025 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 77 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
تَبٰرَكَ الَّذِيْ نَزَّلَ الْفُرْقَانَ عَلٰي عَبْدِهٖ لِيَكُوْنَ لِلْعٰلَمِيْنَ نَذِيْرَا 1ۙ
اُونهِئَ بَرڪت، اُهو ڌَڻِي، جنهن نازل ڪيو قرآن، سَندسِ سَچي ٻانهي مَٿي، ته ڪارڻ ڪُل جھان، خاص هُجي سو خان، آگاھ ڪندڙ آڳه کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحۨالَّذِيْ لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَلَمْ يَتَّخِذْ وَلَدًا وَّلَمْ يَكُنْ لَّهُ شَرِيْكٌ فِي الْمُلْكِ وَخَلَقَ كُلَّ شَيْءٍ فَقَدَّرَهٗ تَقْدِيْرًا 2
اُهو آهي، جِنهنجو اُڀ، ڀُون تي، اِختيار، ۽ پُٽ نه بَنايو پانهنجو، ڪِنهن هِڪڙِي کي ڪلتار، ۽ مُور نه تِنهن سان مُلڪ ۾، ڪو ڀاڱِين ڀائـِيوار، ۽ جوڙِئين هَر جِنسار، پوءِ ٺاهِينسِ پُوري ٺاھ سان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اٰلِهَةً لَّا يَـخْلُقُوْنَ شَـيْـــــًٔا وَّهُمْ يُخْلَقُوْنَ وَلَا يَمْلِكُوْنَ لِاَنْفُسِهِمْ ضَرًّا وَّلَا نَفْعًا وَّلَا يَمْلِكُوْنَ مَوْتًا وَّلَا حَيٰوةً وَّلَا نُشُوْرًا 3
۽ ڌڻِي ڌاران ڌاريؤن، سائـِين سَوَ هزار، جي جوڙِين نَه جھان مان ڪا جِنس ۽ جنسار، ۽ جائـِي جوڙيا پاڻ وَڃن، جوڙٖين جوڙڻهار، ۽ نه سَندنِ وُجودن واسطي، هَٿ سَندنِ کَٽ، هار، ۽ مالِڪ ناهِن مُورهِين، سَندا موت، ڄمار، ۽ آخِر نه اِختيار، اُٿارڻ جو اُنهن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا ٓ اِنْ ھٰذَآ اِلَّآ اِفْكُ ۨافْتَرٰىهُ وَاَعَانَهٗ عَلَيْهِ قَوْمٌ اٰخَرُوْنَ ڔ فَقَدْ جَاۗءُوْ ظُلْمًا وَّزُوْرًا ڔ 4
۽ اُهي، جن اِنڪار ڪيو، تن چيو اِهڙِي چال، ته ڪونهي هِي قرآن، مگر مَنْ گَھڙت مَقال، پاڻ پَنهنجي طرف کان، جوڙِئـِين جُڙتو ڳالھ، ۽ آڀارِيُس اُن مَٿي، ٻِئَ ڪِنهن قوم ڪُلال، پوءِ بَڪيائون بَحال، ڪارو ڪُوڙ ڪَلُور ڪو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَالُوْٓا اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ اكْتَتَبَهَا فَهِيَ تُمْلٰى عَلَيْهِ بُكْرَةً وَّاَصِيْلًا 5
۽ آکيؤن، ته هِي آکاڻيون، مَهندِيَن جون مُقرّر، ڪِنهن ڪاتِب هَٿ، اُن قوم کان اُتارئـِين اکر، پوءِ پاڙهيو وَڃيس ڪِنهن پَر، سو سبق صُبح ۽ شام جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ اَنْزَلَهُ الَّذِيْ يَعْلَمُ السِّرَّ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ اِنَّهٗ كَانَ غَفُوْرًا رَّحِيْمًا 6
چئو، اُن کي تِنهن اُتاريو، جو ڄاڻي ڄاڻڻهار، اُڀ، ڀُون، عَرش فرش ۾، آهِن جي اِسرار، سو بيشڪ بخشڻهار، مِڙنيان مِهربان گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَالُوْا مَالِ ھٰذَا الرَّسُوْلِ يَاْكُلُ الطَّعَامَ وَيَمْشِيْ فِي الْاَسْوَاقِ ۭ لَوْلَآ اُنْزِلَ اِلَيْهِ مَلَكٌ فَيَكُوْنَ مَعَهٗ نَذِيْرًا 7
۽ چيائون ته ڀَلا ڪهڙا، هن پيغمبر جا پار؟ کائي کاڌا خُوب طرح ۽ گُھمي مَنجھ بازار، مَلڪ کِيانتو خاص ڪو، هُجيسِ گڏ هيڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَوْ يُلْقٰٓى اِلَيْهِ كَنْزٌ اَوْ تَكُوْنُ لَهٗ جَنَّةٌ يَّاْكُلُ مِنْهَا ۭ وَقَالَ الظّٰلِمُوْنَ اِنْ تَتَّبِعُوْنَ اِلَّا رَجُلًا مَّسْحُوْرًا 8
يا خَزاني کاڻ ڪا، اُڇَلجي اُنهِئَ پار، يا ميوا کائي، جنهن مَنجھان، سوباغ هُجي تِنهن هار، ۽ اَنڌاريلن آکيو، ته وَٺو نَه پُٺ وِينجھار!، ديواني کان ڌار، جِنهن سان چِٽو ٿيل چِٽ ڪو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاُنْظُرْ كَيْفَ ضَرَبُوْا لَكَ الْاَمْثَالَ فَضَلُّوْا فَلَا يَسْتَطِيْعُوْنَ سَبِيْلًا 9ۧ
ڏِس ته ڏِنائون ڪِهڙو؟ تولئي مير! مِثال، ڀُليا پوءِ بَحال، وَرِي نه سَگھن واٽ تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحتَبٰرَكَ الَّذِيْٓ اِنْ شَاۗءَ جَعَلَ لَكَ خَيْرًا مِّنْ ذٰلِكَ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۙ وَيَجْعَلْ لَّكَ قُصُوْرًا 10
اُونهي بَرڪت اُهو ڌَڻِي، جي پاڻ گُھري پَرور، ته توکي اُن تمام کان، بَخشي اَڃا بِهتر، باغ هزارين، هيٺان جَن جي، جارِي هُجن جَر، ۽ مَحلاتون مُقرّر، تولئي ڪري ڪَرم سان.
— مولوي حاجي احمد ملاحبَلْ كَذَّبُوْا بِالسَّاعَةِ ۣ وَاَعْتَدْنَا لِمَنْ كَذَّبَ بِالسَّاعَةِ سَعِيْرًا ۚ11
اُٽلو اُنهن ڪوٺيو، ڪُوڙ ڏِينهن قِيام، ۽ جَن قيامت ڪُوڙ چئـِي، تَنِين لئي تمام، آڳ سَنباهِيسون اَڳهِين،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذَا رَاَتْهُمْ مِّنْ مَّكَانٍۢ بَعِيْدٍ سَمِعُوْا لَهَا تَغَيُّظًا وَّزَفِيْرًا 12
جنهن ۾ داخل ڌُودوام، جڏهن ڏِٺائـِينِ ڏُور هَنڌان، ته ٻڌئونسِ جوش جام، هيبت هُل هَنگام، ڪَڙڪا ڪڙهڻ باھ جا.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَآ اُلْقُوْا مِنْهَا مَكَانًا ضَيِّقًا مُّقَرَّنِيْنَ دَعَوْا هُنَالِكَ ثُبُوْرًا ۭ13
۽ جَڏهن سَٽياوِيا اُن مَنجھان، ڪِنهن صفا سوڙهي هنڌ، هَٿ، پير، ڪَنڌ، ڪياڙيون، پِڃري مَنجھ پَيوند، گھوڙاڙي، گھوڙا ڪيؤن، اُتي دانهون درد مَند،
— مولوي حاجي احمد ملاحلَا تَدْعُوا الْيَوْمَ ثُبُوْرًا وَّاحِدًا وَّادْعُوْا ثُبُوْرًا كَثِيْرًا 14
گھورا، گھوڙا هِڪ نه ڪريو، اَڄ ڀَلين اَندر بَند، نِڙيون ڦاڙي نَند، گھوڙائون گھڻيون ڪريو.
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ اَذٰلِكَ خَيْرٌ اَمْ جَنَّةُ الْخُلْدِ الَّتِيْ وُعِدَ الْمُتَّقُوْنَ ۭ كَانَتْ لَهُمْ جَزَاۗءً وَّمَصِيْرًا 15
چئو، ڀلِي آهي باھِ، يا باغ بقادار؟ ڀَلن بَندن ڏِنا وِيا، جن جا قول قرار، آهِن اَجر اُنهن لئي، ۽ سي واپس وِئ ولهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحلَهُمْ فِيْهَا مَا يَشَاۗءُوْنَ خٰلِدِيْنَ ۭ كَانَ عَلٰي رَبِّكَ وَعْدًا مَّسْـُٔـوْلًا 16
جيڪِي طلبِينِ تِنهن ۾ تن لئي، سدا تيار، تُنهنجي صاحب سِر، ستار، واجب اُهو واعِدو!
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيَوْمَ يَحْشُرُهُمْ وَمَا يَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ فَيَقُوْلُ ءَ اَنْتُمْ اَضْلَلْتُمْ عِبَادِيْ هٰٓؤُلَاۗءِ اَمْ هُمْ ضَلُّوا السَّبِيْلَ ۭ17
۽ ميڙينداسونِ جنهن مَهل ۾، پڻ جَن پوڄينِ ڌڻي ڌار، چي، متان اَوهان منجھايو، مُنهنجي بَندنَ کي، بدڪار، ڪِ پاڻهِي ڇَڏي پار، وَڃِي اوجھڙ ۾ اُجھيا؟
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالُوْا سُـبْحٰنَكَ مَا كَانَ يَنْۢبَغِيْ لَنَآ اَنْ نَّتَّخِذَ مِنْ دُوْنِكَ مِنْ اَوْلِيَاۗءَ وَلٰكِنْ مَّتَّعْتَهُمْ وَاٰبَاۗءَهُمْ حَتّٰي نَسُوا الذِّكْرَ ۚ وَكَانُوْا قَوْمًۢا بُوْرًا 18
چي پاڪائي تو پاڪ کي، اِي نَه اسان جو شان، ته سوا تو سُبحان!، وَڃِي ٻِيلِي ٻِيا بنايون. ۽ پرسلؤن سُکيا تو رَکيا، پڻ اَبا سَندنِ آباد، تان وِسرڻ کي وِساريؤن، ياربَّ! تُنهنجِي ياد، ۽ قوم بِنَہ بَرباد، ڪو راڄ تُهارن کاڄ هو.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَقَدْ كَذَّبُوْكُمْ بِـمَا تَقُوْلُوْنَ ۙ فَـمَا تَسْتَطِيْعُوْنَ صَرْفًا وَّلَا نَصْرًا ۚ وَمَنْ يَّظْلِمْ مِّنْكُمْ نُذِقْهُ عَذَابًا كَبِيْرًا 19
پوءِ آنکي ڪُوڙ ڪوٺيون، جيڪِي ڳِھلا! ڪريو ڳالھ، پوءِ نه سَگھڻ لاهِڻ سُور ڪو، نه ڪا جَھل جَنجال، ۽ جَن اَسارن اَوهان مان، جاڙُون ڪيون جال، وَڏو ڪو وَبال، چوکو چکائـِينداسون اُنهن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَآ اَرْسَلْنَا قَبْلَكَ مِنَ الْمُرْسَلِيْنَ اِلَّآ اِنَّهُمْ لَيَاْكُلُوْنَ الطَّعَامَ وَيَمْشُوْنَ فِي الْاَسْوَاقِ ۭ وَجَعَلْنَا بَعْضَكُمْ لِبَعْضٍ فِتْنَةً ۭ اَتَصْبِرُوْنَ ۚ وَكَانَ رَبُّكَ بَصِيْرًا ۧ20
۽ موڪلياسون مَهند تُهان، مُرسل مڻيادار، کاڌو کيندا سَڀ هُئا، ۽ وِيندا مَنجھ بازار، ۽ ازمائـِش ڪيوسون اَوهان مان، ڪن کي ڪن جي هارِ، ڪِ سَهو ٿا سچار؟ ۽ ڏِسندڙ تُنهنجو ڏيہ ڌڻي.
— مولوي حاجي احمد ملاح