024 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 64 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
سُوْرَةٌ اَنْزَلْنٰهَا وَفَرَضْنٰهَا وَاَنْزَلْنَا فِيْهَآ اٰيٰتٍۢ بَيِّنٰتٍ لَّعَلَّكُمْ تَذَكَّرُوْنَ 1
سُورت سُونهارِي نُور، اُتاريوسون اُن کي. ۽ فَرض فرماياسون اُن ۾، حُڪم مُقرّر مُور، پڻ اُتاريو سُون آيتون، ظاهِر مَنجھسِ ضرور، ته مانَ ڪو مَذڪور، اَوهِين وِهاريو وُجود ۾!.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلزَّانِيَةُ وَالزَّانِيْ فَاجْلِدُوْا كُلَّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا مِائَةَ جَلْدَةٍ ۠ وَّلَا تَاْخُذْكُمْ بِهِمَا رَاْفَةٌ فِيْ دِيْنِ اللّٰهِ اِنْ كُنْتُمْ تُؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ ۚ وَلْيَشْهَدْ عَذَابَهُمَا طَاۗىِٕفَةٌ مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 2
ڪارٖي ۽ ڪارِيءَ کي هَڻو، سَو بيد ڀَري ڀَرپُور، ۽ ٻنهِين لئي، ڌَڻِئَ جي دِين ۾، مِهر نه پَونِيان مُور، جي مَڃيو مَحشر ڏِينهن کي، پڻ پَرور پاڪ حُضور، ۽ وَرپَسٖي سَندنِ سُور، مُؤمِنن مان، ميڙڪو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلزَّانِيْ لَا يَنْكِحُ اِلَّا زَانِيَةً اَوْ مُشْرِكَةً ۡ وَّالزَّانِيَةُ لَا يَنْكِحُهَآ اِلَّا زَانٍ اَوْ مُشْرِكٌ ۚ وَحُرِّمَ ذٰلِكَ عَلَي الْمُؤْمِنِيْنَ 3
زانِي پَرڻي ڪِين ڪِي، مگر زانياڻِي زال، يا نِڪاح ڪري تنهن نال، جا گڏي ڌَڻِيءَ سان ڌاريان. ۽ زانياڻِئَ کي زال، نه ڪري، مگر خُود زانِي، ياپَرور گڏ پُوڄي ٻِئا، سو ڏيَوڻ جو ڏانِي، اِهڙِي نِڪاح خوانِي، مُؤمِنن تي منع ٿِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّذِيْنَ يَرْمُوْنَ الْمُحْصَنٰتِ ثُـمَّ لَمْ يَاْتُوْا بِاَرْبَعَةِ شُهَدَاۗءَ فَاجْلِدُوْهُمْ ثَمٰنِيْنَ جَلْدَةً وَّلَا تَــقْبَلُوْا لَهُمْ شَهَادَةً اَبَدًا ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفٰسِقُوْنَ 4ۙ
۽ پاڪ پوتيَن تي رکن، جي تُهمَتون تَڪرار، پوءِ وَرِي نه آندئون اُن مٿي، ڪي چڱا شاهِد چار، پو اَسِي بيد اُنهن کي، لڳايونِ لڳاتار، ۽ ساکه سَدائـِين اُنهن کان، نه وَٺونِ ڪِنهِين وار، ۽ آهن اِهي اِظهار، ٻاهِر هَلندڙ حُڪم کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِلَّا الَّذِيْنَ تَابُوْا مِنْۢ بَعْدِ ذٰلِكَ وَاَصْلَحُوْا ۚ فَاِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 5
مگر جي موٽيا، تِهانپوءِ تڪرار، ۽ چڱا ڪيائون ڪمڙا ته، صاحب ربُّ، ستار، بيشڪ بَخشڻهار، پڻ مِڙنيان مِهربان گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّذِيْنَ يَرْمُوْنَ اَزْوَاجَهُمْ وَلَمْ يَكُنْ لَّهُمْ شُهَدَاۗءُ اِلَّآ اَنْفُسُهُمْ فَشَهَادَةُ اَحَدِهِمْ اَرْبَعُ شَهٰدٰتٍۢ بِاللّٰهِ ۙ اِنَّهٗ لَمِنَ الصّٰدِقِيْنَ 6
جيڪي سَندنِ جويُن تي، رکن بَديون بار، ۽ ساکي نه سَندنِ سِرن سوا، ڪو هُجي اُنهن هارِ، ساکه سَندنِ مان هَر هيڪڙي، صحِي ساکون چار، ته قسم سان ڪَلتار، سچ پچ پاڻ سَچن مان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالْخَامِسَةُ اَنَّ لَعْنَتَ اللّٰهِ عَلَيْهِ اِنْ كَانَ مِنَ الْكٰذِبِيْنَ 7
۽ پنجون، ته مَٿسِ پاڻ تي، ڌڻِئَ جِي ڌِڪار، ته ڪُوڙن مَنجھان جيڪڏهن، هُوند ڪارو ڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيَدْرَؤُا عَنْهَا الْعَذَابَ اَنْ تَشْهَدَ اَرْبَعَ شَهٰدٰتٍۢ بِاللّٰهِ ۙ اِنَّهٗ لَمِنَ الْكٰذِبِيْنَ 8ۙ
۽ اُن عورت تان آزار، لاٿو وَڃي هِن شرط تي. ته ساکون چار، ساکه ڏئي، قَسم سان ڪلتار، ته آهي، هِي آهِير تِنهن، مَنجھ ڪُوڙن جي قطار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالْخَامِسَةَ اَنَّ غَضَبَ اللّٰهِ عَلَيْهَآ اِنْ كَانَ مِنَ الصّٰدِقِيْنَ 9
۽ پنجئـِين ساکه ته، پاڻ مٿسِ، ڪِرندو قهر قهار، هُوندو هِي حقدار، جي صَحِي سَچ ٻولن مان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَوْلَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهٗ وَاَنَّ اللّٰهَ تَوَّابٌ حَكِيْمٌ ۧ10
۽ جي آن تي نه ڀال اَلله جو، پڻ سَندسِ مِهرنگاھ، ۽ آهي پاڻ اَللهَ، وَرڻ وارو ويڄ وَڏو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ جَاۗءُوْ بِالْاِفْكِ عُصْبَةٌ مِّنْكُمْ ۭ لَا تَحْسَبُوْهُ شَرًّا لَّكُمْ ۭ بَلْ هُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۭ لِكُلِّ امْرِۍ مِّنْهُمْ مَّا اكْتَسَبَ مِنَ الْاِثْمِ ۚ وَالَّذِيْ تَوَلّٰى كِبْرَهٗ مِنْهُمْ لَهٗ عَذَابٌ عَظِيْمٌ 11
جي آيا ڪارو ڪُوڙ کڻي، سي پڻ اَوهان مان پاڻ، سو بُرو نه ڀانيو پاڻ لئي، بلڪ سارو خير سڄاڻ! حَرج هرڪِنهن لئي، اُنهن مان، جيڪي ڪيائـِين، تنهِن ڪاڻ، هَليو سَندسِ هوڏ پُٺيان، اُنهن مان، جو اَڄاڻ، ساڙو سَخِتئَ ساڻ، تِنهن لئي ڪو تمام وَڏو.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَوْلَآ اِذْ سَمِعْتُمُوْهُ ظَنَّ الْمُؤْمِنُوْنَ وَالْمُؤْمِنٰتُ بِاَنْفُسِهِمْ خَيْرًا ۙ وَّقَالُوْا ھٰذَآ اِفْكٌ مُّبِيْنٌ 12
جيڪر جِنهن وار، ڪَنِين ٻُڌان ڪُوڙ سو، مُؤمن ۽ مُؤمنياڻيَن، سَت سَمجھيو سَندنِ پار، ۽ ٻوليائون ٻِيهار، هِي بُهتان بِلڪُل پَڌرو.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَوْلَا جَاۗءُوْ عَلَيْهِ بِاَرْبَعَةِ شُهَدَاۗءَ ۚ فَاِذْ لَمْ يَاْتُوْا بِالشُّهَدَاۗءِ فَاُولٰۗىِٕكَ عِنْدَ اللّٰهِ هُمُ الْكٰذِبُوْنَ 13
ڇو نه آندئون اُن تي، شاهِد چوکا چار، اُهي جُوٺا وَٽِ جَبَّار، جَڏهن آندئون نه، شاهِد اُن تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَوْلَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهٗ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ لَمَسَّكُمْ فِيْ مَآ اَفَضْتُمْ فِيْهِ عَذَابٌ عَظِيْمٌ ښ 14
۽ هو آن تي نَه، ڀال اَلله جو، پڻ مِهر اِنهِئَ جي مُور، ته هِن ۽ هُن جھان ۾، وَرتان وڏي ڪِنهن سُور، مَنجِھين تِنهن مَذڪُور، جِنهن ۾ پَلٽِي پاڻ پيا.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذْ تَلَقَّوْنَهٗ بِاَلْسِنَتِكُمْ وَتَــقُوْلُوْنَ بِاَفْوَاهِكُمْ مَّا لَيْسَ لَكُمْ بِهٖ عِلْمٌ وَّتَحْسَبُوْنَهٗ هَيِّنًا ڰ وَّهُوَ عِنْدَ اللّٰهِ عَظِيْمٌ 15
جَڏهن پَنهنجِي زِبان سان، بِين ٻُڌايو ڪُوڙ، ۽ وَراڻيو واتن سان، جِنهن جِي پَريان اَوهان نه پَرُوڙ، ۽ هَرڙو ڀانيوسِ هُوڙ!، ۽ اِهو واحِد وٽ وَڏو گَھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَوْلَآ اِذْ سَمِعْتُمُوْهُ قُلْتُمْ مَّا يَكُوْنُ لَنَآ اَنْ نَّتَكَلَّمَ بِھٰذَا ڰ سُـبْحٰنَكَ ھٰذَا بُهْتَانٌ عَظِيْمٌ 16
۽ جيڪر جنهن وار، ڪَنِين، ٻُڌان ڪُوڙ سو، ته چيان، ته اَسِين اِيئن چَئون، اِي نَه اسان کي ڪار، سُبحانهٗ سَهوار، هِي آهي بَڙو بُهتان ڪو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَعِظُكُمُ اللّٰهُ اَنْ تَعُوْدُوْا لِمِثْلِهٖٓ اَبَدًا اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ ۚ17
اَلله اَوهان کي ٿو ڪري، مَنع مُور مُدام، ته موٽو اِن مثال ڏي، جي آهيو سِر اسلام،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيُبَيِّنُ اللّٰهُ لَكُمُ الْاٰيٰتِ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 18
۽ خدا کولي ٿو پَنهنجا، اَوهان لئي اَحڪام، ۽ اَلله آهي عَلام، پڻ حِڪمتِي هوشيار گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ يُـحِبُّوْنَ اَنْ تَشِيْعَ الْفَاحِشَةُ فِي الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَهُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌ ۙ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ ۭ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ وَاَنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ 19
جي ڀانئـِن بَدگمان، ته ڀَلِين بُڇڙيون ڳالهيون، ٽِڙن پَکڙن اُنهن ۾، آندو جن اِيمان، دَرد دُنيا ۾ تن لئي، ٻِيو مَنجھ ٻِئي جَھان، ۽ سَمجھي تن سُبحان، ۽ اَوهِين نه ڄاڻو اُن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَوْلَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهٗ وَاَنَّ اللّٰهَ رَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ ۧ20
۽ جي نه هُئن ڀَلي جا ڀال، پڻ ٻاجھ اوهان تي اُن جي، ۽ نَرم اوهان نال، پڻ سانئـِين سَٻاجھو گَھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاح