028 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 88 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
طٰسۗمّۗ 1
طٰسٓمٓ جو، مالِڪ ڄاڻي مام،
— مولوي حاجي احمد ملاحتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 2
هِي ڪارنامو ڪِتاب جو، کُلِيَل خاص عام،
— مولوي حاجي احمد ملاحنَتْلُوْا عَلَيْكَ مِنْ نَّبَاِ مُوْسٰى وَفِرْعَوْنَ بِالْـحَقِّ لِقَوْمٍ يُّؤْمِنُوْنَ 3
مُوسٰى ۽ فِرعون جِي، حقيقت هَمام، سَچِي ثابتـِيءَ سان، توتي پَڙهون تمام، وِسهن، جي وَريام، ڪارڻ تِنهن قوم جي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ فِرْعَوْنَ عَلَا فِي الْاَرْضِ وَجَعَلَ اَهْلَهَا شِيَعًا يَّسْتَضْعِفُ طَاۗىِٕفَةً مِّنْهُمْ يُذَ بِّحُ اَبْنَاۗءَهُمْ وَيَسْتَحْيٖ نِسَاۗءَهُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ مِنَ الْمُفْسِدِيْنَ 4
فِرعون فرش زمين تي، بَنيو بالم خان، ۽ سَندسِ ساڪِنن کي، ڪيو فِرقا بي فرمان، ڪي اُوچ ڪيائين اُنهن مان، ڪنهِن ٻارِيءَ ڪيائـِين ٻان، پِيو ڪُهي ڪُونڌر اُن جا، ۽ ڏي جويُن سَندنِ جِيدان، بي شڪ بي گمان، هو ڦِريَل ڦيٽوڙن مان. 484
— مولوي حاجي احمد ملاحوَنُرِيْدُ اَنْ نَّمُنَّ عَلَي الَّذِيْنَ اسْتُضْعِفُوْا فِي الْاَرْضِ وَنَجْعَلَهُمْ اَىِٕمَّةً وَّنَجْعَلَهُمُ الْوٰرِثِيْنَ 5ۙ
۽ اَسِين گُھرون ٿا ته ڪريون، اُن اَڀرن تي اِنعام، ڀُون تي بنايو جَن وِيو، گولو ذات غلام، ۽ اُنهن کي ڪريون اِمام، پڻ وارث وَلهارن جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَنُمَكِّنَ لَهُمْ فِي الْاَرْضِ وَنُرِيَ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا يَحْذَرُوْنَ 6
۽ وَٺايونِ زور زمين تي، ڏيئـِي ماڳه مَڪان؛ فِرعون ۽ هامام کي، پڻ جي فوجون مَنجھ فَرمان، جِنهنجو اَندر رکنِ اَرمان، سو ڏيکاريونِ ڏيہ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَوْحَيْنَآ اِلٰٓى اُمِّ مُوْسٰٓى اَنْ اَرْضِعِيْهِ ۚ فَاِذَا خِفْتِ عَلَيْهِ فَاَلْقِيْهِ فِي الْيَمِّ وَلَا تَخَافِيْ وَلَا تَحْـزَنِيْ ۚ اِنَّا رَاۗدُّوْهُ اِلَيْكِ وَجَاعِلُوْهُ مِنَ الْمُرْسَلِيْنَ 7
۽ اَسان پوءِ اِلهام ڪيو، مُوسٰى جي مادر، ته پالِينسِ، پوءِ جي، خوف ڪو، سَمجِھين تِنهين سِر، پوءِ داخِل ڪرِينس دَرياء ۾ ۽ نه ڊِڄ، نه اُلڪو ڪر، ۽ وري واپَسِ توڏي، ڪَنداسون ڪُونڌر، ۽ مُرسل مُقرر، آهيون ڪندڙ اُن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَالْتَقَطَهٗ ٓ اٰلُ فِرْعَوْنَ لِيَكُوْنَ لَهُمْ عَدُوًّا وَّحَزَنًا ۭ اِنَّ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا كَانُوْا خٰطِـــــِٕيْنَ 8
پوءِ فِرعون وارن اُن کي، لَڌو ڪَنڌِيءَ ڪنار، تان هُجي آخر اُنهن لئي، ويرِي ۽ وِيچار، فِرعون ۽ هامان پڻ، سَندنِ فوج فُجار، اُهي خطاڪار، مُنڪر هُئا مُورهِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَالَتِ امْرَاَتُ فِرْعَوْنَ قُرَّةُ عَيْنٍ لِّيْ وَلَكَ ۭ لَا تَقْتُلُوْهُ ڰ عَسٰٓى اَنْ يَّنْفَعَنَآ اَوْ نَتَّخِذَهٗ وَلَدًا وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 9
۽ چيو بِيبِي فِرعون جي، هِي آهي اکيَنِ جو ٺار، مُون ۽ تُنهنجي واسطي، مُور نَه ماريو، سو ٻار، اُميد ته اسان کي، جَلد سو، ڏِيندو نفعو نِروار، يا پاليُونسِ پُٽ ڪري، پر پَوينِ نه سُڌ سَنڀار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَصْبَحَ فُؤَادُ اُمِّ مُوْسٰى فٰرِغًا ۭ اِنْ كَادَتْ لَتُبْدِيْ بِهٖ لَوْلَآ اَنْ رَّبَطْنَا عَلٰي قَلْبِهَا لِتَكُوْنَ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 10
۽ مُوسٰى جي ماءُ جو، ٿيو قلب بي قرار، قابو نَه ڪريون قلب تِنهن، ته ڪريس ها اِظهار، اِن آسري آڌار، ته هُجي مَڃِيندڙم مان مُورِهين.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَالَتْ لِاُخْتِهٖ قُصِّيْهِ ۡ فَبَصُرَتْ بِهٖ عَنْ جُنُبٍ وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ ۙ11
۽ چيائين سَندسِ ڀيڻ کي ته لهِينسِ خبر چار، پوءِ پَري کان ڏِسندِي رَهِي، ڪَنڌِيءَ ڀَرڪِنار، جِنهن جِي سار سَنڀار، هرگز نه هُئي هُنِن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَحَرَّمْنَا عَلَيْهِ الْمَرَاضِعَ مِنْ قَبْلُ فَقَالَتْ هَلْ اَدُلُّكُمْ عَلٰٓي اَهْلِ بَيْتٍ يَّكْفُلُوْنَهٗ لَكُمْ وَهُمْ لَهٗ نٰصِحُوْنَ 12
۽ اَ ڳي روڪيو سون اُن تي، ٻيَن داين جو کِير، پوءِ ڀيڻسِ چيو، ڪِ آءٌ ڏَسيان؟ سائـِڻ سا سُڌير، جا سانڍي هِن صَغِير، پوءِ آهِن اُن جا گھڻگھرا.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَرَدَدْنٰهُ اِلٰٓى اُمِّهٖ كَيْ تَــقَرَّ عَيْنُهَا وَلَا تَحْزَنَ وَلِتَعْلَمَ اَنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ وَّلٰكِنَّ اَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُوْنَ ۧ13
پوءِ موٽايو سُونسِ ماڻسِ ڏي، ته ٺَرنسِ نيڻ نار، ۽ نه ڳڻتِي ڪري ڳَڀور جِي، ۽ سَمجھي سَماچار، ته آهِن سَڀ اَلله جا، سَچا قول قرار، پر نه رکن سُڌ سَنڀار، مَنجھائـِڻ گھڻا مُورهِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَمَّا بَلَغَ اَشُدَّهٗ وَاسْتَوٰٓى اٰتَيْنٰهُ حُكْمًا وَّعِلْمًا ۭ وَكَذٰلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِيْنَ 14
جڏهن پهتو پَنهنجي زور کي، ٿيو طاقتمند تمام، بيشڪ بخشيو سون اُن کي، عِلم ۽ اَحڪام، ۽ اِنهِيءَ مِثال مُدام، ڀَلن ساڻ ڀَلايون.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَدَخَلَ الْمَدِيْنَةَ عَلٰي حِيْنِ غَفْلَةٍ مِّنْ اَهْلِهَا فَوَجَدَ فِيْهَا رَجُلَيْنِ يَـقْتَتِلٰنِ ڭ هٰذَا مِنْ شِيْعَتِهٖ وَهٰذَا مِنْ عَدُوِّه ٖ ۚ فَاسْتَغَاثَهُ الَّذِيْ مِنْ شِيْعَتِهٖ عَلَي الَّذِيْ مِنْ عَدُوِّهٖ ۙ فَوَكَزَهٗ مُوْسٰى فَقَضٰى عَلَيْهِ ڭ قَالَ هٰذَا مِنْ عَمَلِ الشَّيْطٰنِ ۭ اِنَّهٗ عَدُوٌّ مُّضِلٌّ مُّبِيْنٌ 15
۽ گِھڙيو اَندر گام، مُوسٰى اِهڙِيءَ مَهل تي، ته سَندسِ ساڪِن نِنڊ ۾، هُئا اَندر آرام، پوِ ٻه مَرد مَنجھس مَنجھند جو، وِڙهندا ڏِٺا وَريام، هِي هُنجي قوم مان، ۽ هُو خَصم سَندسِ مان، خام، هو جو سَندسِ ساٿ مان، گُھريَسِ مَدد گگدام، بَرسِر تِنهن بَدنام، جو دُشمن سَندسِ جي ڌُرمان. پوءِ مُوسٰى هَنيسِ مُٺ ڪو، پوءِ مارِيائـِينس مُور، چي، هِي عَمل اِبلِيس جو، ڪَيُمِ ڪو ڪلور، جو ظاهِر آهي ضَرور، وِرسائـِيندڙ واٽ کان،
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ رَبِّ اِنِّىْ ظَلَمْتُ نَفْسِيْ فَاغْفِرْ لِيْ فَغَفَرَ لَهٗ ۭ اِنَّهٗ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 16
چي، سانيم ربَّ، سُبحان!، مون پاڻهي ڪئـِي پاڻ سان، مرهينمِ مِهرسان، پوءِ مَرهِيُسِ مِهربان، آهي بي گمان، اِهو مَرهِيندڙ، مِهر ڀَريو.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ رَبِّ بِـمَآ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ فَلَنْ اَكُوْنَ ظَهِيْرًا لِّلْمُجْرِمِيْنَ 17
چي، سانيمِ! جِنهن سبب ڪَيُئـِه، مون تي ڪرم ڪلتار! هُوندسِ ڪو نه حِمايتِي، پوءِ ڏوهين جو ڏاتار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاَصْبَحَ فِي الْمَدِيْنَةِ خَاۗىِٕفًا يَّتَرَقَّبُ فَاِذَا الَّذِي اسْتَـنْصَرَهٗ بِالْاَمْسِ يَسْتَــصْرِخُهٗ ۭ قَالَ لَهٗ مُوْسٰٓى اِنَّكَ لَغَوِيٌّ مُّبِيْنٌ 18
پوءِ ڳَـڻتيون کِيندڙ ڳوٺ ۾، ٿيو وِهاڻِيءَ وار، ڪالهوڻي قِصاص جو، پِيو ڪڍي اِنتظار، تان ڪالھ جِنهن ڪُو ڪاريسِ، سو وَريو گُھري وَاهر، ٻهڳڻ چيو ٻِيهار، تون بِلڪُل ڀُليل پَڌرو.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَلَمَّآ اَنْ اَرَادَ اَنْ يَّبْطِشَ بِالَّذِيْ هُوَ عَدُوٌّ لَّهُمَا ۙ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اَتُرِيْدُ اَنْ تَــقْتُلَنِيْ كَـمَا قَتَلْتَ نَفْسًۢا بِالْاَمْسِ ڰ اِنْ تُرِيْدُ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَ جَبَّارًا فِي الْاَرْضِ وَمَا تُرِيْدُ اَنْ تَكُوْنَ مِنَ الْمُصْلِحِيْنَ 19
ڀوءَ جڏهن ڀَلي ڀانيو، ته ڪري اُنهِيءَ تي اُلير، جو دُشمن ٻِن جو دِين ۾، ته وراڻيو تنهن وير، ڇا مُوسٰى مارڻ مُون گُھرِين، جِيئن ڪالھ ڪُٺِيء ڪير؟ ٿِيئڻ ڏاڍو ڏيھ ۾، ڀانِئين ٿو ڀَلير!، مُور نه گُھرِين مَٿير!، ته صَحِي سانتِيڪن مان ٿئـِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَجَاۗءَ رَجُلٌ مِّنْ اَقْصَا الْمَدِيْنَةِ يَسْعٰى ۡ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اِنَّ الْمَلَاَ يَاْتَمِرُوْنَ بِكَ لِيَقْتُلُوْكَ فَاخْرُجْ اِنِّىْ لَكَ مِنَ النّٰصِحِيْنَ 20
۽ ڪو ڍوليو آيو ڊوڙندو، شهر مَٿي کان شير، چي، مُوسٰى! تولئي مارڪو، ڪن صلاحون سَوير، ته ڪن قتل توکي، پوءِ نِڪر، نَه ڪَر دير، آءٌ تو خاطِر خير، گھڻگھرن مان آهيان.
— مولوي حاجي احمد ملاح