022 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 78 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اتَّقُوْا رَبَّكُمْ ۚ اِنَّ زَلْزَلَةَ السَّاعَةِ شَيْءٌ عَظِيْمٌ 1
ماڻهئا! پَنهنجي مالِڪ کان ڪَنبو، ڀَر قهار، ڳَرِي ڳالھ قيام جِي؛
— مولوي حاجي احمد ملاحيَوْمَ تَرَوْنَهَا تَذْهَلُ كُلُّ مُرْضِعَةٍ عَمَّآ اَرْضَعَتْ وَتَضَعُ كُلُّ ذَاتِ حَمْلٍ حَمْلَهَا وَتَرَى النَّاسَ سُكٰرٰي وَمَا هُمْ بِسُكٰرٰي وَلٰكِنَّ عَذَابَ اللّٰهِ شَدِيْدٌ 2
ويکِيندسِ جِنهن وار، هردائـِي جنهن ڌاريو، وِساريندِي تِنهن وار، ۽ حَمل ڪيرِين حامِلون، هيبت کان هيڪار، ۽ مَست ڏِسندِين ماڻُهئـِين، مَست نه سي ميخوار، پر سَندِي ربَّ، سَتار، سَزا آهي سَخت گَھڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّيَتَّبِـعُ كُلَّ شَيْطٰنٍ مَّرِيْدٍ 3ۙ
۽ ماڻهن مَنجھان آھِ ڪو، ته پُورٖي پتٖي ڌار، خُود خُدا جي ذات ۾، تَڙيل ڪري تڪرار، ۽ هَر شيطان شَرِير پُٺيان، لڳي لڳاتار،
— مولوي حاجي احمد ملاحكُتِبَ عَلَيْهِ اَنَّهٗ مَنْ تَوَلَّاهُ فَاَنَّهٗ يُضِلُّهٗ وَيَهْدِيْهِ اِلٰى عَذَابِ السَّعِيْرِ 4
جِنهن تي انگ اَ ڳــئـِي، لِکيو لِکڻهار، ته جِنهن دوست تنهن کي ڌاريو، ته نِيندسِ نِگوسار، ۽ ڪِنهن آڙاھ جو آزار، سَئون سُهائيندو اُن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰٓاَيُّهَا النَّاسُ اِنْ كُنْتُمْ فِيْ رَيْبٍ مِّنَ الْبَعْثِ فَاِنَّا خَلَقْنٰكُمْ مِّنْ تُرَابٍ ثُـمَّ مِنْ نُّطْفَةٍ ثُـمَّ مِنْ عَلَقَةٍ ثُـمَّ مِنْ مُّضْغَةٍ مُّخَلَّقَةٍ وَّغَيْرِ مُخَلَّقَةٍ لِّنُبَيِّنَ لَكُمْ ۭ وَنُقِرُّ فِي الْاَرْحَامِ مَا نَشَاۗءُ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ثُـمَّ نُخْرِجُكُمْ طِفْلًا ثُـمَّ لِتَبْلُغُوْٓا اَشُدَّكُمْ ۚ وَمِنْكُمْ مَّنْ يُّتَوَفّٰى وَمِنْكُمْ مَّنْ يُّرَدُّ اِلٰٓى اَرْذَلِ الْعُمُرِ لِكَيْلَا يَعْلَمَ مِنْۢ بَعْدِ عِلْمٍ شَيْــــًٔا ۭ وَتَرَى الْاَرْضَ هَامِدَةً فَاِذَآ اَنْزَلْنَا عَلَيْهَا الْمَاۗءَ اهْتَزَّتْ وَرَبَتْ وَاَنْۢبَتَتْ مِنْ كُلِّ زَوْجٍۢ بَهِيْجٍ 5
اٿيارڻ کان شڪ ۾، جي آهيو اي اِنسان! پوءِ اَوّل اُپايو سُون آن کي، خاڪ مَنجھان خاقان! پوءِ ڌات ڦُڙي، پوءِ ڌِڳ مَنجھان، اُپايوسون عيان، پوءِ ٻُوٽِي ڪُجھ بَنيل، ۽ ڪُجھ نه بَنيل بي گمان، اَسِين اَوهان جي سُڌلئي، ٿا کوليون خُوب بَيان، ۽ ڳَڻيا ڏِينهن ڳِهڻن ۾، آن کي ڏِيون ماڳ مَڪان، اَسِين گُھرون جيترو، کُڻ ٻَڌل سِين خان!، پوءِ ڪَڌون نِيان پيٽ مان، طِفل ناتوان، تان پُهچو پَنهنجي زور کي، ٿِيو جُنگ جوان، ۽ ڪو اَوهان مان اڳه ۾، ٿِئي فوت فلان، ۽ ڪو پُهچي پوڙهپَڻ کي، حال ۾ حيران، تان سُڻي سَمجھي ڪانه، سَمجھ پُڄاڻا، پوءِ وَرِي. ۽ ڏِسين ڀُون بيران، پوءِ جڏهن، آب اُتارِيوسون اُنتي، ته سائـِي سارِي سِيم ٿِي، اُڀاڻِي عيان، ۽ اُڀاڙئين ڪُل اوڀڙِين، مَڃر ٿيا ميدان،
— مولوي حاجي احمد ملاحذٰلِكَ بِاَنَّ اللّٰهَ هُوَ الْـحَقُّ وَاَنَّهٗ يُـحْيِ الْمَوْتٰى وَاَنَّهٗ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 6ۙ
اِي سَڀ ساک اُن جِي، ته ثابت آھِ، سُبحان، ۽ مُئا جِيارِيندو مُور سو، جوڙي جِسم جان، پڻ قادِر هَر ڪِنهن ڪَم تي، قدرت تان قربان،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاَنَّ السَّاعَةَ اٰتِيَةٌ لَّا رَيْبَ فِيْهَا ۙ وَاَنَّ اللّٰهَ يَبْعَثُ مَنْ فِي الْقُبُوْرِ 7
۽ آهي قيامت اَچڻِي، جِنهن ۾ شَڪ، نه گُمان، ۽ هُو، جي خاڪ ۾ خَيمان، اَلله اُٿارِيندو اُنهن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يُّجَادِلُ فِي اللّٰهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَّلَا هُدًى وَّلَا كِتٰبٍ مُّنِيْرٍ 8ۙ
۽ ڪي، ماڻهن مان، ڪَن مُقابلا، خُود خُدا جي باب، سوا سَمجھ، سوا سُونهپ، ۽ سوا سُونهي ڪِتاب،
— مولوي حاجي احمد ملاحثَانِيَ عِطْفِهٖ لِيُضِلَّ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ۭ لَهٗ فِي الدُّنْيَا خِزْيٌ وَّنُذِيْقُهٗ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ عَذَابَ الْحَرِيْقِ 9
آڏي ڪَنڌ ڪَذاب، تان رولي رَبَّ جي راه کان. هرگز هِن جَھان ۾، هارَ تِنهِين هارِ، ۽ مَزو چکائـِينداسون مُورهِين، مَهندان مَحشر وار، ٻارڻ جو ٻِيهار، ٻارَهو ٻَرندڙ باھ جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحذٰلِكَ بِـمَا قَدَّمَتْ يَدٰكَ وَاَنَّ اللّٰهَ لَيْسَ بِظَلَّامٍ لِّـلْعَبِيْدِ ۧ10
آهي، اُن ڪَمن جو، بَدلو هِي بَحال، تُنهنجي هَٿن هَلائيا، اڳي جي اَعمال، ۽ بارِي بَندن نال، ذَرو ظالِم ناھِ ڪِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّعْبُدُ اللّٰهَ عَلٰي حَرْفٍ ۚ فَاِنْ اَصَابَهٗ خَيْرُ ۨاطْـمَاَنَّ بِهٖ ۚ وَاِنْ اَصَابَتْهُ فِتْنَةُ ۨانْقَلَبَ عَلٰي وَجْهِهٖ ڗ خَسِرَ الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةَ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الْخُسْرَانُ الْمُبِيْنُ 11
۽ ڪو ماڻهو مَطلب پُٺيان، پُوڄِي پالڻهار، پوءِ رسيسِ سُکه ته اِن لئي، ڪري قلب قرار، ۽ پَنهنجي مُنهن ڀَر مُڙيو، جي آيسِ ڪو آزار، دُنيا ۽ آخرت ٻِنهِين ۾، پاتِي، هَچاري هار، اِهوئـِي اِظهار، ڇِيهو اهي ڇٖيہ جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَدْعُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَا لَا يَضُرُّهٗ وَمَا لَا يَنْفَعُهٗ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ الْبَعِيْدُ ۚ12
ڌڻِئَ ڌاران، اُن جٖي، وَڃيو دانهِين دَر، جو ذَرو نه ضَرر، ڏٖيس ڪو، نه نَفعو مَنجھ نَظر، اَ ڳاهِين اَپر، اِئَ گُمراهِي گَس ڪنَان.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَدْعُوْا لَمَنْ ضَرُّهٗ ٓ اَقْرَبُ مِنْ نَّفْعِهٖ ۭ لَبِئْسَ الْمَوْلٰى وَلَبِئْسَ الْعَشِيْرُ 13
سَڏي سَويرو، جنهن کي، پاڻا ڏِيڻو ڏانُ پوي، نفعي کان، نقصان تنهن، آھِ اوڏيرو، بلڪل بُڇيرو، سو والِي ۽ سو واهرُو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ اللّٰهَ يُدْخِلُ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَفْعَلُ مَا يُرِيْدُ 14
آندو جن اِيمان، پڻ چڱا ڪيائون ڪَمڙا، اَلله ڏِيندو اُنهن کي، باغ ڀَلا بُستان، جن هيٺان هلن ناليون، عمدو آب رَوان، سَٻاجھو سُبحان، جيڪي گُھري، سو ڪري.
— مولوي حاجي احمد ملاحمَنْ كَانَ يَظُنُّ اَنْ لَّنْ يَّنْصُرَهُ اللّٰهُ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ فَلْيَمْدُدْ بِسَبَبٍ اِلَى السَّمَاۗءِ ثُـمَّ لْيَقْطَعْ فَلْيَنْظُرْ هَلْ يُذْهِبَنَّ كَيْدُهٗ مَا يَغِيْظُ 15
جو ڀانئي بَدگمان، دُنيا، ۽ آخرت ۾، مَدد اُن کي مُورهِين، قادِر ڏِيندو ڪانه، پوءِ وَر، سو لَٽڪي رَسِيءَ ۾، چَڙهي آسمان. پوءِ وَرِي وَڍي اُن کي، پوءِ نِهاري نِڌان، جنهن جَلايس جان، سو حيلي تِنهن هٽايو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَكَذٰلِكَ اَنْزَلْنٰهُ اٰيٰتٍۢ بَيِّنٰتٍ ۙ وَّاَنَّ اللّٰهَ يَهْدِيْ مَنْ يُّرِيْدُ 16
۽ اِنپر اُتاريو سون اُن کي، نِيشانيون نِروار، صاحب ربُّ، ستار، جِنهن گُھري، تِنهن گَس ڏَسي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَالَّذِيْنَ هَادُوْا وَالصّٰبِــِٕــيْنَ وَالنَّصٰرٰي وَالْمَجُوْسَ وَالَّذِيْنَ اَشْرَكُـوْٓا ڰ اِنَّ اللّٰهَ يَفْصِلُ بَيْنَهُمْ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ شَهِيْدٌ 17
آندو جن ايمان، يا جيڪِي يَهودِي ٿِيا، ۽ صابي سَڏائـِن پاڻ کي، يا مَجُوسِي، نصران، ياقادِر سان ڪَمن ۾، جي ڀيڙا ڀانئـِن ٿان، تَن وِچ ڪندو قيام ڏينهن، صفائـِي سُبحان، نِڪِي نِگھبان، هادِي هَر ڪنهن ڳالھ تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ يَسْجُدُ لَهٗ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ وَالشَّمْسُ وَالْقَمَرُ وَالنُّجُوْمُ وَالْجِبَالُ وَالشَّجَرُ وَالدَّوَاۗبُّ وَكَثِيْرٌ مِّنَ النَّاسِ ۭ وَكَثِيْرٌ حَقَّ عَلَيْهِ الْعَذَابُ ۭ وَمَنْ يُّهِنِ اللّٰهُ فَـمَا لَهٗ مِنْ مُّكْرِمٍ ۭ اِنَّ اللّٰهَ يَفْعَلُ مَا يَشَاۗءُ ڍ 18
نه ڏٺئي؟ ته ڏاتار کي، نَمن ٿا نِبار، جيڪِي اَڀن، زمين ۾، جِنسون ۽ جِنسار، سج، چنڊ، تارا، ڪتيون، پَهن، وَڻ، وڻڪار، مَال ۽ ماڻهن مَنجھان، پڻ ويتر ويرو تار، ثابت سِر گھڻن ٿيو، آتش جو آزار، ۽ تنهن کي مان، نه ڏِيندو مُورهين، جنهن کي، خدا ڪيو خوار، قادِر، ربُّ، ڪلتار، جيڪي گُھري سو ڪري.
— مولوي حاجي احمد ملاحھٰذٰنِ خَصْمٰنِ اخْتَصَمُوْا فِيْ رَبِّهِمْ ۡ فَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا قُطِّعَتْ لَهُمْ ثِيَابٌ مِّنْ نَّارٍ ۭ يُصَبُّ مِنْ فَوْقِ رُءُوْسِهِمُ الْحَمِيْمُ ۚ19
هِي ٻه، دعويدار، جن پَنهنجي پالڻهار ۾، ڌاروڌار دَڙيو، پوءِ ڪيو جن اِنڪار، وَڳا وٖيٽَبا باھِ جا، تَن لاءِ تيار، گَرم سَندنِ سِرن مَٿان، هاربو هيڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحيُصْهَرُ بِهٖ مَا فِيْ بُطُوْنِهِمْ وَالْجُلُوْدُ ۭ20
کَلون، آنڊا پيٽ ۾، تنهن سان، ٻارِين ٻِيهار،
— مولوي حاجي احمد ملاح