016 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 128 آيتون ۽ 16 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
اَتٰٓى اَمْرُ اللّٰهِ فَلَا تَسْتَعْجِلُوْهُ ۭ سُـبْحٰنَهٗ وَتَعٰلٰى عَـمَّا يُشْرِكُوْنَ 1
آيو اَمر الله جو، تِنهن لئي، تَڪڙايو نه تڪرار، ۽ جن کي ڀائـِينِ ڀائيوار، اُنهيان اُتم ۽ پاڪ گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحيُنَزِّلُ الْمَلٰۗىِٕكَةَ بِالرُّوْحِ مِنْ اَمْرِهٖ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِهٖٓ اَنْ اَنْذِرُوْٓا اَنَّهٗ لَآ اِلٰهَ اِلَّآ اَنَا فَاتَّقُوْنِ 2
اَمر سَندسِ مان، روح سان، لاهي مَلَڪَ موچار، سَندسِ ڀَلن بندن مان، جنهن تي، گُھري غَفّار، ته ڏيو خبر خلق کي، ته ڌڻِي نه مُون کان ڌار، پوءِ سارِي سَڀ ڄَمار، هِڪ مون کان ڊِڄو مُورِهين.
— مولوي حاجي احمد ملاحخَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَقِّ ۭ تَعٰلٰى عَـمَّا يُشْرِكُوْنَ 3
جوڙيئـِين اُڀ ، زمِين کي، مُقرّر موجُو، جي ڀيرا ڪن بيهُود، تن کان، مَٿاهون مُورهِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحخَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ نُّطْفَةٍ فَاِذَا هُوَ خَصِيْمٌ مُّبِيْنٌ 4
اُپائـِين اِنسان کي، مَنِئَ ڦُڙي مان مُور، پوءِ ظاهِر ۽ ظُهُور، ويرِي ٿيو، تِنهن وير ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالْاَنْعَامَ خَلَقَهَا ۚ لَكُمْ فِيْهَا دِفْءٌ وَّمَنَافِعُ وَمِنْهَا تَاْكُلُوْنَ 5۠
۽ ڍور، اُپائـِين اُنهن کي، مَنجھنِ اوهان لئي مَوجُود، سِئَ کان بَچاءُ، پڻ سُود ۽ قُوت ڪمايو، ڪن مَنجھان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَكُمْ فِيْهَا جَمَالٌ حِيْنَ تُرِيْحُوْنَ وَحِيْنَ تَسْرَحُوْنَ 6۠
۽ آهي اَوهان لئي اِنهن ۾، سَنگھارن سِينگار، جڏهن واريو وِچِين وار، ۽ جڏهن ڇوڙيو وَلر وَلهار ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَتَحْمِلُ اَثْقَالَكُمْ اِلٰى بَلَدٍ لَّمْ تَكُوْنُوْا بٰلِغِيْهِ اِلَّا بِشِقِّ الْاَنْفُسِ ۭ اِنَّ رَبَّكُمْ لَرَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ 7ۙ
۽ پَنهنجا پَراهِين شهر ڏي، برسِر ڍويو بار، جِئ کي جَفا ڏِيڻ ري، نه پُهچڻاجنهن پار، بيشڪ بَخشڻهار، پڻ اَهنجو رَبُّ رحِيم گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّالْخَيْلَ وَالْبِغَالَ وَالْحَمِيْرَ لِتَرْكَبُوْهَا وَزِيْنَةً ۭ وَيَـخْلُقُ مَا لَا تَعْلَمُوْنَ 8
۽ گھوڙا، خَچر ۽ گڏھ ٻِيا، جن تي چڙهو ڦِرو چوڌار، پڻ صُورت جو سِينگار، ۽ سي پڻ جوڙِي جوڙڻڻهار، سُواريون ۽ سِينگار، ٻِيون به، ٻُجھو نه جن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَعَلَي اللّٰهِ قَصْدُ السَّبِيْلِ وَمِنْهَا جَاۗىِٕرٌ ۭ وَلَوْ شَاۗءَ لَهَدٰىكُمْ اَجْمَعِيْنَ 9ۧ
۽ بارِئَ مَٿي بار، واٽ آهي وِچٿَري، ڪي تن مان واٽون وِنگيون، اُونڌا لَڪ آزار، ۽ جي گُھريو هوند غَفّار، تن سَڀن سُهائـِين واٽ سَنئـِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحهُوَ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً لَّكُمْ مِّنْهُ شَرَابٌ وَّمِنْهُ شَجَـرٌ فِيْهِ تُسِيْمُوْنَ 10
اُهو جنهن اُتاريو اُڀ ڪنان، آب اوهان جي هار، جنهن سان پَلر پِيڻ لئ، جِنهن سان وَليون وَڻ وَلهار، چاريو مَنجھسِ چوڌار، چوپاياچِينگھار سان.
— مولوي حاجي احمد ملاحيُنْۢبِتُ لَكُمْ بِهِ الزَّرْعَ وَالزَّيْتُوْنَ وَالنَّخِيْلَ وَالْاَعْنَابَ وَمِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً لِّقَوْمٍ يَّتَفَكَّرُوْنَ 11
آن لئي اُڀاريئـِين اُن سان، پوک پَڳھ پَڳ پَڳ، زيتون، کجيون ، ڊاک پڻ، ۽ ميوا جُھڳٽ جَڳ مَڳ، اُن ۾ عجب آيتون، آهن اَلڳ اَلڳ، لوڪ تِنهيِن لڳِ، جي سوچِينِ سَگھ سُبحان جِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَسَـخَّرَ لَكُمُ الَّيْلَ وَالنَّهَارَ ۙ وَالشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۭ وَالنُّجُوْمُ مُسَخَّرٰتٌۢ بِاَمْرِهٖ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّعْقِلُوْنَ ۙ12
۽ آندا اَهنجِي آڻ ۾، راتيون، ڏينهن ڏاتار، ۽ سج، چنڊ سَندسِ اَمر سان، پڻ تارا تابعدار، اَوس آهن اُن ۾، نِشانِيون نِروار، وَٺي جا وِيچار، ڪارڻ تنهن قوم جي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا ذَرَاَ لَكُمْ فِي الْاَرْضِ مُخْتَلِفًا اَلْوَانُهٗ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً لِّقَوْمٍ يَّذَّكَّرُوْنَ 13
آن لئي پکيڙيئـِين پَٽ ۾، جِنسون ۽ جِنسار، طرحِين طرحِين، رنگ جَن ؛ اُن ۾ اُهڃ اَپار، وٺن جي ويچار، ڪارڻ تِنهن قوم جي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَهُوَ الَّذِيْ سَخَّرَ الْبَحْرَ لِتَاْكُلُوْا مِنْهُ لَحْمًا طَرِيًّا وَّتَسْتَخْرِجُوْا مِنْهُ حِلْيَةً تَلْبَسُوْنَهَا ۚ وَتَرَى الْفُلْكَ مَوَاخِرَ فِيْهِ وَلِتَبْتَغُوْا مِنْ فَضْلِهٖ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ 14
اُهو جِنهن اَجھاڳ سمنڊ، ڪيا حُڪم ۾ هيڪار، تان کائو خُوب اُن مان، تازا گوشت تيار، ۽ اَملھ ڪڍو اُن مان، تان پايو سَبَب سِينگار، ۽ تَرندڙ ڏِسِين تِنهن ۾، ٻيڙا مَنجھ ٻار ڀَلي ته سَندسِ ڀَال مان، طَلبِين طلبگار، ۽ اِهو سڀ اِن هار، ته کائـِي ڳايو ڳالهيون.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاَلْقٰى فِي الْاَرْضِ رَوَاسِيَ اَنْ تَمِيْدَ بِكُمْ وَاَنْهٰرًا وَّسُبُلًا لَّعَلَّكُمْ تَهْتَدُوْنَ ۙ15
۽ ٺوڪيئـِين جَبل زمين ۾، ته ڌُٻي نه اَوهان ساڻ، ۽ اوهان لئي واهِيون، ۽ وَنهيون واٽريون سُونهون تان سڄاڻ!
— مولوي حاجي احمد ملاحوَعَلٰمٰتٍ ۭ وَبِالنَّجْمِ هُمْ يَهْتَدُوْنَ 16
۽ پڻ سَنئون هَلن هي پاڻ، نِشانين ۽ نِکٽڻ سان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَفَـمَنْ يَّخْلُقُ كَمَنْ لَّا يَـخْلُقُ ۭ اَفَلَا تَذَكَّرُوْنَ 17
پوءِ جيڪو جوڙٖي جوڙ، اُهوڪِ جوڙ اُن جو، جو تِر نه جوڙٖي توڙ؟ پوءِ ڪِنهن پَر پِرايو ڪِين ٿا؟
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنْ تَعُدُّوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ لَا تُحْصُوْهَا ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَغَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 18
۽ جي ڳَـڻِين ته ڳُڻ اَلله جا، ڳَڻي نه پَوندن پار، بشڪ بَخشڻهار، مالِڪ مِهربان گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاللّٰهُ يَعْلَمُ مَا تُسِرُّوْنَ وَمَا تُعْلِنُوْنَ 19
۽ سَمجھي رَبُّ سُڄاڻ، جيڪِي ڳُجھو ڪريو، يا پَڌرو،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالَّذِيْنَ يَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ لَا يَـخْلُقُوْنَ شَيْـــًٔـا وَّهُمْ يُخْلَقُوْنَ ۭ20
۽ ڌڻِئَ ڌاران جن کي، ڪوٺيو ڪَمن ڪاڻ، اُهي نَه خَلقِين، ڪُجھ خَلق مان، سي خلقيا وَڃن، خود پاڻ،
— مولوي حاجي احمد ملاح