027 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 93 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
طٰسۗ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْقُرْاٰنِ وَكِتَابٍ مُّبِيْنٍ 1ۙ
سمجھي ٿو طٰسٓ کي،مالڪ نالي مٺو، هي حڪم قرآن ڪريم جا، چٽو،
— مولوي حاجي احمد ملاحهُدًى وَّبُشْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2ۙ
ڏس پڻ ڏينهن ڏٺو، ۽ واڌايون وسهندڙين.
— مولوي حاجي احمد ملاحالَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 3
جي پُورو پڙهن نماز کي، پڻ ڏِينِ ڏُکين کي ڏان، ۽ سَندِي ٻئي جھان، خاصِي رکن ٿا خاطرِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ زَيَّنَّا لَهُمْ اَعْـمَالَهُمْ فَهُمْ يَعْمَهُوْنَ 4ۭ
اُهي، جي نه آخرت تي، آڻِين اِعتبار، سَندنِ ڪارڻ سُهڻا، ڪياسون سَندنِ ڪم ڪار، پوءِ اُهي اُجھن اُن ۾، آهِن اُهي ئـِي آوار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْعَذَابِ وَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ هُمُ الْاَخْسَرُوْنَ 5
بِلڪل آهي بُڇڙو، اُنهن لئي آزار، کُٽا ٽُٽا خوار، اُهي آخِرت ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنَّكَ لَتُلَقَّى الْقُرْاٰنَ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ عَلِيْمٍ 6
۽ سَچ پَچ تلقِين توکي، ڪَجي ٿو قُرآن، سائـِينءَ وَٽان سُبحان، جو حِڪمتي، هوشيار گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذْ قَالَ مُوْسٰي لِاَهْلِهٖٓ اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا ۭ سَاٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِخَــبَرٍ اَوْ اٰتِيْكُمْ بِشِهَابٍ قَبَسٍ لَّعَلَّكُمْ تَصْطَلُوْنَ 7
اُتو سَندسِ عيال کي، جڏهن مُوسىٰ مَت سُڄاڻ، ته بيشڪ ڏِٺم باھِ ڪا، پوءِ آڻيان اَوهان ڪاڻ، پَتو پُورو وات جو، يا سِنجا لڳه سانجاڻ، ته پاري ڪنان پاڻ، سيڪي بُت سِئَ لاهيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَلَمَّا جَاۗءَهَا نُوْدِيَ اَنْۢ بُوْرِكَ مَنْ فِي النَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا ۭ وَسُـبْحٰنَ اللّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 8
جڏهن آيو اُن پار، ته وِيَسِ پُڪاريو پَڌرو، ته وِڌيون وِيون اُن ۾، بَرڪتون بِسيار، جيڪِي آهي آڳ ۾، پڻ اُنهئ جي چوڌار، پڻ غيران پاڪ غَفار، پالڻهار پِرٿڻِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰمُوْسٰٓي اِنَّهٗ ٓ اَنَا اللّٰهُ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9ۙ
اي مُوسٰى! هِي مَذڪُور، ته آءٌ اَلله آهيان، طاقتمند تمام گھڻو، دانا هَر دَستُور،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَلْقِ عَصَاكَ ۭ فَلَمَّا رَاٰهَا تَهْتَزُّ كَاَنَّهَا جَاۗنٌّ وَّلّٰى مُدْبِرًا وَّلَمْ يُعَقِّبْ ۭ يٰمُوْسٰي لَا تَخَفْ ۣ اِنِّىْ لَا يَخَافُ لَدَيَّ الْمُرْسَلُوْنَ ڰ 10
۽ لائـِق! لوڙھ پَنهنجِي، اُڇل زُود ضَرُور، پوءِ جڏهن ڏِٺائـِينسِ، ته سُرپئـِي وِسيَر جِيئن وَهلُور، ته ڀَڳو، ڀَواريو پوئـِتي، ۽ اُڀليو نه اَهڳور، مُوسٰى! ڊِڄ نه مُور، مُرسل نه ڊِڄن، مُون وَٽان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِلَّا مَنْ ظَلَمَ ثُـمَّ بَدَّلَ حُسْـنًۢا بَعْدَ سُوْۗءٍ فَاِنِّىْ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 11
پر جنهن پَنهنجي جِئ کي، آزاريو اَڄاڻ، پوءِ بَدلائـِينسِ بَعد بَدِئَ جي،صَفاسُهڻِي ساڻ، پوءِ آهيان آءٌ پاڻ، مَرهِيندڙ۽ مِهرڀريو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَدْخِلْ يَدَكَ فِيْ جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَاۗءَ مِنْ غَيْرِ سُوْۗءٍ ۣ فِيْ تِسْعِ اٰيٰتٍ اِلٰى فِرْعَوْنَ وَقَوْمِهٖ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَوْمًا فٰسِقِيْنَ 12
۽ پَنهنجِي ڳِچئَ ۾ پاڻ وِجھ، تُنهنجو هَٿ هيڪار، ته نِڪرندو، نَوَنِ نِشانِيَن ۾، اَڇو عيب ڌار، فسادِئَ فِرعون ڏي، پڻ سَندسِ قوم ڪُفار، آهي اِها اِظهار، قوم بنه بٖي قاعدٖي.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَلَمَّا جَاۗءَتْهُمْ اٰيٰتُنَا مُبْصِرَةً قَالُوْا ھٰذَا سِحْرٌ مُّبِيْنٌ ۚ13
پوءِ آيُنِ جڏهن اَسان جون، نِيشانِيون نِروار، چي، آهي هِي اِظهار،،ڪارو ڪُو ڪٽ پَڌرو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَجَحَدُوْا بِهَا وَاسْتَيْقَنَتْهَآ اَنْفُسُهُمْ ظُلْمًا وَّعُلُوًّا ۭ فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُفْسِدِيْنَ ۧ14
ڪيائون اِهڙي حال ۾، اُنهئ کان اِنڪار، جڏهن جانِيَنِ اُنهن جي، تَسَلِّي ڪئـِي تڪرار، اَرڏائـِي اَنڌير ڪري، ۽ وَڏائـِي وِيچار، پوءِ پَس پَڇاڙِي پار، ڏاڍن سَندا ڏيھ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ وَسُلَيْمٰنَ عِلْمًا ۚ وَقَالَا الْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ فَضَّلَنَا عَلٰي كَثِيْرٍ مِّنْ عِبَادِهِ الْمُؤْمِنِيْنَ 15
۽ اَسان عطا عِلم ڪيو، دائُود، سُليمان، ۽ چيائون گھڻي چاھ مان، صاحب جا شُڪران، ته سَندسِ سَچن ٻانهن مان، آندو جَن اِيمان، گھڻنِ مَٿي مانَ، ڏِنون اَسان کي، ڏيھ ڌَڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَوَرِثَ سُلَيْمٰنُ دَاوٗدَ وَقَالَ يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ عُلِّمْنَا مَنْطِقَ الطَّيْرِ وَاُوْتِيْنَا مِنْ كُلِّ شَيْءٍ ۭ اِنَّ ھٰذَا لَهُوَ الْفَضْلُ الْمُبِيْنُ 16
۽ دائود جي تخت جو، ٿِيو وارِث سُليمان، چي، صَحِي سيکاريو وِيو، اَسان اي اِنسان، پکئَ، پکئَ جون ٻوليون، بُلبُل، باز بَيان، ۽ هَر شانائـِتئَ، شئ مَنجھان، ٿيو اَسان تي اِحسان، آهي اِهو عيان، ڀال برابر پَڌرو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَحُشِرَ لِسُلَيْمٰنَ جُنُوْدُهٗ مِنَ الْجِنِّ وَالْاِنْسِ وَالطَّيْرِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 17
۽ سَچي سُليمان لئي، وِيا ميڙيا مَنجھ ميدان، جيڪي سَندسِ سپاھ ۾، پکي، جِن، اِنسان، پوءِ تَنبُو ۽ طُولان، سي ساريو سَنڀاهِين پِيا.
— مولوي حاجي احمد ملاححَتّىٰٓ اِذَآ اَتَوْا عَلٰي وَادِ النَّمْلِ ۙ قَالَتْ نَمْــلَةٌ يّـٰٓاَيُّهَا النَّمْلُ ادْخُلُوْا مَسٰكِنَكُمْ ۚ لَا يَحْطِمَنَّكُمْ سُلَيْمٰنُ وَجُنُوْدُهٗ ۙ وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 18
ماڪوڙين جي مُلڪ ۾، جڏهن پُهتا پاڻ، ڪِيڙِئ چيو ڪِيڙيون! گِھڙو حُجرن ۾ هاڻ، سُليمان ۽ سپاھ اُن جو، نَه چِپِينان سُنبن ساڻ، جِنهن صُورت ۾، سُڄاڻ نه هُئنِ، اَهنجي حال کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَتَبَسَّمَ ضَاحِكًا مِّنْ قَوْلِهَا وَقَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِيْٓ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِيْٓ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلٰي وَالِدَيَّ وَاَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَاَدْخِلْنِيْ بِرَحْمَتِكَ فِيْ عِبَادِكَ الصّٰلِحِيْنَ 19
پوءِ وَهسيو وَڏي ٽَهڪ سان، سُڻِي سَندسِ ڳالھ، چي، سانيمِ! سُهائيمِ تون، ته ڳايان تُنهنجا ڀال، مُون ۽ مُنهنجي پِئَ مَٿي، جي ڪَئـِي ڪَرم ڪمال، ۽ تو وَڻي، سو ڪم ڪريان، چوکو چَڱِئ چال، ۽ تُنهنجي يڪ بَندن نال، ڪقر ڀيڙو پَنهنجٖي ڀال سان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَتَفَقَّدَ الطَّيْرَ فَقَالَ مَا لِيَ لَآ اَرَى الْهُدْهُدَ ڮ اَمْ كَانَ مِنَ الْغَاۗىِٕـبِيْنَ 20
۽ پُڇا ڪَئـِين پَکئَ جي چي، ڇو نَه هِت چَنڊور؟ مان ڏِسان ٿو مُور، ياهُو نه حاضِرن ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاح