018 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 110 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ عَلٰي عَبْدِهِ الْكِتٰبَ وَلَمْ يَجْعَلْ لَّهٗ عِوَجًا ڸ 1
آهي، تنهن الله جو، حَمد بي حساب، جنهن سَندسِ خادِم خاص تي، نازل ڪيو ڪتاب، ۽ ڏِنگ نه رکيا اُن ۾،
— مولوي حاجي احمد ملاحقَـيِّمًا لِّيُنْذِرَ بَاْسًا شَدِيْدًا مِّنْ لَّدُنْهُ وَيُبَشِّرَ الْمُؤْمِنِيْنَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ اَجْرًا حَسَـنًا 2ۙ
سِڌو برصَواب، تان خوف خدا ڏي، پاڻ وٽان، سَندو سخت عذاب، پڻ ڏي مبارڪ مُؤمنِين، جي نيڪيون ڪن نواب، اَوس آهي، اُنهن لئي، سُهڻو صاف ثواب،
— مولوي حاجي احمد ملاحمَّاكِثِيْنَ فِيْهِ اَبَدًا 3ۙ
عِزت ساڻ آب، سَدا ساڪِن اُن ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّيُنْذِرَ الَّذِيْنَ قَالُوا اتَّخَذَ اللّٰهُ وَلَدًا 4ۤ
پڻ ڀَو ڏِيارِ باھ جو، تن مُورکن کي مُور، جن چيو، ته پُٽ ٺَهرايو، پَرور پاڪ حُضور،
— مولوي حاجي احمد ملاحمَا لَهُمْ بِهٖ مِنْ عِلْمٍ وَّلَا لِاٰبَاۗىِٕهِمْ ۭ كَبُرَتْ كَلِمَةً تَخْرُجُ مِنْ اَفْوَاهِهِمْ ۭ اِنْ يَّقُوْلُوْنَ اِلَّا كَذِبًا 5
جِنهن جو عِلم نه اُنهن کي، نه پِڻنِ کي پَرُوڙ، جاوائـِي نِڱينِ وات مان، ساوڏِي زور ضرور، بناڪُوڙ فُتور، ٻيو ٻولِين ڪِين ٿا.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ عَلٰٓي اٰثَارِهِمْ اِنْ لَّمْ يُؤْمِنُوْا بِهٰذَا الْحَدِيْثِ اَسَفًا 6
ڪَر پَساه ڏِيندڙ، تن پُٺيان، تون آهِين، کان اَرمان، ته آندائون نه اِيمان، هرگز هِهڙِيءَ ڳالھ تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّا جَعَلْنَا مَا عَلَي الْاَرْضِ زِيْنَةً لَّهَا لِنَبْلُوَهُمْ اَيُّهُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا 7
جيڪِي آهي زمين تي، سو ڪيوسون سَندسِ سِينگار، اَوس اُنهن کي اسِين، آزمايون اِظهار، ته آهي اِنهن مان ڪِهڙو، نِرمل نيڪوڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنَّا لَجٰعِلُوْنَ مَا عَلَيْهَا صَعِيْدًا جُرُزًا 8ۭ
۽ جيڪي آهن اُن مٿي، جوڙون ۽ جِنسار، اَسِين آخِرڪار، اَوَسَر ڪندڙ اُن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَمْ حَسِبْتَ اَنَّ اَصْحٰبَ الْكَهْفِ وَالرَّقِيْمِ ۙ كَانُوْا مِنْ اٰيٰتِنَا عَجَبًا 9
اسان جي آيتن مان، ڪِ ڳڻيئـِي ڳَرِي ڳالھ؟ قِصو ڪَهف ڌَڻين جو، ۽ جي لکيل آهن لال، نال بِنال نِهال، قابو ڪِنهن ڪتاب ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذْ اَوَى الْفِتْيَةُ اِلَى الْكَهْفِ فَقَالُوْا رَبَّنَآ اٰتِنَا مِنْ لَّدُنْكَ رَحْـمَةً وَّهَيِّئْ لَنَا مِنْ اَمْرِنَا رَشَدًا 10
جڏهن جوانن چُرکي، ڪيو اَجھو ۽ آستان، چي سانيمِ سَچا!، پاڻ وٽان، ڪر اسان تي اِحسان، پڻ اَسان تي آسان، ڪر اَسان جي ڪم کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَضَرَبْنَا عَلٰٓي اٰذَانِهِمْ فِي الْكَهْفِ سِنِيْنَ عَدَدًا ۙ11
پوءِ سوگھا ڪياسون ڪَن سَندنِ، سارڻ کان، ڪي سال،
— مولوي حاجي احمد ملاحثُـمَّ بَعَثْنٰهُمْ لِنَعْلَمَ اَيُّ الْحِزْبَيْنِ اَحْصٰى لِمَا لَبِثُوْٓا اَمَدًا ۧ12
وَرِي اُٿاريوسون اُنهن کي، ته سَمجھون هِيء سُوال، ته ٻن ٻاريُنِ مان – ڪِهڙِيء، پورِي ڳڻِي ڳالھ، ته چُر ۾، اِهڙي چال، گھڻِي دير گھاريئون.
— مولوي حاجي احمد ملاحنَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ نَبَاَهُمْ بِالْـحَقِّ ۭ اِنَّهُمْ فِتْيَةٌ اٰمَنُوْا بِرَبِّهِمْ وَزِدْنٰهُمْ هُدًى ڰ 13
اِسين توکي اُنهن جو، بَرحق ڏِيون بَيان، جن مڃيو مالڪ پَنهنجو، هي سي جُنگ جُوان، ۽ گھڻِي بي گمان، ڪئـِي سون هِدايت اُنهن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّرَبَطْنَا عَلٰي قُلُوْبِهِمْ اِذْ قَامُوْا فَقَالُوْا رَبُّنَا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَنْ نَّدْعُوَا۟ مِنْ دُوْنِهٖٓ اِلٰـهًا لَّقَدْ قُلْنَآ اِذًا شَطَطًا 14
۽ ڪياسون قلب اُنهن جا، قوِي برقرار، جڏهن کڙاٿيا خيرسان، ته ٻوليائون ٻِيهار، ته آگو اُڀن ۽ ڀونءَ جو، آگو اَسان هارِ، اَسِين نه اَوس ڪوٺيون، ڪو ڌڻِي اِنهيان ڌار، تڏهن ته ڪَر تڪرار، آکيون سون، ڪي آکلون.
— مولوي حاجي احمد ملاحهٰٓؤُلَاۗءِ قَوْمُنَا اتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اٰلِهَةً ۭ لَوْلَا يَاْتُوْنَ عَلَيْهِمْ بِسُلْطٰنٍۢ بَيِّنٍ ۭ فَـمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا ۭ15
هِن قوم اَسان جي، ڪيترا ٺاهيا ڌڻي، تِنهن ڌار، پوءِ ڇو نه صفاثابتِي، آڻينِ مَٿنِ اِظهار، پوءِ آهي ڪير اُن سوا، جَبرو جَفاڪار، ته هَٿراڌو هَزار، ٻَڌئـِين ڪُوڙ ڪرِيم تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذِ اعْتَزَلْتُمُوْهُمْ وَمَا يَعْبُدُوْنَ اِلَّا اللّٰهَ فَاْوٗا ٓ اِلَى الْكَهْفِ يَنْشُرْ لَكُمْ رَبُّكُمْ مِّنْ رَّحْمَتِهٖ وَيُهَــيِّئْ لَكُمْ مِّنْ اَمْرِكُمْ مِّرْفَقًا 16
۽ جڏهين اوهين ٿِيا اُنهن کان، ڪَنڌِيءَ ڀَر ڪنار، پڻ تن کان، جاٽون جن جون، ڪن ڌَڻِيءَ کان ڌار، پوءِ جَھليو جُھر جَبل جِي، ته اَهنجو پالڻهار، ٻاجھ پکيڙي پَنهنجِي، آن تي، ۽ اَوهان هار، سَڀ ڪُجھ سَهنج ستار، ڪري اوهان جي ڪم ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَتَرَى الشَّمْسَ اِذَا طَلَعَتْ تَّزٰوَرُ عَنْ كَهْفِهِمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَاِذَا غَرَبَتْ تَّقْرِضُهُمْ ذَاتَ الشِّمَالِ وَهُمْ فِيْ فَجْــوَةٍ مِّنْهُ ۭ ذٰلِكَ مِنْ اٰيٰتِ اللّٰهِ ۭ مَنْ يَّهْدِ اللّٰهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِ ۚ وَمَنْ يُّضْلِلْ فَلَنْ تَـجِدَ لَهٗ وَلِيًّا مُّرْشِدًا ۧ17
۽ ڏِسندِين ته جڏهن سِج اُڀريو، ته سڄي پاسِئاغار، لَڙيو ۽ لَٿو جڏهن، ته لنگھيو لائـِين پار، ۽ اِهي سَندسِ اِيوانَ ۾، تَرسيل هُئا تڪرار، آيتن مان الله جي، اِيء نشانِي نِبار، سوئـِي سَئون، جنهن کي، سَنئـِين سُهائي ستار، ۽ ڀاڻا ڀُلائي جنهن کي، ڀُليل سو بَدڪار، نه مُرشد، نه مَددگار، لَهندِين اُن لئي لوڪ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَتَحْسَبُهُمْ اَيْقَاظًا وَّهُمْ رُقُوْدٌ ڰ وَّنُقَلِّبُهُمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَذَاتَ الشِّمَالِ ڰ وَكَلْبُهُمْ بَاسِطٌ ذِرَاعَيْهِ بِالْوَصِيْدِ ۭ لَوِ اطَّلَعْتَ عَلَيْهِمْ لَوَلَّيْتَ مِنْهُمْ فِرَارًا وَّلَمُلِئْتَ مِنْهُمْ رُعْبًا 18
۽ ڀائـِيندِين بيدار، ۽ هوسُتل سَتن نِنڊن ۾، ۽ اسين اُٿلايونِ پِيا، ساڄي، کاٻي پار، ۽ ڪُتو، ڪَرايو اُن جون کولِيل کَڙھ تي غار، جي اُڀرِين مَٿنِ اوچتو، ته وَرِين تِنهِين وار،ڀَڄڻ لئي بيزار، ۽ ڀَرجِين ڀَومان، تن ڀَران.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَكَذٰلِكَ بَعَثْنٰهُمْ لِيَتَسَاۗءَلُوْا بَيْنَهُمْ ۭ قَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ كَمْ لَبِثْتُمْ ۭ قَالُوْا لَبِثْنَا يَوْمًا اَوْ بَعْضَ يَوْمٍ ۭ قَالُوْا رَبُّكُمْ اَعْلَمُ بِـمَا لَبِثْتُمْ ۭ فَابْعَثُوْٓا اَحَدَكُمْ بِوَرِقِكُمْ هٰذِهٖٓ اِلَى الْمَدِيْنَةِ فَلْيَنْظُرْ اَيُّهَآ اَزْكٰى طَعَامًا فَلْيَاْتِكُمْ بِرِزْقٍ مِّنْهُ وَلْيَتَلَطَّفْ وَلَا يُشْعِرَنَّ بِكُمْ اَحَدًا 19
۽ اَسان اِهڙِي چال، اُٿاريوسون اُنهن کي، ته پُڇن حقِيقت حال، هِڪ ٻئي کان، هتي رهڻ جِي.ڪنهن چوندڙ، چيو اُنهن مان ته هِت گھاريان گھڻِي دير؟ چي، ڀانيو ٿا ڀلير!، ڏِينهن، ڪِ بَخرو ڏينهن جو. چيائون، ته آهي اَوهان جو، سائـِين سَمجھدار، ته وَرھ رَهيا، يا وار، غازي! اَوهين هِن غار ۾. چي، اُٿيارِيو پاڻ مان، هِن پنهنجي نوٽن نال، هِڪڙو هِن شهر ڏي، ته جانچي چَڱِيءَ چال، پوءِ آڻي اَوهان لئي طعام مان، جو بهتر هُجي بحال، ۽ نِرمِي ڪري نِهال ۽ پنهنجو حال نه ڏي، ڪِنهن هِڪڙي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّهُمْ اِنْ يَّظْهَرُوْا عَلَيْكُمْ يَرْجُمُوْكُمْ اَوْ يُعِيْدُوْكُمْ فِيْ مِلَّتِهِمْ وَلَنْ تُفْلِحُوْٓا اِذًا اَبَدًا 20
جي آگاه اوهان تي، سي ٿيا، ته صَحِيح ڪندان سنگسار، يا موٽائينِ، سَندنِ مذهب تي، توهان کي تڪرار، ۽ اَوهين اُنهِيء وار، سَدا نه ماڻيو سوڀ ڪا.
— مولوي حاجي احمد ملاح