021 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 112 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
اِقْتَرَبَ لِلنَّاسِ حِسَابُهُمْ وَهُمْ فِيْ غَفْلَةٍ مُّعْرِضُوْنَ 1ۚ
ماڻهن کي ٿيو مُور، اوڏو حساب اُنهن جو، ۽ هُوَ غَفلت ۾ غَرقُور، مُنهن موڙِيندڙ اُن ڪنان.
— مولوي حاجي احمد ملاحمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ ذِكْرٍ مِّنْ رَّبِّهِمْ مُّحْدَثٍ اِلَّا اسْتَـمَعُوْهُ وَهُمْ يَلْعَبُوْنَ 2ۙ
نه اَچينِ سائـِين سَندنِ کان، نَئـِين پاڪ پَچار، ته نَه ٻُڌائونِس ٻِيهار، مگر رَهن راند ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَاهِيَةً قُلُوْبُهُمْ ۭ وَاَسَرُّوا النَّجْوَي ڰ الَّذِيْنَ ظَلَمُوْا ڰ هَلْ ھٰذَآ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ ۚ اَفَتَاْتُوْنَ السِّحْرَ وَاَنْتُمْ تُبْصِرُوْنَ 3
آهِن هِيان اُنهن جا، بازِيُن مَنجھ بَحال، ۽ ڳُجھيون ڳرهيون ڳالهيون، جَن جاڙون ڪيون جال، ته هِي مُرسل ناهي، مگر ماڻهوءَ پان مِثال، پوءِ اَ کـئـِين ڏِسِي اَحوال، ڪِيئَن مَڃِيندا مَنڊ کي؟
— مولوي حاجي احمد ملاحقٰلَ رَبِّيْ يَعْلَمُ الْقَوْلَ فِي السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۡ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 4
چي، ڳالهيون اُڀ، زَمين جون، سَمجهي سَندمِ سَتار، ۽ آهي اِهو اِظهار، سُڻندڙ ۽ سُڄاڻ گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحبَلْ قَالُـوْٓا اَضْغَاثُ اَحْلَامٍۢ بَلِ افْتَرٰىهُ بَلْ هُوَ شَاعِرٌ ښ فَلْيَاْتِنَا بِاٰيَةٍ كَـمَآ اُرْسِلَ الْاَوَّلُوْنَ 5
بلڪ ڀَلي باب، چيؤَن، ته خالِي خواب خيال، پاڻ اُن کي اُٽلندو، بَنائـِين بَحال، بَلڪ شاعِر آھِ هِي، ٻَڌنڌڙ بَيت بَطال، پوءِ آڻي اَسان جي، اڳيان، ڪا نِيشانِي نِهال، وِيا مُڪا جِنهن مِثال، پيغمبر پِهريان.
— مولوي حاجي احمد ملاحمَآ اٰمَنَتْ قَبْلَهُمْ مِّنْ قَرْيَةٍ اَهْلَكْنٰهَا ۚ اَفَهُمْ يُؤْمِنُوْنَ 6
اُنهن کان اڳ ڳوٺ جِنهن، آندو نَه اِيمان، ڪيوسون تِنهن تعبان، پوءِ اُهي ڪِيئن اَچن اِيمان تي؟
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَآ اَرْسَلْنَا قَبْلَكَ اِلَّا رِجَالًا نُّوْحِيْٓ اِلَيْهِمْ فَسْــَٔـلُوْٓا اَهْلَ الذِّكْرِ اِنْ كُنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ 7
۽ نه موڪلياسون مَهند تُهان، مَگر مَرد مُور، وَحِي ڪريون ٿا، تن کي، پاران پاڪ حُضور، نه پونِيان پاڻ پَرُوڙ، ته پُڇو پوءِ، پَڙهِينِ کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا جَعَلْنٰهُمْ جَسَدًا لَّا يَاْكُلُوْنَ الطَّعَامَ وَمَا كَانُوْا خٰلِدِيْنَ 8
۽ نه بنايو سونِ بُت رڳا، ته طلبِـين نه طعام، ۽ جِيئڻا نَه هُئا جھان ۾، دائـِم ۽ مُدام،
— مولوي حاجي احمد ملاحثُـمَّ صَدَقْنٰهُمُ الْوَعْدَ فَاَنْجَيْنٰهُمْ وَمَنْ نَّشَاۗءُ وَاَهْلَكْنَا الْمُسْرِفِيْنَ 9
پوءِ پُورا پاريا سون پَنهنجا، اُنهن ساڻ اَنجام، آجو ڪيوسون اُنهن کي، پڻ جي وَڻيا سون وَريام، ۽ تباھ، تَلف تمام، ڪيوسون ڪا ڍوڙن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَقَدْ اَنْزَلْنَآ اِلَيْكُمْ كِتٰبًا فِيْهِ ذِكْرُكُمْ ۭ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ ۧ10
اُتاريون سون اَوهان تي، ڪِتاب پاڪ، قُرآن، جِنهن ۾، آهي اَوهان جي، ڀَلي جو بيان، پوءِ سَندو، دل ڌِيان، عاقل! اُن کي ڇو نه ڏِيو؟
— مولوي حاجي احمد ملاحوَكَمْ قَصَمْنَا مِنْ قَرْيَةٍ كَانَتْ ظَالِمَةً وَّاَنْشَاْنَا بَعْدَهَا قَوْمًا اٰخَرِيْنَ 11
۽ گُم ڪياسون گام ڪَئـِين، جي هُئا هاڃيڪار، ۽ ٻِي ڪا قوم ٻِيهار، پيدا ڪئـِي سون، تن پُئان.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَلَمَّآ اَحَسُّوْا بَاْسَنَآ اِذَا هُمْ مِّنْهَا يَرْكُضُوْنَ ۭ12
پوءِ عذاب اَسان جو جڏهن، پروڙيون پاڻ، ته اِجھو ڀَڄن پِئااُن کان،
— مولوي حاجي احمد ملاحلَا تَرْكُضُوْا وَارْجِعُوْٓا اِلٰى مَآ اُتْرِفْتُمْ فِيْهِ وَمَسٰكِنِكُمْ لَعَلَّكُمْ تُسْــَٔـلُوْنَ 13
مَ ڀَڄو ڇَڏي پاڻ، موٽو تنهن مَتاع ڏي، جن ۾ ڪيان عيش اَڄاڻ!، ۽ موٽِي مَحل پَنهنجا، وَساريو بِه وَٿاڻ، حاضر آن کان هاڻ، وَٺبو پُڇاڻو پَڪ سان.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالُوْا يٰوَيْلَنَآ اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِيْنَ 14
چي، هَي اَسان جي حال کي!، هُئاسُون هاڃيڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَـمَا زَالَتْ تِّلْكَ دَعْوٰىهُمْ حَتّٰى جَعَلْنٰهُمْ حَصِيْدًا خٰمِدِيْنَ 15
تِيستائــِين تَن جِي، پَئـِي ٿي، اِيْءَ پڪار، تان ڪيوسون بَرقرار، ڳاهِيل اَن جِيئن، اُنهن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا خَلَقْنَا السَّمَاۗءَ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا لٰعِبِيْنَ 16
۽ اُڀ، ڀون، ڪِ جيڪِي اُنهن ۾، جوڙون ۽ جِنسار، راند نه بَناياسون،
— مولوي حاجي احمد ملاحلَـوْ اَرَدْنَآ اَنْ نَّتَّخِذَ لَهْوًا لَّاتَّخَذْنٰهُ مِنْ لَّدُنَّآ ڰ اِنْ كُنَّا فٰعِلِيْنَ 17
راند جو، جي وَرتون وِيچار، ته پِهرِين ڪيوسون، پاڻ وٽان، اُن کي اِختيار، ناهي اَسان جِي ڪار، بازيگريون بازار جون.
— مولوي حاجي احمد ملاحبَلْ نَقْذِفُ بِالْـحَقِّ عَلَي الْبَاطِلِ فَيَدْمَغُهٗ فَاِذَا هُوَ زَاهِقٌ ۭ وَلَـكُمُ الْوَيْلُ مِـمَّا تَصِفُوْنَ 18
بَلڪ سَٽيون سَچ کي، باطِل سِر بيڪار، پوءِ مَٿو ڀَڃِيسِ مُورهِين، پوءِ وَڃڻو تِنهِين وار، ۽ حيف اوهان جي هارِ، جيڪِي وَراڻيو وات سِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَ لَهٗ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَ مَنْ عِنْدَهٗ لَا يَسْـتَكْبِرُوْنَ عَنْ عِبَادَتِهٖ وَ لَا يَسْتَحْسِرُوْنَ ۚ19
۽ مِڙئـِي مِلڪ اُن جِي، اُڀ ۽ ڀون اَندر، ۽ جيڪِي آهن اُن وَٽ، حُضور ۾ حاضِر، اُن جي عِبادت کان، تِر نه ڪن تَڪبر، ۽ نه ٿَڪن ڪندي ڪِيرتون؛
— مولوي حاجي احمد ملاحيُسَبِّحُوْنَ الَّيْلَ وَالنَّهَارَ لَايَفْتُرُوْنَ 20
سانِجھي، صُبح ساجھر، وَاکاڻِين وٖيتر، سُسْت نه ٿِيَن ساراھ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاح