026 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 227 آيتون ۽ 11 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
طٰسۗمّۗ 1
طٰسٓمّٓ کي سَمجھي، رَبُّ، سُڄاڻ،
— مولوي حاجي احمد ملاحتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 2
لاشڪ پَڌري ليک جا، آهِن هِي اُهڃاڻ،
— مولوي حاجي احمد ملاحلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ اَلَّا يَكُوْنُوْا مُؤْمِنِيْنَ 3
ڪَر قاتِل پَنهنجِي جان جو، تون آهين اِنهئ ڪاڻ، ته هو نَه هِينين ساڻ، مَڃڻ وارا مُورهين.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنْ نَّشَاْ نُنَزِّلْ عَلَيْهِمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ اٰيَةً فَظَلَّتْ اَعْنَاقُهُمْ لَهَا خٰضِعِيْنَ 4
جي گُھرون، ته اُڀ کان اُنهن تي، اُتاريون اُهڃاڻ، پوءِ ڪَنڌ سَندنِ، تِنهن ڪاڻ نميل ٿِين نِياز سان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ ذِكْرٍ مِّنَ الرَّحْمٰنِ مُحْدَثٍ اِلَّا كَانُوْا عَنْهُ مُعْرِضِيْنَ 5
۽ نه اَچينِ، نئـِي نصِحيت ڪا، پاران ڏيہ ڏاتار، مگر سي مَڪار، آهِن مُنهن موڙِيندڙ اُن کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَقَدْ كَذَّبُوْا فَسَيَاْتِيْهِمْ اَنْۢبٰۗـؤُا مَا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 6
ڪوڙهيَنِ ڪُوڙيون ڪوٺيون، پوءِ خُوب مِلندن خَبرون، جِنهن تان هرون ڀرون، ڪن خواريون خلق ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَوَلَمْ يَرَوْا اِلَى الْاَرْضِ كَمْ اَنْۢبَـتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍ كَرِيْمٍ 7
ڇا، ديکـئون نه ڌرتِئَ پار، ته ڪَئين اُڀاڙِياسون اُن ۾، سُهڻي سُهڻي قِسم جا، اوڀر عجب اِسرار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً ۭ وَمَا كَانَ اَكْثَرُهُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 8
بيشڪ آهي اُن ۾، نِيشانِي نِروار، ۽ وِسهندڙ نه آهِن وِترا، تنين مان تڪرار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 9ۧ
۽ تُنهنجو پالڻهار، سو آهي، سَٻر سَٻاجھو گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذْ نَادٰي رَبُّكَ مُوْسٰٓي اَنِ ائْتِ الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۙ10
۽ تُنهنجي مالِڪ مُوسٰى کي، جڏهن ڪئـِي پاڻ پُڪار، ته وَڃ ڪافِر قوم ڏي،
— مولوي حاجي احمد ملاحقَوْمَ فِرْعَوْنَ ۭ اَلَا يَتَّقُوْنَ 11
قوم فِرعون فَجار، ته اُهي ڪِنهن آڌار، ڏَرن نٿا ڏاتار کان؟
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ رَبِّ اِنِّىْٓ اَخَافُ اَنْ يُّكَذِّبُوْنِ ۭ12
چي، مونکي ڊپ مون ڌڻِي، ته ڪُوڙو ڪَند ۾ ڪُفران،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيَضِيْقُ صَدْرِيْ وَلَا يَنْطَلِقُ لِسَانِيْ فَاَرْسِلْ اِلٰى هٰرُوْنَ 13
۽ هَٻِڪي هِيئون مُنهنجو، ۽ نه کُليِمِ خُوب زبان، پوءِ موڪل حُڪم هارُون ڏي، مُون گڏ مِهربان!،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَهُمْ عَلَيَّ ذَنْۢبٌ فَاَخَافُ اَنْ يَّقْتُلُوْنِ ۚ14
۽ مُون تي آهي اُنهن جو، بَدلو بي گمان، پوءِ آهيم اِهو اَرمان، ته ڪُهيمِ مَتان قِصاص ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ كَلَّا ۚ فَاذْهَبَا بِاٰيٰتِنَآ اِنَّا مَعَكُمْ مُّسْتَمِعُوْنَ 15
چي، خبردار، ته ٻئـِي وَڃو، مُنهنجا حُڪم کڻِي هيڪار، آءُ اوهان سان آهيان، ٻُڌندڙ ڳالھ ٻِيهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاْتِيَا فِرْعَوْنَ فَقُوْلَآ اِنَّا رَسُوْلُ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ ۙ16
پوءِ وڃو ڦرِيل فرعون ڏي هِئ اکر چئو اظهار، ته اَسين اُماڻيل آهيون، پاران جُڳن پار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَنْ اَرْسِلْ مَعَنَا بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ ۭ17
پوءِ آجو اَسان گڏڪار، اِسرائـِيل جي اولاد کي
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ اَلَمْ نُرَبِّكَ فِيْنَا وَلِيْدًا وَّلَبِثْتَ فِيْنَا مِنْ عُمُرِكَ سِـنِيْنَ ۙ18
چي، ڪِ پاليوسون نَه پاڻ ۾، توکي ٻالڪ ٻار؟ اَسان ۾ پنهنجي عمر جا، ڪي ورھ رهئين وِينجھار!
— مولوي حاجي احمد ملاحوَفَعَلْتَ فَعْلَتَكَ الَّتِيْ فَعَلْتَ وَاَنْتَ مِنَ الْكٰفِرِيْنَ 19
۽ پوءِ ڪيو تو ڪَم پَنهنجو، ڪئـِي جو ڪم ڪار، ۽ آهين تون اِظهار، بلڪل بي شُڪرن مان.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ فَعَلْتُهَآ اِذًا وَّاَنَا مِنَ الضَّاۗلِّيْنَ ۭ20
چي، ڪيمِ اُهو ڪم تڏهن، هُئسِ مُوڙهن مان مُور،
— مولوي حاجي احمد ملاح