014 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
الۗرٰ ۣ كِتٰبٌ اَنْزَلْنٰهُ اِلَيْكَ لِتُخْرِجَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَي النُّوْرِ ڏ بِاِذْنِ رَبِّھِمْ اِلٰي صِرَاطِ الْعَزِيْزِ الْحَمِيْدِ 1ۙ
الٓــرٰ جِي، آهي، پَرَوَرَ کي پَرُوڙ، ڪِتاب ڪرِيمُ توڏي، هَلايو سُونسِ حُضور!، ته اُونداهِيءَ مان، آدَمِئـِين، نِيئـِين پاسي نُور، هادِيءَ سَندنِ جي حُڪم سان، مارڳ ڏانهن، مَنطور،
— مولوي حاجي احمد ملاحاللّٰهِ الَّذِيْ لَهٗ مَافِي السَّمٰوٰتِ وَمَافِي الْاَرْضِ ۭ وَوَيْلٌ لِّلْكٰفِرِيْنَ مِنْ عَذَابٍ شَدِيْدِ 2ۙ
جو سَٻر ساراهِيل جو، مالِڪ سائـِين مُور، جيڪِي اُڀ، زَمين ۾، سَڀ اُن جِي جوڙ ضَرورُ، ۽ سخت سزا کان سُور، بيشڪ بي شڪران لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحۨالَّذِيْنَ يَسْتَحِبُّوْنَ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا عَلَي الْاٰخِرَةِ وَ يَصُدُّوْنَ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَ يَبْغُوْنَھَا عِوَجًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ فِيْ ضَلٰلٍۢ بَعِيْدٍ 3
هِيءَ حَياتِي نَنڍڙِي، ڪَن، پرلي کان پَسند، ۽ روڪِين رَبَّ جي راه کان، ۽ مَنجھسِ گُھرن ڦيرا ڦَند، اُهي آهن بَند، بِلڪُل پَراهِين ڀُل ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَآ اَرْسَلْنَا مِنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِهٖ لِيُبَيِّنَ لَهُمْ ۭ فَيُضِلُّ اللّٰهُ مَنْ يَّشَاۗءُ وَيَهْدِيْ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَهُوَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 4
۽ نه موڪليوسون مُورهِين، مُرسل ڪو مگر، ذات سَندسِ جي زبان ۾، تان کولي ڏٖينِ خَبر، پوءِ وَڻيسِ تنهن، وَحدهٗ، ڀُلائي مَنجھ بَر، ۽ وڻيسِ تِنهن تي وَڙ ڪري، سُهائيسِ ساڻيہ سَر، ۽ اُهو زَوراوَر زَبر، حِڪمتِي هوشيار گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ اَرْسَلْنَا مُوْسٰى بِاٰيٰتِنَآاَنْ اَخْرِجْ قَوْمَكَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ وَذَكِّرْهُمْ ڏ بِاَيّٰىمِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُوْرٍ 5
۽ مُوسٰى مُڪو سون مُورهِين، پَنهنجي پَڌراين ساڻ، ته اوجَھرٖي مان اوجَرڏي، ڪَڍِي قوم سَندئـِي آڻ، ۽ رَبَّ جي روز ڪَمن سان، سَمجھائـِينِ سُڄاڻ!، اُنهيءَ ۾ اُهڃاڻ، هر صابِر شُڪر گُذار لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهِ اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ اَنْجٰىكُمْ مِّنْ اٰلِ فِرْعَوْنَ يَسُوْمُوْنَكُمْ سُوْۗءَ الْعَذَابِ وَيُذَبِّحُوْنَ اَبْنَاۗءَكُمْ وَيَسْتَحْيُوْنَ نِسَاۗءَكُمْ ۭ وَفِيْ ذٰلِكُمْ بَلَاۗءٌ مِّنْ رَّبِّكُمْ عَظِيْمٌ 6ۧ
مُوسٰى سَندسِ ميڙ کي، جڏهن چيو اِهڙِي چال، ته ساريو ثابت پاڻ تي، رَبَّ ڀَلي جا ڀال، جڏهن اوهان کي آجو ڪيو، ڪنان فِرعون جي آل، جي اوهان سان، اَڻ جوڳيون، جاڙون ڪندا هُئا جال، ڪُونڌر اوهان جي ڪَڇ ۾، ڪُهندا هُئا ڪُلال، ظالِم زالون اوهان جون، هُئابَچائـِيندا بَحال، اُن ۾ اوهان نال، پَرورکان پَرک وَڏي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذْ تَاَذَّنَ رَبُّكُمْ لَىِٕنْ شَكَرْتُمْ لَاَزِيْدَنَّكُمْ وَلَىِٕنْ كَفَرْتُمْ اِنَّ عَذَابِيْ لَشَدِيْدٌ 7
۽ جڏهن سائـِينءَ توهان جي، صاف طرح ڪيو اِهو اِعلان، ته ڀانيان ڀَال، ته اوهان کي، دُهرا ڏِيندسِ دان، ۽ جي بَنِيا بي شُڪران، ته سَزا مُنهنجِي سَخت گھڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَالَ مُوْسٰٓى اِنْ تَكْفُرُوْٓا اَنْتُمْ وَمَنْ فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۙ فَاِنَّ اللّٰهَ لَغَنِيٌّ حَمِيْدٌ 8
چيو مُوسٰى، ته اَوهِين ڦِرو، ڪِ جيڪٖي اَندر ڌَر، بي پرواه، پوءِ پَرور، پڻ صاحب سڀ ساراه جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَمْ يَاْتِكُمْ نَبَؤُا الَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ قَوْمِ نُوْحٍ وَّعَادٍ وَّثَـمُوْدَ ټ وَالَّذِيْنَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ړ لَا يَعْلَمُهُمْ اِلَّا اللّٰهُ ۭ جَاۗءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنٰتِ فَرَدُّوْٓا اَيْدِيَهُمْ فِيْٓ اَفْوَاهِهِمْ وَقَالُوْٓا اِنَّا كَفَرْنَا بِـمَآ اُرْسِلْتُمْ بِهٖ وَاِنَّا لَفِيْ شَكٍّ مِّـمَّا تَدْعُوْنَنَآ اِلَيْهِ مُرِيْبٍ 9
ڪِ آيان ڪِين، اوهان کان، اڳين جو احوال ؟ قوم نوح، عاد ۽ ثمود جِي، پڻ پويان تن پئمال، سوا سائـِينءَ نه اُنهن جو، ڪو هرگز ڄاڻي حال، آينِ مُرسل اُنهن جا، جڏهن نِشانِين نال، پوءِ هَنيون هَٿ واتن ۾، ۽ چيائون اِهڙِي چال، ته اسين ڦِرياسون اُن کان، جا مُڪي وِيان مَقال، ۽ جالولِي ڏِيونِيون لال!، تِنهن کان اَسين گڏيل گمان ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَتْ رُسُلُهُمْ اَفِي اللّٰهِ شَكٌّ فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ يَدْعُوْكُمْ لِيَغْفِرَ لَكُمْ مِّنْ ذُنُوْبِكُمْ وَيُؤَخِّرَكُمْ اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ قَالُوْٓا اِنْ اَنْتُمْ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا ۭ تُرِيْدُوْنَ اَنْ تَصُدُّوْنَا عَـمَّا كَانَ يَعْبُدُ اٰبَاۗؤُنَا فَاْتُوْنَا بِسُلْطٰنٍ مُّبِيْنٍ 10
مَهندان اُن جي مُرسلِين، چَينِ اِهڙِي چال، ڪِ آنکي شڪ اَلله ۾؟ جو نَئـِين نموني نال، آهي اُڀ، زمين جو، بَنائـِيندڙ بَحال، ڪوٺينِيان اِن ڪري، ته اَهنجا جُرم جَنجال، بيشڪ بَخشِينِيان اُن مَنجھان، ڀَلوساڻ ڀال، پڻ ڏِينِيان جَلَّ جَلال، مُهلت مُقرّر مَهل سِين. چي، اَوهين ته اَسان ئـِي جِھڙا، ماڻهون آهيو مُور، ڀانيو ته اَسان کي، بَند ڪريو، تن مِڙنِي کان مَجبور، هُئـِن پُوڄِيندا اَسان جا، اَبا وڏا، ڏُور، پوءِ حُجت ڪا حُضور!، کُليل اَسان وَٽ آڻِيو.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَتْ لَهُمْ رُسُلُهُمْ اِنْ نَّحْنُ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ وَلٰكِنَّ اللّٰهَ يَمُنُّ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِهٖ ۭ وَمَا كَانَ لَنَآ اَنْ نَّاْتِيَكُمْ بِسُلْطٰنٍ اِلَّا بِاِذْنِ اللّٰهِ ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُوْنَ 11
اُتو اُنهن جي مُرسلِين، ته اَسين ماڻهون اَوهان مِثال، پر گُھري پَنهنجي گولن مان، جنهن کي جَلّ جَلال، ڀَلو ڀَلائي اُن مٿي، خالق خُود خِيال، ۽ ري اِذن اَلله جي، اَسان نه مُور مَجال، ته اوهان وَٽ آڻي سگھون، ڪا حُجت ڪِهِين حال، ۽ مُؤمِن نيڪ نِهال، رکن ڪَم ڪرِيم تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا لَنَآ اَلَّا نَتَوَكَّلَ عَلَي اللّٰهِ وَقَدْ هَدٰىنَا سُبُلَنَا ۭ وَلَنَصْبِرَنَّ عَلٰي مَآ اٰذَيْتُمُوْنَا ۭ وَعَلَي اللّٰهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُتَوَكِّلُوْنَ ۧ12
۽ اسان کي اُن ۾ ڇا؟ ته نه رکون بارِيءَ مَٿي بار، جڏهن وَنهيون واٽون پَنهنجون، ڏَسيون سون ڏاتار، ۽ سو سڀ سَهنداسون صَحِي، جو اسان ڏِنان آزار، ۽ گُھرجي ته ڪُل ڪم ڪار، رکندڙ، رکن رَبَّ تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِرُسُلِهِمْ لَنُخْرِجَنَّكُمْ مِّنْ اَرْضِنَآ اَوْ لَتَعُوْدُنَّ فِيْ مِلَّتِنَا ۭ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ رَبُّهُمْ لَنُهْلِكَنَّ الظّٰلِمِيْنَ ۙ13
۽ ڪَهيو، جن ڪفر ڪيو، سَندنِ مُرسلن کي مُور، ته آن کي پَنهنجي ديس مان، ڌِڪي ڪَنداسون دُور، ياڌَرم دِين اسان جو، موٽِي ڪندا مَنظور، پوءِ سائـِينءَ سَندنِ، تن ڏي، مُڪو هِي مَذڪور، ته ظالمن ضَرور، ڪَندسِ زَبون زمِين ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَنُسْكِنَنَّكُمُ الْاَرْضَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ ۭ ذٰلِكَ لِمَنْ خَافَ مَقَامِيْ وَخَافَ وَعِيْدِ 14
۽ ماڳ ڏينداسُون مُلڪ ۾، آن کي، اُن کانپوءِ، جو مُون وَٽ بيهن جو ڀَور کي، اِي حق اُنِهيءَ جو هوءِ، پڻ ڪَنبي ۽ ڪوءِ، ڀَلو سَندمِ ڀُلڪار کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاسْتَفْتَحُوْا وَخَابَ كُلُّ جَبَّارٍ عَنِيْدٍ ۙ15
۽ سوڀ جو سُبحان کي، ساري ڪيئون سوال، هر مَتارو ۽ مَتوال، هرگز وِيو هارجِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحمِّنْ وَّرَاۗىِٕهٖ جَهَنَّمُ وَيُسْقٰى مِنْ مَّاۗءٍ صَدِيْدٍ ۙ16
اڳيان اُن جي آڳ، پاڻِي پيار بَسِ پُون ڀَريو،
— مولوي حاجي احمد ملاحيَّتَجَرَّعُهٗ وَلَا يَكَادُ يُسِيْغُهٗ وَيَاْتِيْهِ الْمَوْتُ مِنْ كُلِّ مَكَانٍ وَّمَا هُوَ بِمَيِّتٍ ۭ وَمِنْ وَّرَاۗىِٕهٖ عَذَابٌ غَلِيْظٌ 17
سُرڪِي نه سِرڪِي، ِکيسِ سَگھي، واتان مَنجھ وَتاڳ، ۽ اِيندو وِيندو اُن مَٿي، موت ڪنان هَر ماڳ، ۽ مُئل سون نَه مُورهِين، لاشڪ اُن جو لاڳ، اَ ڳتٖي آڳ اَجھاڳ ۽ بَدبُوءِ ڀَريو بَندڪو!
— مولوي حاجي احمد ملاحمَثَلُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ اَعْمَالُهُمْ كَرَمَادِ ۨاشْـتَدَّتْ بِهِ الرِّيْحُ فِيْ يَوْمٍ عَاصِفٍ ۭ لَا يَقْدِرُوْنَ مِـمَّا كَسَبُوْا عَلٰي شَيْءٍ ۭ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ الْبَعِيْدُ 18
جي سائـِينءَ سَندنِ کان ڦِريا، اُنهن جا اِهڙا پار، ته فِعل سَندنِ ڦُليهار جِيئَن، جِنهن کي لَڳو لڳاتار، ڏاڍي ڏُ کـٖئي ڏِينهن ۾، تِکو واءُ تڪرار، پوءِ جيڪِي ميڙيئو، تنهن مَنجھان، سَگھنِ نه سَنڀالي وار، اَ ڳاهون اَپار، اُهو مُونجھارو مُورِهين.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَمْ تَرَ اَنَّ اللّٰهَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ بِالْـحَقِّ ۭ اِنْ يَّشَاْ يُذْهِبْكُمْ وَيَاْتِ بِخَلْقٍ جَدِيْدٍ ۙ19
نَه ڏِٺيئي؟ ته ڏاتار، جوڙيو اَڀن، ۽ زَمِين کي، ثابِت اَ کين سامهان؛ جي گُھري رَبُّ غَفّار، ته نِينِيان، ۽ نَئـِين وَرِي، جوڙي جوڙ جَبّار،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّمَا ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ بِعَزِيْزٍ 20
۽ قادِر تي ڪَم ڪار، اِهو مُشڪل ناهي مُورِهين.
— مولوي حاجي احمد ملاح