015 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 99 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ وَقُرْاٰنٍ مُّبِيْنٍ 1
اوّل نام الله جو، برڪت بي شمار، سو ڏينهن جو ڏاتار، سو سٻاجھو سڀين پرين.
— مولوي حاجي احمد ملاحرُبَمَا يَوَدُّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَوْ كَانُوْا مُسْلِمِيْنَ 2
الٓــرٰ کي، سَمجھي رَبّ، سُبحان، هِي حُڪم ڪتاب جا، ۽ پَڌرو پاڪ قُرآن،
— مولوي حاجي احمد ملاحذَرْهُمْ يَاْكُلُوْا وَيَتَمَتَّعُوْا وَيُلْهِهِمُ الْاَمَلُ فَسَوْفَ يَعْلَمُوْنَ 3
ڪَئـِين ڀيرا ڀانئيون، جي ڦِريا، ته هونِ مُسلمان،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَآ اَهْلَكْنَا مِنْ قَرْيَةٍ اِلَّا وَلَهَا كِتَابٌ مَّعْلُوْمٌ 4
پوءِ ڇَڏِينِ ته، چَرن ڇيڪ سي، ۽ نَفعا وَٺنِ نادان، روڪين خواهش خان!، پوءِ سَمجِھي وِيندا سِگھڙٖي.
— مولوي حاجي احمد ملاحمَا تَسْبِقُ مِنْ اُمَّةٍ اَجَلَهَا وَمَا يَسْتَاْخِرُوْنَ 5
۽ نه ماريوسون، ڪو ڳوٺ. مگر هو حُڪم ٻڌل تِنهن هارِ،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَالُوْا يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْ نُزِّلَ عَلَيْهِ الذِّكْرُ اِنَّكَ لَمَجْنُوْنٌ 6ۭ
وار سَندسِ کان وار، ڪا اُمت نه اڳ، نه پوءِ ٿيئـٖي.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَوْ مَا تَاْتِيْنَا بِالْمَلٰۗىِٕكَةِ اِنْ كُنْتَ مِنَ الصّٰدِقِيْنَ 7
چي، اُهو! اُتاريو ويو، مَٿي جنهن مَذڪور، تون بيشڪ بِنہ چَريو،
— مولوي حاجي احمد ملاحمَا نُنَزِّلُ الْمَلٰۗىِٕكَةَ اِلَّا بِالْـحَقِّ وَمَا كَانُوْٓا اِذًا مُّنْظَرِيْنَ 8
آڻئـِين هُوند حُضور! مَلڪ اَسان وٽ مُور، جي صفا سَچن مان آهئـِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّا نَـحْنُ نَزَّلْنَا الذِّكْرَ وَاِنَّا لَهٗ لَحٰفِظُوْنَ 9
اَسِين نَه اُتارِيندا آهيون، موقع ڌار، مَلڪ، ۽ هُونِ نه پاڻ پَلڪ، مُهلت وارا تِنهن مَهل ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ اَرْسَلْنَا مِنْ قَبْلِكَ فِيْ شِيَعِ الْاَوَّلِيْنَ 10
اَسان ئـِي اُتاريو، ڪامِل! هِيء قُرآن، ۽ اَسِين نِگهبان، اَوَس اِنِهيءَ جا آهيون.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 11
۽ توکان اڳ اُمتن ۾، موڪليا سُون مُور،
— مولوي حاجي احمد ملاحكَذٰلِكَ نَسْلُكُهٗ فِيْ قُلُوْبِ الْمُجْرِمِيْنَ ۙ12
۽ نه اَچينِ نَبِي نُور، مگر ڪن مَٿانئسِ مَسخريون.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَا يُؤْمِنُوْنَ بِهٖ وَقَدْ خَلَتْ سُـنَّةُ الْاَوَّلِيْنَ 13
اِن پر پاپِين مَن ۾، وِجھون وَهم فُتور،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَوْ فَتَحْنَا عَلَيْهِمْ بَابًا مِّنَ السَّمَاۗءِ فَظَلُّوْا فِيْهِ يَعْرُجُوْنَ ۙ14
مَڃِينسِ نَه مُور، ۽ هَلِي اچي، پَر پَهرييَنِ.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَقَالُوْٓا اِنَّـمَا سُكِّرَتْ اَبْصَارُنَا بَلْ نَـحْنُ قَوْمٌ مَّسْحُوْرُوْنَ ۧ15
کـڻي کوليون اُڀ ڪنان، طاق مَٿِن تڪرار، پوءِ تِنهن مان چَڙهنِ چوٽئـِين،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ جَعَلْنَا فِي السَّمَاۗءِ بُرُوْجًا وَّزَيَّنّٰهَا لِلنّٰظِرِيْنَ ۙ16
ته به ٻوليائون ٻَهار اکيَن ساڻ اَسان جي، نَظربَندِي نِبار، اُٽلو اَسِين اِظهار، ڪامڻ هورِي قوم ڪا.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَحَفِظْنٰهَا مِنْ كُلِّ شَيْطٰنٍ رَّجِيْمٍ ۙ17
۽ بُرج بَناياسون اُڀ ۾، ماڙيون مَڻيادار، صُورت ۽ سِينگار، ڏِنوسُونس ڏِسندڙن لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِلَّا مَنِ اسْتَرَقَ السَّمْعَ فَاَتْبَعَهٗ شِهَابٌ مُّبِيْنٌ 18
۽ سَڀ ڪنهن تَڙيل شيطان کان، بَچايوسونسِ بحال،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَالْاَرْضَ مَدَدْنٰهَا وَاَلْقَيْنَا فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ شَيْءٍ مَّوْزُوْنٍ 19
مگر جيڪو اُن مَنجھان، ٻُڌي چورِي ڳالھ، ته ڦِٽو ٿئي فِى الحال، پَڌرو اُمڙ اُن پُٺيان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيْهَا مَعَايِشَ وَمَنْ لَّسْتُمْ لَهٗ بِرٰزِقِيْنَ 20
۽ هِي ڀُون ڀَلا!، جنهن کي پَکيڙيو سون پَڪ ڏاڍا ڏُونگر تنهن ۾، سَٽياسون سوگھاسَڪ، تَڪ سان، تَڪن جا تَڪ ، ڪَئـِين قِسم اُڀاڙياسون اُن ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاح