017 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
سُـبْحٰنَ الَّذِيْٓ اَسْرٰى بِعَبْدِهٖ لَيْلًا مِّنَ الْمَسْجِدِ الْـحَرَامِ اِلَى الْمَسْجِدِ الْاَقْصَا الَّذِيْ بٰرَكْنَا حَوْلَهٗ لِنُرِيَهٗ مِنْ اٰيٰتِنَا ۭ اِنَّهٗ هُوَ السَّمِيْعُ الْبَصِيْرُ 1
پَڪ پاڪائـِي اُن کي، جِنهن ٻانَهسِ کي ٻِيهار، سير سَڳورِئَ رات ۾، ڪَرايسِ ڪَلتار، مَڪي جِي مَسجِد کان، مَسجِد مُقَدِّس پار، بيشڪ پَکيڙيون سون برڪتون، جِنهن کي چَمن چوڌار، تان پَسايونسِ پانهنجِيون، نِشانيون نِروار، سُڻندڙ، سوسَتّار، ۽ سوئـِي ڏِسندڙ ڏيھ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاٰتَيْنَا مُوْسَي الْكِتٰبَ وَجَعَلْنٰهُ هُدًى لِّبَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ اَلَّا تَتَّخِذُوْا مِنْ دُوْنِيْ وَكِيْلًا 2ۭ
۽ ڏِنو سون مُوسٰى مِهتر کي، ڪرم ساڻ ڪِتاب، ۽ ڪيوسونسِ، بَنِي اِسرائيل لئي، سُونهون بَرصَواب، ته وَڪِيل، وَسِيلو مون سوا، نه بنايو ڪنهن باب،
— مولوي حاجي احمد ملاحذُرِّيَّــةَ مَنْ حَمَلْنَا مَعَ نُوْحٍ ۭ اِنَّهٗ كَانَ عَبْدًا شَكُوْرًا 3
اُنهن جي، اولاد مان، جي سوڙِهي مَنجھ سَيلاب، چاڙِهياسُون چوڏول ۾، نُوح ساڻ، نَواب، پَڪ سوپاڪ جَناب، هو گولو، گُن مُوک گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَضَيْنَآ اِلٰى بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ فِي الْكِتٰبِ لَتُفْسِدُنَّ فِي الْاَرْضِ مَرَّتَيْنِ وَلَتَعْلُنَّ عُلُوًّا كَبِيْرًا 4
ڪِئي سون بَنِي اِسرائيل لئي، قَضا مَنجھ ڪِتاب، ته ٻه ڀيرا ڪَندا ڀُونءَ ۾، شَرارت شِتاب، ۽ خُودِي مَنجھ خراب، چَڙِهي، چَڙهندا چوٽئـِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاِذَا جَاۗءَ وَعْدُ اُوْلٰىهُمَا بَعَثْنَا عَلَيْكُمْ عِبَادًا لَّنَآ اُولِيْ بَاْسٍ شَدِيْدٍ فَجَاسُوْا خِلٰلَ الدِّيَارِ ۭ وَكَانَ وَعْدًا مَّفْعُوْلًا 5
پوءِ آيو اَول ٻِن مَنجھان، وَعدو جِھڙِيء وار، بِلڪُل اَسان جي، بَندن مان، جوڌا، جُنگ، جُونجھار، اٿارياسون اُنهن مَٿي، پوءِ وَرتئون وِچ وَلهار، ۽ قائـِم آهي قَرار، پُورو ٿِيڻو پَڪ سان.
— مولوي حاجي احمد ملاحثُـمَّ رَدَدْنَا لَكُمُ الْكَرَّةَ عَلَيْهِمْ وَاَمْدَدْنٰكُمْ بِاَمْوَالٍ وَّبَنِيْنَ وَجَعَلْنٰكُمْ اَكْثَرَ نَفِيْرًا 6
وَرِي اَوهان جو اُنهن مَٿي، وارو وارِيوسون، مال ۽ عَيال ۾، آن کي، آڌاريو سون، ۽ آن کي ڪَثر ڪارِيوسون، لاشڪ لَشڪر، فوج ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنْ اَحْسَنْتُمْ اَحْسَنْتُمْ لِاَنْفُسِكُمْ ۣ وَاِنْ اَسَاْتُمْ فَلَهَا ۭ فَاِذَا جَاۗءَ وَعْدُ الْاٰخِرَةِ لِيَسُوْۗءٗا وُجُوْهَكُمْ وَلِيَدْخُلُوا الْمَسْجِدَ كَـمَا دَخَلُوْهُ اَوَّلَ مَرَّةٍ وَّلِــيُتَبِّرُوْا مَا عَلَوْا تَتْبِيْرًا 7
جي چَڱائـِي ڪَيئان، ته چَڱِي ڪَيئان، هرگز پنهنجي هارِ، جي بَدِي ڪَيئان ته بار، آخر آهي اُن مَٿي. جڏهن آيو ٻِيو ٻول، ته مُنهن ڦٽائـِينِيان مُورِهِين، مَر ته ڍَرن مَسجِد ۾، اڳ ڍَريا، جِھڙي ڊول، ۽ هَٿ آينِ جيڪو ٽول، سو اُجاڙِينِ، جِيئن اُجاڙجيٖ.
— مولوي حاجي احمد ملاحعَسٰي رَبُّكُمْ اَنْ يَّرْحَمَكُمْ ۚ وَاِنْ عُدْتُّمْ عُدْنَا ۘ وَجَعَلْنَا جَهَنَّمَ لِلْكٰفِرِيْنَ حَصِيْرًا 8
مولىٰ اَهنجو مانَ!، مَرهِينِيان مِهرسِين، ۽ موٽنداسون، جي موٽيا اَوهِين، خرابِين ڏي خان، ۽ باهِ بَنديخان، ڪَئـِي سون ڪارن ڪافِرِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ هٰذَا الْقُرْاٰنَ يَهْدِيْ لِلَّتِيْ ھِيَ اَقْوَمُ وَيُبَشِّرُ الْمُؤْمِنِيْنَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ اَجْرًا كَبِيْرًا 9ۙ
ڏَسٖي هي قرآن ٿو، جاسِڌِي، بَرصَواب، ۽ ڏي مبارڪ مُؤمِنِين، جي نيڪيون ڪَن نواب، ثابت آهي ثَواب، تَمام وَڏو، ڪوتَن لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاَنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ اَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابًا اَلِـــيْمًا ۧ10
۽ اُهي، جي آخرت تي، نَه آڻِين اِعتبار، سَزا سَخت تيار، توڙان ڪئـِي سون، تَن لَئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيَدْعُ الْاِنْسَانُ بِالشَّرِّ دُعَاۗءَهٗ بِالْخَيْرِ ۭ وَكَانَ الْاِنْسَانُ عَجُوْلًا 11
۽ ماڻهون مَدائـِي ٿو گُھري، تِهڙو سَندسِ سُوال، ڀَلائـِي لئي بَحال، ۽ ماڻهون تَڪڙو مُورهِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَجَعَلْنَا الَّيْلَ وَالنَّهَارَ اٰيَـتَيْنِ فَمَــحَوْنَآ اٰيَةَ الَّيْلِ وَجَعَلْنَآ اٰيَةَ النَّهَارِ مُبْصِرَةً لِّتَبْتَغُوْا فَضْلًا مِّنْ رَّبِّكُمْ وَلِتَعْلَمُوْا عَدَدَ السِّنِيْنَ وَالْحِسَابَ ۭ وَكُلَّ شَيْءٍ فَصَّلْنٰهُ تَفْصِيْلًا 12
ڪيوسون ڏينهن ۽ رات کي، ٻه نِشانيون نِبار، پوءِ مَٽِي سُون رات جِي، نِشانِي نِروار، ۽ ڪَئـِي سون نِشانِي ڏِينهن جِي، ڏيھ جي ڏِسڻ هار، تان پَنهنجي ربَّ جي روز مان گُھرو روزگار، پڻ سَمجھو انگ سالن جو، پڻ سَمجھو صاف شُمار، ۽ ڪُل شيءِ کي بَرقرار، کوليو سون جِيئن کولٖجي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَكُلَّ اِنْسَانٍ اَلْزَمْنٰهُ طٰۗىِٕرَهٗ فِيْ عُنُقِهٖ ۭ وَنُخْرِجُ لَهٗ يَوْمَ الْقِيٰمَةِ كِتٰبًا يَّلْقٰىهُ مَنْشُوْرًا 13
۽ اَسان هر اِنسان کي، عَملن جو دَفتر، ٻَڌوسون سَندسِ ڪَنڌ ۾، ۽ کولينداسون تِنهن خاطِر، ڏِسَندسِ ڏِينهن قِيام جي، پَٽيَل پورِيءَ پَر،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِقْرَاْ كِتٰبَكَ ۭ كَفٰى بِنَفْسِكَ الْيَوْمَ عَلَيْكَ حَسِيْبًا ۭ14
پَڙھ ڪِتاب پَنهنجو، سَچ پَچ پَنهنجي سِر، آهين اَڄ آخِر، بس تون بِلا ڀيٽ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحمَنِ اهْتَدٰى فَاِنَّـمَا يَهْــتَدِيْ لِنَفْسِهٖ ۚ وَمَنْ ضَلَّ فَاِنَّـمَا يَضِلُّ عَلَيْهَا ۭ وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِّزْرَ اُخْرٰى ۭ وَمَا كُنَّا مُعَذِّبِيْنَ حَتّٰى نَبْعَثَ رَسُوْلًا 15
جِنهن پاتو سَنئون پار، ته پاتو پار پاڻ لئي، ۽ جي ڀاڻي ڪَنان ڀُليو، ته ڀُل جِي مَٿسِ ڀُلڪار، کَڻندڙ کَڻٖي ڪونه ڪو، بارِي ٻِئي جو بار، ۽ اَسِين نه ڏِيندڙ آهيون، مُور ڪنهن کي مار، اِنهيان اَ ڳ ته اُنهِيءَ پار، ڪوئـِي مُرسل موڪليون.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَآ اَرَدْنَآ اَنْ نُّهْلِكَ قَرْيَةً اَمَرْنَا مُتْرَفِيْهَا فَفَسَقُوْا فِيْهَا فَحَقَّ عَلَيْهَا الْقَوْلُ فَدَمَّرْنٰهَا تَدْمِيْرًا 16
جڏهين گُھريوسُون ڪِنهن گام کي، ڪريون ناس نِبار، ته اُن ۾ آسودن کي، ڪيوسون اَمر اِظهار، پوءِ عُدُول ڪيائون اُن کان، لنگھياليڪو پار،پوءِ سَزاسَخت اُنهن مَٿي، واجِب ٿِئي تِنهن وار، پوءِ مارڻ جِھڙِي مار، تڏهين وِڌِي سون، تِن مٿي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَكَمْ اَهْلَكْنَا مِنَ الْقُرُوْنِ مِنْۢ بَعْدِ نُوْحٍ ۭ وَكَفٰى بِرَبِّكَ بِذُنُوْبِ عِبَادِهٖ خَبِيْرًۢ ا بَصِيْرًا 17
ناس ڪياسون نُوح پُٺيان، وارا، وارو وار، ۽ بَديان بَندن پانهنجٖي، تُنهنجو رَبُّ تڪرار، خُوب خَبردار، ۽ ڏِسندڙ پُورو ڏيھ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحمَنْ كَانَ يُرِيْدُ الْعَاجِلَةَ عَجَّــلْنَا لَهٗ فِيْهَا مَا نَشَاۗءُ لِمَنْ نُّرِيْدُ ثُـمَّ جَعَلْنَا لَهٗ جَهَنَّمَ ۚ يَصْلٰىهَا مَذْمُوْمًا مَّدْحُوْرًا 18
جيڪو هِن جَھان ۾، حاضر گُھري هاڻ، تڪڙو ڏِيونسِ تِنهن ۾، جيڪِي گُهرون پاڻ، تن مان، تِنهِين ڪاڻ، جِنهن جو اِرادو اَسين ڪريون. اڳتي آڳ اُن لئي، ڀيري ڪيوسون ڀاڻ، پَوندو مَنجهسِ پاڻ، ڪُوارِيل ۽ ڪا ڍوڙ ٿِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَنْ اَرَادَ الْاٰخِرَةَ وَسَعٰى لَهَا سَعْيَهَا وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَاُولٰۗىِٕكَ كَانَ سَعْيُهُمْ مَّشْكُوْرًا 19
۽ گُھريو جِنهن جَھان ٻِيو، ۽ ڪيائـِين اُنهِيء ڪاڻ، ڪوشش، ڪوشش اُن جِي، هجي ۽ پُورو مُؤمن پاڻ، ته قدر ڪرڻ ساڻ، قَبول ڪمائـِي اُن جِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحكُلًّا نُّمِدُّ هٰٓؤُلَاۗءِ وَهٰٓؤُلَاۗءِ مِنْ عَطَاۗءِ رَبِّكَ ۭ وَمَا كَانَ عَطَاۗءُ رَبِّكَ مَحْظُوْرًا 20
هِن ۽ هُن مِڙن کي، مَدد ڏِيون مُدام، تُنهنجي پَرور پاڪ جي، اِنعام مَنجھان عام، ۽ تُنهنجي آگي جو اِنعام، بِلڪُل بَند نه ڪِنهن مٿي.
— مولوي حاجي احمد ملاح