019 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 98 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
كۗهٰيٰعۗصۗ ڗ 1
ڪٓهٰيٰـــعٓصٓ جِي، پَرور کي پَروڙ،
— مولوي حاجي احمد ملاحذِكْرُ رَحْمَتِ رَبِّكَ عَبْدَهٗ زَكَرِيَّا ڻ 2
تُنهنجي ربَّ جِي رَحمت جو، ذِڪر آھ ضَرُور، ٻانهِي سَندسِ زَڪَرِيّاتي، مِهر جو مَذڪُور،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذْ نَادٰى رَبَّهٗ نِدَاۗءً خَفِيًّا 3
جڏهن سائـِين سَندسِ کي، سَڏئـِين، سَڏڻ مَخفِي مُور،
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ رَبِّ اِنِّىْ وَهَنَ الْعَظْمُ مِنِّيْ وَاشْتَعَلَ الرَّاْسُ شَيْبًا وَّلَمْ اَكُنْۢ بِدُعَاۗىِٕكَ رَبِّ شَقِيًّا 4
سانيمِ! مُنهنجا سُست ٿيا، هَڏ گُڏ پاڪ حُضور،! ۽ مَٿو اَڇو ٿِيو مُورهِين، ڪَنان پِيرِئَ پُور، توکان گُھرڻ مَنجھ، غَفُور!، نا اُميد اَصل نه آهيان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنِّىْ خِفْتُ الْمَوَالِيَ مِنْ وَّرَاۗءِيْ وَكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا فَهَبْ لِيْ مِنْ لَّدُنْكَ وَلِيًّا 5ۙ
۽ ڊِنسِ پَنهنجن کان، مُون پُٺيان، ۽ سَنڍسَنديمِ زال، پوءِ وِيا وارث، پاڻ وَٽان، بَخشِينمِ ڪو بَحال،
— مولوي حاجي احمد ملاحيَّرِثُنِيْ وَيَرِثُ مِنْ اٰلِ يَعْقُوْبَ ڰ وَاجْعَلْهُ رَبِّ رَضِيًّا 6
والِي وارث مون ٿئي، پڻ يَعقوب سندٖي آل، راضِي رَضا نال، ڪر مُنحنجا مولا! اُن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰزَكَرِيَّآ اِنَّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمِ ۨاسْمُهٗ يَحْــيٰى ۙ لَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ مِنْ قَبْلُ سَمِيًّا 7
اي زڪريا! توکي ٿا ڏيون، واڌيون وَريام! پاڪِيزٖي پُٽ جون، يَحيٰى جِنهن جو نام، ڪيوسون نه مَهند مُدام، ڪو نالي ڀائـِي اُن جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ رَبِّ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا وَّقَدْ بَلَغْتُ مِنَ الْكِبَرِ عِتِيًّا 8
چي، پَرور! پُٽ ٿِئيمِ ڪِيئن، عورت مون اَوِيار، ۽ جُھورپ کي جَبَّار!، پُهتسِ پَڪ پِيرِي ڪنان.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ كَذٰلِكَ ۚ قَالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَيَّ هَيِّنٌ وَّقَدْ خَلَقْتُكَ مِنْ قَبْلُ وَلَمْ تَكُ شَـيْـــــًٔـا 9
چي، اَٿِئي اِهڙي طور سائـِين سَندئـِي فَرمائـِيو، مون تي اِهو آسان گھڻو، ۽ توکي اَڳ اَتور!، مَرد بَنايمِ مور، ۽ ڪاشئ هُئـِين ڪِين تون.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ رَبِّ اجْعَلْ لِّيْٓ اٰيَةً ۭ قَالَ اٰيَتُكَ اَلَّا تُكَلِّمَ النَّاسَ ثَلٰثَ لَيَالٍ سَوِيًّا ١0
چي، سانيمِ!، سَندمِ لئي، ڪرتون، ڪو انهِئ جو اُهڃاڻ، چي، آهي اُهڃ تِنهنجو ته، مُرسل! ماڻهنِ ساڻ، ڪُڇِي نه سَگھندِين پاڻ، پُورا ٽي ڏِينهن، راتيون.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَخَرَجَ عَلٰي قَوْمِهٖ مِنَ الْمِحْرَابِ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ اَنْ سَبِّحُوْا بُكْرَةً وَّعَشِـيًّا 11
پوءِ نِڪتو سَندسِ نات تي، مَنجھان مِحراب، موچارو، ڪَئـِين اُنهن کي اِشارو، ته سَنجھي، صُبح ساراهِيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيٰــيَحْـيٰى خُذِ الْكِتٰبَ بِقُوَّةٍ ۭ وَاٰتَيْنٰهُ الْحُكْمَ صَبِيًّا ۙ12
يَحيٰى! پُوري زور سان، پَڪڙيا پاڪ ڪِتاب، ۽ نَوازيو سونسِ نَنڍڙي، سَڀڪا سُڌ ثواب،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّحَنَانًا مِّنْ لَّدُنَّا وَزَكٰوةً ۭ وَكَانَ تَقِيًّا ۙ13
ٻِي پڻ ٻاجھ پاڻ وَٽان، نِرملائـِي نواب، ۽ ڀَلو هَر ڪِنهن باب، پُورو پَرهيزگار هو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّځ ابِوَالِدَيْهِ وَلَمْ يَكُنْ جَبَّارًا عَصِيًّا ١4
۽ موچارو مُدام، پنهنجي ماءُ پِئَ سان، نه اَرڏو ۽ اَروجھ هو،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَسَلٰمٌ عَلَيْهِ يَوْمَ وُلِدَ وَيَوْمَ يَمُوْتُ وَيَوْمَ يُـبْعَثُ حَيًّا ۧ15
سَدا مٿسِ سَلام، جنهن ڏِينهن ڄائو ڄام، سو پڻ، وِصال ڪندو وَريام، پڻ مُئو، ۽ مَنجھان مُقام، جيئَرو جڏهن اُٿاربو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاذْكُرْ فِى الْكِتٰبِ مَرْيَـمَ ۘاِذِ انْتَبَذَتْ مِنْ اَهْلِهَا مَكَانًا شَرْقِيًّا ۙ16
۽ مَريم جو مَذڪُور، ڪَر ياد ڪِتاب مان، اوڀر سَندسِ اَهل کان، جڏهن نِڪتِي بِي بِي نُور،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاتَّخَذَتْ مِنْ دُوْنِهِمْ حِجَابًا ڨ فَاَرْسَلْنَآ اِلَيْهَا رُوْحَنَا فَتَمَثَّلَ لَهَا بَشَرًا سَوِيًّا 17
پوءِ پَردو ۽ پُور، ڪو آڏو وَرتئـِين اُنهن ڪَنان. پوءِ موڪليوسون مَلڪ، پَنهنجو اُنهِئَ پار، پوءِ هِڪدم ٿِيو اُن اهارِ، ماڻهؤَ جي مِثال ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَتْ اِنِّىْٓ اَعُوْذُ بِالرَّحْمٰنِ مِنْكَ اِنْ كُنْتَ تَقِيًّا 18
چيائين، ته آئين تو ڪنان، ٿِي پَوان، سانيمِ جي سام، توڻِي نيڪو نام، هُجِين پوتي پاڪَ تون.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ اِنَّـمَآ اَنَا رَسُوْلُ رَبِّكِ ڰ لِاَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا 19
چي، آئون رُڳو، تُنهنجي، رَبَّ جو ريٻارو، تان نينگر موچارو، بِيبِي توکي بَخشيان.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَتْ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّلَمْ يَمْسَسْنِيْ بَشَرٌ وَّلَمْ اَكُ بَغِيًّا 20
چيائين، ته ڪِهڙي چال، مُون کي پُٽ پيدا ٿِئي؟ ۽ مون کي نه ڇُو تو مُورهِين، ڪِنهن بَني بشر بَحال، ۽ نه آئون زانياڻِي زال، اَصل ڪنان آهيان.
— مولوي حاجي احمد ملاح