020 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 135 آيتون ۽ 8 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
طٰهٰ 1ۚ
طٰہٰ، جي تعريف کي، ڄاڻٖي ڄاڻڻهار،
— مولوي حاجي احمد ملاحمَآ اَنْزَلْنَا عَلَيْكَ الْقُرْاٰنَ لِتَشْقٰٓي 2ۙ
قرآن ڪرِيم تو مَٿي، نَه اُتاريوسون اِن هار، ته ڏِسِين تو ڏُک ڏاکڙا،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِلَّا تَذْكِرَةً لِّمَنْ يَّخْشٰى 3ۙ
مگر سارِ سَنڀار، خاطِر تِنهن، جو خوف رَکي،
— مولوي حاجي احمد ملاحتَنْزِيْلًا مِّمَّنْ خَلَقَ الْاَرْضَ وَالسَّمٰوٰتِ الْعُلٰى 4ۭ
پڻ اُتارا اَطهار، اُن کان، جِنهن اِظهار، ڀُون ۽ اُتُم اُڀ جوڙيا.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلرَّحْمَنُ عَلَي الْعَرْشِ اسْتَوٰى 5
ڪُرسِئَ تي قَراريو، ڏٖيهَنِ جو ڏاتار،
— مولوي حاجي احمد ملاحلَهٗ مَا فِي السَّمٰوٰتِ وَمَا فِي الْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَمَا تَـحْتَ الثَّرٰى 6
اُڀ، ڀون ڪِ جيڪي، اُنهن ۾، ۽ تان تَحت ثرٰى تِنهن هارِ،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنْ تَجْــهَرْ بِالْقَوْلِ فَاِنَّهٗ يَعْلَمُ السِّرَّ وَاَخْفٰي 7
۽ وَڻِي وڏو ڳالهاء ڪرِين، پوءِ سَمجھي، سو ستار، اُونها سَڀ اَسرار، يا ڇِپُنِ هيٺ، ڇِپِيل ڪي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۭ لَهُ الْاَسْمَاۗءُ الْحُسْنٰى 8
اَلله جَلَّ جَلالہٗ، ڌَڻِي نَڪو جِنهن ڌار، مِٺا۽ موچار، سَڀ آهِن نالا اُن جا.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ مُوْسٰى 9ۘ
ڇا توکي ڪو آيو، مُوسٰى جو مَذڪُور؟
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذْ رَاٰ نَارًا فَقَالَ لِاَهْلِهِ امْكُـثُوْٓا اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا لَّعَلِّيْٓ اٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِقَبَسٍ اَوْ اَجِدُ عَلَي النَّارِ هُدًى 10
جڏهن ڏِٺائـِين باھ کي، چَيو حَرمسِ کي حُضُور، اَوِهين تَرسو اِتهِين، مُون باھِ ڌِٺِي ڪا ڏُور، آڻيان اَوهان لئي اُن مان، ذَرا چِڻنگ ضَرُور يا ماڻيان مَچ تان مُور، ڪو ڏَسِ پَنهنجي ڏيہ جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَلَمَّآ اَتٰىهَا نُوْدِيَ يٰمُوْسٰى ۭ11
پوءِ جڏهن اُن وٽ آئيو، ٿِئـِس اُت اِلهام، ته مُوسٰى!
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنِّىْٓ اَنَا رَبُّكَ فَاخْلَعْ نَعْلَيْكَ ۚ اِنَّكَ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى ۭ12
آئون تُنهنجو، آگو رَبُّ عَلّام، پوءِ لاھِ جُتِي، تون آهِين، مَنجھ مُوچاري مَقام، وادِي پاڪ طُوٰى ۾؛
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَنَا اخْتَرْتُكَ فَاسْتَمِعْ لِمَا يُوْحٰى 13
۽ توکي ڌُوَمِ دَوام، ٻُڌ پوءِ وَحِي وَريام!، جو ڪامِل! توڏي، ڪَيو وَڃي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّنِيْٓ اَنَا اللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّآ اَنَا فَاعْبُدْنِيْ ۙ وَاَ قِمِ الصَّلٰوةَ لِذِكْرِيْ 14
ته آئون اَلله آهِيان، ٻِيو ڌَڻِي نَه، مون کان ڌار، پوءِ شيوا ڪَر مون سَندِي، پڻ سندم سارَڻ هارِ، قائـِم بَرقرار، نَبِي! رَک نِماز کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ السَّاعَةَ اٰتِيَةٌ اَكَادُ اُخْفِيْهَا لِتُجْزٰى كُلُّ نَفْسٍۢ بِـمَا تَسْعٰي 15
آهي اَچڻِي وار، هِن لئي رَکانِس راز ۾. تان پُورور ڏِجي پَار، جيڪِي جِنهن ڪَمايو.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَلَا يَصُدَّنَّكَ عَنْهَا مَنْ لَّا يُؤْمِنُ بِهَا وَاتَّبَعَ هَوٰىهُ فَتَرْدٰى 16
بِلڪُل نه ڪَرِئي بَند، جو نه مَڃيسِ مُورهِين، ۽ سَندسِ سَکِــڻِي سَڌ پُٺيان، رِڙِهي چَڙهيو رَند، پوءِ هَلِي ڪِنهن هَنڌ، اُٿلِي ڪِرِين اُهڏ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا تِلْكَ بِيَمِيْنِكَ يٰمُوْسٰى ١7
۽ ڇا مُوسى! تُنهن جي سَڄئَ ۾؟
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ هِىَ عَصَايَ ۚ اَتَـوَكَّؤُا عَلَيْهَا وَاَهُشُّ بِهَا عَلٰي غَنَمِيْ وَلِيَ فِيْهَا مَاٰرِبُ اُخْرٰى 18
چي وانجَھڻ سَندمِ وَڻ، ٽيڪ ڏِيان ٿو جنهن مَٿي، ۽ دُهريان ساڻسِ ڌَڻ، مُون لئي مَنجھسِ ٻِئا پڻ، ڪَئين ڪَم آهِن ڪيترا.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ اَلْقِهَا يٰمُوْسٰى 19
چي، اُڇل مُوسٰى! اُن کي،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاَلْقٰىهَا فَاِذَا هِىَ حَيَّةٌ تَسْعٰي 20
پوءِ اُڇلئـِين ته اِجها، سا، بَنِي بَلاڪا، پيئـِي ڊوڙٖي پَٽ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاح