي مَنجھ جَھان، ٿاڪن، تَن ڪمن جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْهِ حُسْـنًا ۭ وَاِنْ جَاهَدٰكَ لِتُشْرِكَ بِيْ مَا لَيْسَ لَكَ بِهٖ عِلْمٌ فَلَا تُطِعْهُمَا ۭ اِلَيَّ مَرْجِعُكُمْ فَاُنَبِّئُكُمْ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 8
۽ ماڻهوءَ کي، سَندسِ ماء، پِيء سان، ڏِنِي سون موچارِي مَت، ۽ جي چَونئـِي ته اُنهِيء چيز کي، ڀيڙو ڪر ڪِنهن ڀَت، قادِر ساڻ ڪَمن ۾، جِنهن جو اَصل نه توکي اَت، پوءِ نه مَڃيينِ مُورهِين، اِهڙِي ڳالھ ڳَت، مون ڏي، ماڳ اوهان جو، پوءِ اوهان کي اَلبت، ڏِيندسِ حَقِيقت، جيڪِي عمل ڪريو، اُنهن جِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَــنُدْخِلَنَّهُمْ فِي الصّٰلِحِيْنَ 9
۽ آندو جَن اِيمان، پڻ چڱا ڪيائون ڪمڙا، تَن ڏِيندسِ ماڳ مَڪان، ڀيڙا ڀَلارن سان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّقُوْلُ اٰمَنَّا بِاللّٰهِ فَاِذَآ اُوْذِيَ فِي اللّٰهِ جَعَلَ فِتْنَةَ النَّاسِ كَعَذَابِ اللّٰهِ ۭ وَلَىِٕنْ جَاۗءَ نَصْرٌ مِّنْ رَّبِّكَ لَيَقُوْلُنَّ اِنَّا كُنَّا مَعَكُمْ ۭ اَوَلَيْسَ اللّٰهُ بِاَعْلَمَ بِـمَا فِيْ صُدُوْرِ الْعٰلَمِيْنَ 10
۽ ڪي مُنهان چون، ماڻهن مان، ته اسان مڃيو الله، جڏهن اِيذاء رسيو اُن کي، مَنجھ ربَّ جِي راھ، ته ماڻهن سندِي مار کي، ڀانئي ٿو بَدخواھ، برابر تِنهن باھ، جا اَلله جي غذاب جِي. ۽ مِلِي مُؤمنن کي، جِھڙئَ وٖير واهر، پاران پَرور تُنهنجي، ته ٻولِين پِيا ٻِيهار، هُئاسون اَسِين به، اوهان سان، ڀيڙا بَرقرار، ڇا، اَندرجي اَسرار، سي سائـِين سَمجھندڙ ناھِ ڪي؟
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَيَعْلَمَنَّ اللّٰهُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَلَيَعْلَمَنَّ الْمُنٰفِقِيْنَ 11
۽ وَر سائـِين سَمجھي تن کي، آندو جَن اِيمان، ۽ سَمجھي پڻ سُبحان، لوڪان لِڪندڙن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوا اتَّبِعُوْا سَبِيْلَنَا وَلْنَحْمِلْ خَطٰيٰكُمْ ۭ وَمَا هُمْ بِحٰمِلِيْنَ مِنْ خَطٰيٰهُمْ مِّنْ شَيْءٍ ۭ اِنَّهُمْ لَكٰذِبُوْنَ 12
مَڃيو جَن مذڪور، تن کي ڪَهيو، جَن ڪُفر ڪيو، ته وَٺو واٽ اَسان جِي، ته اَهنجا عيب قُصور، کَڻون، کَڻندڙ ڪِين سي، سَندنِ مَديَنِ مان مُور، ظاهِر آهي ضرور، ته اُهي ڪُوڙا آهِن قول ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَيَحْمِلُنَّ اَثْــقَالَهُمْ وَاَثْــقَالًا مَّعَ اَثْقَالِهِمْ ۡ وَلَيُسْـَٔــلُنَّ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ عَـمَّا كَانُوْا يَفْتَرُوْنَ ۧ13
۽ بار سَندنِ گَڏ، بار تَنِ، مَرکَڻنِ مَغرُور، ۽ ڪَن، جي ڪُوڙ فُتور، تَن جو پُڇبُنِ ڏِينهن قيام جي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ اَرْسَلْنَا نُوْحًا اِلٰى قَوْمِهٖ فَلَبِثَ فِيْهِمْ اَلْفَ سَنَةٍ اِلَّا خَمْسِيْنَ عَامًا ۭ فَاَخَذَهُمُ الطُّوْفَانُ وَهُمْ ظٰلِمُوْنَ 14
۽ مُڪو سون نُوح نبيءَ کي، پَنهنجِي قوم پار، پوءِ رَهيو وَرھ تِنهن راڄ ۾، پَنجاھ گھٽ هَزار، پوءِ وَرتو طُوفان تَن کي، ۽ هُئائـِي هاڃِيڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاَنْجَيْنٰهُ وَاَصْحٰبَ السَّفِيْنَةِ وَجَعَلْنٰهَآ اٰيَةً لِّــلْعٰلَمِيْنَ 15
پوءِ آجو ڪيوسون اُن کي، ۽ ٻِيا ٻيڙي وارايار، ۽ نِشاني نروار، ڪيوسونِ، ڪُل جھان لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِبْرٰهِيْمَ اِذْ قَالَ لِقَوْمِهِ اعْبُدُوا اللّٰهَ وَاتَّــقُوْهُ ۭ ذٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ اِنْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ 16
پڻ اِبراهِيم آزر، جڏهن ڪَهيو پَنهنجِي قوم کي، ته پُوڄيو پَرور هيڪڙو، ۽ ڀَئو ڀانيو اُنهِيء ڀَر، اِي اوهان لئي بِهتر، جي سَمجھيو پَنهنجي سُود کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّـمَا تَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ اَوْثَانًا وَّتَخْلُقُوْنَ اِفْكًا ۭ اِنَّ الَّذِيْنَ تَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ لَا يَمْلِكُوْنَ لَكُمْ رِزْقًا فَابْتَغُوْا عِنْدَ اللّٰهِ الرِّزْقَ وَاعْبُدُوْهُ وَاشْكُرُوْا لَهٗ ۭ اِلَيْهِ تُرْجَعُوْنَ 17
اَوهِين ته الله ري، رُڳو پُوڄيو ٺلا ٿان، جُوٺيون جاٽون ڪيتريون، جوڙيو مَنجھ جھان، جاٽون ڪريو جَن جون، سوا ربَّ سُبحان، اُهي قُوَّت اوهان جي قُوت جِي، ڪوڏِي رکن ڪانه، پوءِ رَبّ وٽ روزِي ڳوليو، ۽ ڀيٽيوسِ بي گمان، ۽ مَڃيو اُنهِيءَ جا اِحسان، آخِر به اُن ڏي موٽندا.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنْ تُكَذِّبُوْا فَقَدْ كَذَّبَ اُمَمٌ مِّنْ قَبْلِكُمْ ۭ وَمَا عَلَي الرَّسُوْلِ اِلَّا الْبَلٰــغُ الْمُبِيْنُ 18
۽ جي اوهين ڪُوڙ ڪوٺيو، هِي موچارو مَذڪور، ته آن کان اَڳيَن اُمتن، پڻ ڪُوٺيو ڪُوڙ فُتور، ۽ ناهي مُرسل تي مُور، پَڌري پَٽ پيغام ري.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَوَلَمْ يَرَوْا كَيْفَ يُبْدِئُ اللّٰهُ الْـخَــلْقَ ثُـمَّ يُعِيْدُهٗ ۭ اِنَّ ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرٌ 19
ڇا ڏِٺئون نَه ؟ ته ڏاتار ڪِيئَن، پهرين جوڙٖي جوڙ کي، موٽِي موٽائـِيندو اُن کي، قُدرت سان ڪلتار، قادِر تي ڪم ڪار، آهي اِي آسان گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ سِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ فَانْظُرُوْاكَيْفَ بَدَاَ الْـخَــلْقَ ثُـمَّ اللّٰهُ يُنْشِئُ النَّشْاَةَ الْاٰخِرَةَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ۚ20
چئو، بَرِين، بَحرِين، ڀُون گُھمو، پوءِ ڪريو نظر نِهار، ته ڪنهن پَر پهرِين جوڙ کي، ٿو جوڙي جوڙڻهار، موٽِي ٻئي جھان کي. جوڙيندو جَبَّار، صاحب ربُّ، ستار، آهي قادِر هر ڪِنهن ڪم تي.
— مولوي حاجي احمد ملاح