002 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 286 آيتون ۽ 40 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
الۗمّۗ 1ۚ
الٓمّٓ جِي، پرور کي پَروڙ،
— مولوي حاجي احمد ملاحذٰلِكَ الْكِتٰبُ لَا رَيْبَ ٻ فِيْهِ ڔ ھُدًى لِّلْمُتَّقِيْنَ 2ۙ
ليک اهوئي لوڪ ۾، منجھس شڪ نه مور،
— مولوي حاجي احمد ملاحالَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِالْغَيْبِ وَ يُـقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ مِـمَّا رَزَقْنٰھُمْ يُنْفِقُوْنَ 3ۙ
ڪارڻ ڪِرياتن جي، هدايت حضور، جي پر پٺ مڃين، ۽ پوريون پڙهن نمازون نور، ۽ تنهن زر مان ڏينِ ضرور، جو ڏات ڏنوسون انهن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَ الَّذِيْنَ يُؤْمِنُوْنَ بِـمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ وَمَآ اُنْزِلَ مِنْ قَبْلِكَ ۚ وَبِالْاٰخِرَةِ ھُمْ يُوْقِنُوْنَ 4ۭ
۽ جي مِڙئي مڃينِ، جو توئي اُتاريوسون، ڪِ تُوهان اڳ، پڪ رکن پر لوڪ جِي، جو اڃا اڳي جَڳ.
— مولوي حاجي احمد ملاحاُولٰۗىِٕكَ عَلٰي ھُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْ ۤ وَاُولٰۗىِٕكَ ھُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 5
اهي سندن سائين کان، مٿي سئين دڳ، ۽ اهي سوڀون سوين لڳ، ماڻڻ وارا مورهين.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا سَوَاۗءٌ عَلَيْهِمْ ءَاَنْذَرْتَھُمْ اَمْ لَمْ تُنْذِرْھُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 6
جي ڦريا کون فرمان، ساڳي آهي اُنهن مٿي، ته ڏيـينِ، توڻي نه ڏيينِ، ڪو خوف اُنهن کي خان! نه آڻيندا ايمان،
— مولوي حاجي احمد ملاحخَتَمَ اللّٰهُ عَلٰي قُلُوْبِهِمْ وَعَلٰي سَـمْعِهِمْ ۭ وَعَلٰٓي اَبْصَارِهِمْ غِشَاوَةٌ وَّلَھُمْ عَذَابٌ عَظِيْمٌ 7ۧ
سِيل سندن، سِيل ڪيا، هَئين مُهر منان. ۽ اٿن ڪنن ۽ اکين تي، پردا ڪي پنهان، ۽ ڀنڀٽ بي گمان، آهي وڏو ڪو اُنهن لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَّقُوْلُ اٰمَنَّا بِاللّٰهِ وَبِالْيَوْمِ الْاٰخِرِ وَمَا ھُمْ بِـمُؤْمِنِيْنَ 8ۘ
۽ ڪي ماڻهون چون، ته مڃيون سون صاحب رب ستار، پڻ آخر، اُهکي وار، ۽ اُهي مؤمن ناهنِ مورهين.
— مولوي حاجي احمد ملاحيُـخٰدِعُوْنَ اللّٰهَ وَالَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ۚ وَمَا يَـخْدَعُوْنَ اِلَّآ اَنْفُسَھُمْ وَمَا يَشْعُرُوْنَ 9ۭ
ڌوڪو ڏينِ ڌڻئ کي ۽ ٻيو آندو جن ايمان، ۽ نه ٺڳـينِ، مگر پاڻ کي، ٻِي ڪُپت هلندينِ ڪانه، ۽ نـتيجو نڌان، مورک نه سمجھن مورهين.
— مولوي حاجي احمد ملاحفِىْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ ۙ فَزَادَھُمُ اللّٰهُ مَرَضًا ۚ وَلَھُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌۢ ڏ بِـمَا كَانُوْا يَكْذِبُوْنَ 10
روڳ جن جي رڳن ۾، پوءِروڳ وَڌاينِ رب، ڪن ڪوڙ،تنهن سبب، اُنهن لئي، سخت عذاب ڪو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ لَا تُفْسِدُوْا فِى الْاَ رْضِ ۙ قَالُوْٓا اِنَّـمَا نَـحْنُ مُصْلِحُوْنَ 11
۽ چئجينِ جڏهن ته، زمين ۾، وجھو ڪين وڳوڙ، چي، اسين ته صفا صلح جا، طالب آهيون توڙ،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ الْمُفْسِدُوْنَ وَلٰكِنْ لَّا يَشْعُرُوْنَ 12
سمجھ، سيئي ڦيٽوڙ، پر نه پڙوينِ ڳالهيون.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَا قِيْلَ لَھُمْ اٰمِنُوْا كَـمَآ اٰمَنَ النَّاسُ قَالُوْٓا اَنُؤْمِنُ كَـمَآ اٰمَنَ السُّفَهَاۗءُ ۭ اَلَآ اِنَّھُمْ ھُمُ السُّفَهَاۗءُ وَلٰكِنْ لَّا يَعْلَمُوْنَ 13
۽ چئجينِ جڏهن ته، مڃيو، جيئن ماڻهن مڃيو مور، چي، اسين مڃيون ڪيئن اُنهن جيئن، جي ڀورا بي شعور، پاڳل اِهي پروڙ، سچ پچ، سوچينِ ڪين ڪي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَا لَقُوا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا قَالُوْٓا اٰمَنَّا ښ وَاِذَا خَلَوْا اِلٰى شَيٰطِيْنِهِمْ ۙ قَالُوْٓا اِنَّا مَعَكُمْ ۙ اِنَّـمَا نَـحْنُ مُسْتَهْزِءُوْنَ 14
۽ جڏهن گَڏيا اُنهن کي، آندو جن ايمان، چي، آيا سون ايمان ۾، آهيون مُسلمان، ۽ جڏهن سَندنِ شيطانن سان، مِليا خُلاصا خان، چي، اسِين اوهان سان آهيون، ميڙِهي مهربان، آهيون اَسان، تن عيان، ٺلهيون ڪندڙ ٺٺوليون.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَللّٰهُ يَسْتَهْزِئُ بِـهِمْ وَيَـمُدُّھُمْ فِىْ طُغْيَانِهِمْ يَعْمَھُوْنَ 15
ڏاتر سِگھو ڏينِ، ڀوڳ اُنهِئ کِل ڀوڳ جو، ۽ اِن لـئي ڇَيڪ ڇَڏينِ، پِيا منجھن، سندن مُنجھ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحاُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ اشْتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالْهُدٰى ۠ فَـمَا رَبِـحَتْ تِّـجَارَتُھُمْ وَمَا كَانُوْا مُهْتَدِيْنَ 16
اُنهن سوديو، سُونهپ تي، مونجھاري جو مال، پوءِ سَندنِ سودي، سُود ڪو، بخشيَنِ ڪِين بحال، ۽ ڪينهن، سي ڪُلال، روڻـا وَهِين واٽ تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحمَثَلُھُمْ كَـمَثَلِ الَّذِى اسْـتَوْقَدَ نَارًا ۚ فَلَمَّآ اَضَاۗءَتْ مَا حَوْلَهٗ ذَھَبَ اللّٰهُ بِنُوْرِهِمْ وَتَرَكَھُمْ فِىْ ظُلُمٰتٍ لَّا يُبْصِرُوْنَ 17
حال اُنهن جو، اُن جِيئن، ته ٻارئـِين باه ٻيهار، پوءِ چِمڪِي جڏهن چوڌار، ته سائـِين نِيَنِ سوجھرو. ۽ ڇڏينِ اُونداهين ۾، ڪجھ ڪِين ڏِسنِ،
— مولوي حاجي احمد ملاحۻ بُكْمٌ عُـمْىٌ فَھُمْ لَا يَرْجِعُوْنَ ۙ18
ٻوڙا ٻُڌن ڪِينڪِي، گـنگا ڪِين ڪُڇنِ، اَنڌا کان اکينِ، پوءِ ڪِيئن وَرنِ، سي واٽ تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَوْ كَصَيِّبٍ مِّنَ السَّمَاۗءِ فِيْهِ ظُلُمٰتٌ وَّرَعْدٌ وَّبَرْقٌ ۚ يَـجْعَلُوْنَ اَصَابِعَھُمْ فِىْٓ اٰذَانِهِمْ مِّنَ الصَّوَاعِقِ حَذَرَ الْمَوْتِ ۭ وَاللّٰهُ مُـحِيْطٌۢ بِالْكٰفِرِيْنَ 19
يا اُڀ کان، مثال مِينهن جي، جنھن ۾ وِڄ، ڪڙڪو، ڪار، ڪَنن سَندنِ ۾ آڱريون، ڪَن پئا ڪڙڪي هار، خاص مرڻ جي خوف کان؛ ۽ صاحب رب ستار، چوڪِي آھ چوڌار، ڪُوڙن ڪافرن تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحيَكَادُ الْبَرْقُ يَـخْطَفُ اَبْصَارَھُمْ ۭ كُلَّمَآ اَضَاۗءَ لَھُمْ مَّشَوْا فِيْهِ ڎ وَاِذَآ اَظْلَمَ عَلَيْهِمْ قَامُوْا ۭ وَلَوْ شَاۗءَ اللّٰهُ لَذَھَبَ بِسَمْعِهِمْ وَاَبْصَارِهِمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَىْءٍ قَدِيْرٌ ۧ20
وِڄ اکيون اُنهن جون، جھٽي، ڏيِئي جَھلڪار، چَليا سَندسِ چِمڪار تي، وَرِي جھڙي وار، ۽ اُڀا جڏهن اُونداھ ٿي؛ گُھريو هُوند غفار، ڪن ۽ اکيون اُنهن جون، نيائـِين نبار، صاحب ربُّ، ستار، قادر، هرڪم ڪارتي.
— مولوي حاجي احمد ملاح