013 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 43 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
الۗمّۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ ۭ وَالَّذِيْٓ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ الْـحَقُّ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يُؤْمِنُوْنَ 1
الٓـــمّٓــر کي، ڄاڻي ڄاڻڻهار، قدرت جي ڪتاب جون، آهن نِشانيون نِروار، پڻ وِيو اُتاريو تو اُتي، تُنهنجي صاحب کان ستار، صَحِي ثابت ڳالهيون، وَهم نه جن ۾ وار، پرآڻين نه اِعتبار، مُوڙهل گھڻا ماڻهن مان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَللّٰهُ الَّذِيْ رَفَعَ السَّمٰوٰتِ بِغَيْرِ عَمَدٍ تَرَوْنَهَا ثُـمَّ اسْتَوٰى عَلَي الْعَرْشِ وَسَـخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ ۭ كُلٌّ يَّـجْرِيْ لِاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ يُدَبِّرُ الْاَمْرَ يُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لَعَلَّكُمْ بِلِقَاۗءِ رَبِّكُمْ تُوْقِنُوْنَ 2
آهي اُهو اَلله، جِنهن اُڀ اُڀارِيا، ري ٿَنڀِين، ڏِسِين پَسِين جن کي، نِرتئون ساڻ نگاھ، موٽِي تختگاھ، سَڀ ڪِنهن رِيت سَنڀاليو. سج، چنڊ تابِع تِنهن ڪيا، هَلن مُقرر مُدت تڪ، ڪَري هَر ڪِنهن ڪم جو، قادِر جوڙ جڪ، کوليو کوليو آيتون، بَيان ڪري بيشڪ، تان ڪريو پورِي پَڪ، پَنهنجي مولا سان ملڻِ جي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَهُوَ الَّذِيْ مَدَّ الْاَرْضَ وَجَعَلَ فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْهٰرًا ۭ وَمِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ جَعَلَ فِيْهَا زَوْجَيْنِ اثْنَيْنِ يُغْشِي الَّيْلَ النَّهَارَ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّتَفَكَّرُوْنَ 3
۽ ڌَرِ پکيڙِي جِنهن ڌڻِيءَ، جِنهن تي، لَکِين رَهن لوڪ، ۽ جَبل جَڙيائـِين تِنهن ۾، ۽ دَريا، دريا ڌوڪ، ۽ مَنجھسِ ميوا موڪ، ٻِٽاجوڙيئـِين ٻاجھ سان. رات وَرِي ٿِي ڏِينهن مَٿان، اُنهِيءَ ۾ اُهڃاڻ، قوم اُنهِيء ڪاڻ، جي سَچ پَچ سوچِينِ ڳالهيون.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَفِي الْاَرْضِ قِطَعٌ مُّتَجٰوِرٰتٌ وَّجَنّٰتٌ مِّنْ اَعْنَابٍ وَّزَرْعٌ وَّنَخِيْلٌ صِنْوَانٌ وَّغَيْرُ صِنْوَانٍ يُّسْقٰى بِـمَاۗءٍ وَّاحِدٍ ۣ وَنُفَضِّلُ بَعْضَهَا عَلٰي بَعْضٍ فِي الْاُكُلِ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّعْقِلُوْنَ 4
۽ ڀاڱا ڀيڙا ڀُونءَ جا، ۽ پوکون، باغ اَنگُور، ٽارِيُن ۽ بِنا ٽارِيُنِ، کَجِيون، وَڻ کَجُور، پِيَن پاڻِي هيڪڙو، مگر مَزي ۾ مُور، ڪن کي ڪريون، ڪن کان، زِياده ضَرُور، خُوب کُلِيل خَبرون، مَنجِھيِين مَذڪُور، جي پُورِي رکن پَروڙ، ڪارڻ تِنهِين قوم جي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِنْ تَعْجَبْ فَعَجَبٌ قَوْلُهُمْ ءَاِذَا كُنَّا تُرٰبًا ءَاِنَّا لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ڛ اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ الْاَغْلٰلُ فِيْٓ اَعْنَاقِهِمْ ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ النَّارِ ۚ هُمْ فِيْهَا خٰلِدُوْنَ 5
۽ جي عَجب ڪرِين، ته پوءِعَجب آهي، اُنهن جِي ڳالھ، ڇا اَسِين مِٽي، مِٽيءَ ۾، هُونداسون جِنهن حال، بَنجِي پوءِ بَحال، اَسين اِينداسون نئـِينءَ جوڙ ۾؟ اُهي، سي سَندنِ سائـِينءَ کان، جي نابِرٿيانِپٽ، ۽ اُهي، سي آهن، جن جي، ڳِچين اَندر ڳَٽ، ۽ اُهي ڄيري وارا ڄَٽ، اُهي دائـِم داخِل اُن ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيَسْتَعْجِلُوْنَكَ بِالسَّيِّئَةِ قَبْلَ الْحَسَنَةِ وَقَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِمُ الْمَثُلٰتُ ۭ وَاِنَّ رَبَّكَ لَذُوْ مَغْفِرَةٍ لِّلنَّاسِ عَلٰي ظُلْمِهِمْ ۚ وَاِنَّ رَبَّكَ لَشَدِيْدُ الْعِقَابِ 6
سُک کان، دُک توڪنان، تَڪڙو گُھرن تَڪرار، اِنهيان اَ ڳي گُذريا، صَدمان، سو، صدبار، ماڻهن لئي مُورهِين، تُنهنجو پالڻهار، سَندنِ بيدادِيُنِ مَٿي، بيشڪ بَخشڻهار، ۽ سَندئـِي رَبَّ، ستار، سزا ڏِين ۾، سَخت گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيَقُوْلُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ اٰيَةٌ مِّنْ رَّبِّهٖ ۭ اِنَّـمَآ اَنْتَ مُنْذِرٌ وَّلِكُلِّ قَوْمٍ هَادٍ 7ۧ
۽ ڪَهَنَ، جن ڪُفر ڪيو، ته پاران سَندنِ پَرور، ڇو نه اُتارِي ويئـِي، آيت ڪا اِن سِر؟ تون ڄاڻوئـِي ڄَر، ۽ سُونهون سَڀ ڪِنهن قوم لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَللّٰهُ يَعْلَمُ مَا تَحْمِلُ كُلُّ اُنْثٰى وَمَا تَغِيْضُ الْاَرْحَامُ وَمَا تَزْدَادُ ۭ وَكُلُّ شَيْءٍ عِنْدَهٗ بِمِقْدَارٍ 8
سائـِين سَمجھي جيڪِي، نار کڻي، ڪو بار، پڻ جيڪِي ڳِهڻ، گَھٽائي ڳُجھ ۾، پڻ وَڌائي ڪو وار، ۽ اُنهِيء وَٽ اَندازسان، سَڀ ڪوئـِي ڪَم ڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحعٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْكَبِيْرُ الْمُتَعَالِ 9
ڳُجِھيون، پَڌرِيون ڳالهيون، ڄاڻي ڄاڻڻهار، مٿاهُون مُختار، وَڏِي وڏائـِيءَ جو ڌڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحسَوَاۗءٌ مِّنْكُمْ مَّنْ اَسَرَّ الْقَوْلَ وَمَنْ جَهَرَ بِهٖ وَمَنْ هُوَ مُسْتَخْفٍۢ بِالَّيْلِ وَسَارِبٌۢ بِالنَّهَارِ 10
برابر، ڪري بات ڳُجِھي، مان اوهان، يا پَڌرِي، ۽ جو لڪل رهي، منجھ رات، يا ڏيھ گهمندڙ، ڏِينهن ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَهٗ مُعَقِّبٰتٌ مِّنْۢ بَيْنِ يَدَيْهِ وَمِنْ خَلْفِهٖ يَحْفَظُوْنَهٗ مِنْ اَمْرِ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُغَيِّرُ مَا بِقَوْمٍ حَتّٰى يُغَيِّرُوْا مَا بِاَنْفُسِهِمْ ۭ وَاِذَآ اَرَادَ اللّٰهُ بِقَوْمٍ سُوْۗءًا فَلَا مَرَدَّ لَهٗ ۚ وَمَا لَهُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ مِنْ وَّالٍ 11
اڳيان، پويان اُن جي، ڪي پَهرُون پَهريدار، چونڪِي ڏِينَسِ چوڌار، اَلله جي اَمر کان. اَلله نه ڦيري نِعمتون، جي ڪِنهِين قوم نال، تان نَه بَدلائـِينِ ڀال، پاڻورا، جي پاڻ سان. ۽ جڏهن قصد ڪري، ڪِنهن قوم تي، ڏُرت سَندو ڏاتار، پوءِ موٽائـِيندڙ نه مُورِهين، ڪو هرگز اُنِهيء هارِ، ۽ اُنهن جو، نه اِنهيان ڌار، ڪو وارڻ وارو واهرُو.
— مولوي حاجي احمد ملاحهُوَ الَّذِيْ يُرِيْكُمُ الْبَرْقَ خَوْفًا وَّطَمَعًا وَّيُنْشِئُ السَّحَابَ الثِّقَالَ ۚ12
جو وِڄ ڏيکاري ڏُور، آن کي، ڊَپ، اُميد ۾، پڻ بادل ڳَرا ڀَرپُور، جوڙي جَلَّ جَلالهٗ.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيُسَبِّحُ الرَّعْدُ بِحَمْدِهٖ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ مِنْ خِيْفَتِهٖ ۚ وَيُرْسِلُ الصَّوَاعِقَ فَيُصِيْبُ بِهَا مَنْ يَّشَاۗءُ وَهُمْ يُجَادِلُوْنَ فِي اللّٰهِ ۚ وَهُوَ شَدِيْدُ الْمِحَالِ ۭ13
۽ گوڙ، سَندسِ ساراه سان، پاڪ چَوي، پَرور، پڻ سَندسِ خوف، خيال کان، مَلائـِڪ مِهتر، ۽ وِڄون وَلهارن تي، موڪلي مُقرّر، پوءِ گُھري جِنهن سِر، قادِر ڪيرائيسِ، اُن مٿان. ۽ اُهي خُود اَلله ۾، ڪن جھيڙا، جَنگ، جِدال، بارِي بي مِثال، سَزا ڏِيڻ ۾، سَخت گھڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَهٗ دَعْوَةُ الْحَقِّ ۭ وَالَّذِيْنَ يَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِهٖ لَا يَسْتَجِيْبُوْنَ لَهُمْ بِشَيْءٍ اِلَّا كَبَاسِطِ كَفَّيْهِ اِلَى الْمَاۗءِ لِيَبْلُغَ فَاهُ وَمَا هُوَ بِبَالِغِهٖ ۭ وَمَا دُعَاۗءُ الْكٰفِرِيْنَ اِلَّا فِيْ ضَلٰلٍ 14
بر حق، هِڪ اُنهِيء کي، دانهون مَنجھ دَرٻار، تِنهن سوا، سَڏِين جَن کي، سي نه ٻُڌنِ، ڪاٻاڪار، مگر مِثال اُن جي، ته مَٿان کوه خُوار، پاڻِي لاءِ پَکيڙيو، پَنهنجو ٻُڪ ٻِيهار، ته پُهچيسِ پَنهنجي وات ۾، نه پُهچڻو تِنهن پار، ۽ ناهِن مُونجھارٖي ڌار، ڪافِرن جون ڪِيرتوُن.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلِلّٰهِ يَسْجُدُ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ طَوْعًا وَّكَرْهًا وَّظِلٰلُهُمْ بِالْغُدُوِّ وَالْاٰصَالِ 15۞
۽ جُھڪن ٿا جَبَّار کي، جيڪِي اُڀ، ڀون ۾، ڪَس يا رَس، پڻ اُنهن جا اَوس، سايا صُبح، شام ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ مَنْ رَّبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ قُلِ اللّٰهُ ۭ قُلْ اَفَاتَّخَذْتُمْ مِّنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ لَا يَمْلِكُوْنَ لِاَنْفُسِهِمْ نَفْعًا وَّلَا ضَرًّا ۭ قُلْ هَلْ يَسْتَوِي الْاَعْـمٰى وَالْبَصِيْرُ ڏ اَمْ هَلْ تَسْتَوِي الظُّلُمٰتُ وَالنُّوْرُ ڬ اَمْ جَعَلُوْا لِلّٰهِ شُرَكَاۗءَ خَلَقُوْا كَخَلْقِهٖ فَتَشَابَهَ الْخَلْقُ عَلَيْهِمْ ۭ قُلِ اللّٰهُ خَالِقُ كُلِّ شَيْءٍ وَّهُوَ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ 16
چَئو، آهي اُڀ،زمين جو، جوڙڻ وارو ڪير؟ چَئو، درست بِنا دير، ته اَلله جَلَّ جَلالہٗ. چئو، پوءِ ڪِ اُن ري اولياءَ، وَرتا اَوهان وَهلور! جي سَندنِ نفعي، نقصان جا، مالِڪ نه آهِن مُور، چَئو، مَٽ ڪِ ٿِيَنِ مُورِهين، سَڄو ۽ مَعذور؟ يا اُونداهِي ۽ نُور، مَٽ ٿِيندا مُورِهين؟ ڇا؟ سي، جوڙڻهار سان، جوڙيؤن جوڙِيوال، جن جوڙِي جائـِي جوڙ ڪا، اُن جي جوڙ مثال؟ پوءِ جوڙون ٿِيون هڪ جھڙيون، تڏهين مُنهنجِي پِيا مَتوال، چئو صاحب سَڀ ڪِنهن شيءِ جو، بَنائـِيندڙ بَحال، ۽ اُهو جَلَّ جَلال، حاڪِم قهرِي هيڪڙو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَنْزَلَ مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً فَسَالَتْ اَوْدِيَةٌۢ بِقَدَرِهَا فَاحْتَمَلَ السَّيْلُ زَبَدًا رَّابِيًا ۭ وَمِـمَّا يُوْقِدُوْنَ عَلَيْهِ فِي النَّارِ ابْتِغَاۗءَ حِلْيَةٍ اَوْ مَتَاعٍ زَبَدٌ مِّثْلُهٗ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ الْـحَقَّ وَالْبَاطِلَ ڛ فَاَمَّا الزَّبَدُ فَيَذْهَبُ جُفَاۗءً ۚ وَاَمَّا مَا يَنْفَعُ النَّاسَ فَيَمْكُثُ فِي الْاَرْضِ ۭ كَذٰلِكَ يَضْرِبُ اللّٰهُ الْاَمْثَالَ ۭ17
اُتاريائـِين اُڀ ڪنان، پاڻِي پاڪ پَلُر، پوءِ درياء ڌُوڪي هَليا، سَندنِ ڪَٿ قدر، پوءِ ڇانڀي کَنئـِي ڇَر، گِجِي اُڀامَندڙ اُن مَٿان. پڻ اُن مان اَوهين جَن تي، ٻاريو باه ٻِيهار، سَبَب طَلب سِينگار، ياسودي اَندر، سُود لئي. ٻِي پڻ اُن جِهڙِي، آهي ڦِيڻ عيان، بارِي ڪري بيان، اِن پَر سَچ ۽ ڪُور جو. پوءِ گجِي وَڃي گُم ٿِي، ۽ ڀُونء ۾ رهي بَند، ۽ جنهن ۾ مطلب ماڻـهئـِين، سو پاڻِي پاڪ پَسند، اِن پَر خداوند، صفا ڏِئي سَمجھائـِڻِيُون،
— مولوي حاجي احمد ملاحلِلَّذِيْنَ اسْتَجَابُوْا لِرَبِّهِمُ الْحُسْنٰى ڼ وَالَّذِيْنَ لَمْ يَسْتَجِيْبُوْا لَهٗ لَوْ اَنَّ لَهُمْ مَّا فِي الْاَرْضِ جَمِيْعًا وَّمِثْلَهٗ مَعَهٗ لَافْتَدَوْا بِهٖ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْـحِسَابِ ڏ وَمَاْوٰىهُمْ جَهَنَّمُ ۭ وَبِئْسَ الْمِهَادُ ۧ18
جن مَڃيو مالِڪ پَنهنجو، بيشڪ تن لئي ڀل، جن قبوليو ڪِين ڪِي، جي هُوند، هُجن تن نال، جيڪِي هِن زمين ۾، سَڀ ملڪِيت مال، تِنهن سان گَڏ گَنج ٻِيا، اُٽل اُن مثال، ته فِدا سَڀ فِى الحال ڪِيئون؛ تن جو ڪارو ليکو ڪال، ۽ آهي گَھر اُنهن جو، جَھَنَّم جِيءَ جَنجال، ۽ وَڏو آهي وَبال، سو هاوِي هَنڌ اُنهن جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَفَـمَنْ يَّعْلَمُ اَنَّـمَآ اُنْزِلَ اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ الْـحَقُّ كَمَنْ هُوَ اَعْمٰى ۭ اِنَّـمَا يَتَذَكَّرُ اُولُوا الْاَلْبَابِ ۙ19
پوءِ، جو ڄاڻٖي پَڪ سان، ته تُنهنجِي مالِڪ ڪنان مُور، وِيو اُتاريو، تو اُتي، مُرسل ! هِي مَذڪُور، اُهو ڪِ جَڏو اُن جِھڙو، جو مُرڳوئـِي مَعذور؟، پُورِي جَن پَرور، سي سَنڀالينِ، پاڻ کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحالَّذِيْنَ يُوْفُوْنَ بِعَهْدِ اللّٰهِ وَلَا يَنْقُضُوْنَ الْمِيْثَاقَ ۙ20
جي پارِين قول ڪرِيم سان، ۽ اَصل نه ڀَڃن اَنجام،
— مولوي حاجي احمد ملاح