012 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 1ۣ
الٓــــرٰ کي، سَمجھٖي هِڪ سُبحان، هِي حُڪم پاڪ ڪتاب جا، جَن ۾ کُلِيل خُوب بَيان،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 2
اُتاريو سون اُن کي، عَربِيءَ مَنجھ زِبان، تان ڀَلارو قُرآن، پَڙِهي مانَ پِرائيو!
— مولوي حاجي احمد ملاحنَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ اَحْسَنَ الْقَصَصِ بِـمَآ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ ھٰذَا الْقُرْاٰنَ ڰ وَاِنْ كُنْتَ مِنْ قَبْلِهٖ لَمِنَ الْغٰفِلِيْنَ 3
قِصّو، قِصّن ۾ سُهڻو، توسان ڪريون بيان، جِيئن ڪيوسون وَحِي توڏي، ڪامل! مَنجھ هِن قرآن، بي خَبرن ۾خان!، توڻي اَ ڳي هُئـِين اِن کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذْ قَالَ يُوْسُفُ لِاَبِيْهِ يٰٓاَبَتِ اِنِّىْ رَاَيْتُ اَحَدَ عَشَرَ كَوْكَبًا وَّالشَّمْسَ وَالْقَمَرَ رَاَيْتُهُمْ لِيْ سٰجِدِيْنَ 4
جڏهن يوسف، بابسِ کي چيو، ته بابمِ! ڀَلارا، ته سُوٺمِ سِج ۽ چَنڊ کي، يارهن ٻِيا تارا، سَجدي ۾ سارا، مون لئي ڏِٺمِ مُورهين.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ يٰبُنَيَّ لَا تَقْصُصْ رُءْيَاكَ عَلٰٓي اِخْوَتِكَ فَيَكِيْدُوْا لَكَ كَيْدًا ۭ اِنَّ الشَّيْطٰنَ لِلْاِنْسَانِ عَدُوٌّ مُّبِيْنٌ 5
چي، پُٽمِ پَنهنجن ڀائن سان، کول نه تُنهنجو خواب، پوءِ رِٿِينِ رِٿ تولئي، ڪا خار وِچان خراب، اِبليس آدم باب، دُشمن ڌُران ئـِي پَڌرو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَكَذٰلِكَ يَجْتَبِيْكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِنْ تَاْوِيْلِ الْاَحَادِيْثِ وَيُـــتِمُّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكَ وَعَلٰٓي اٰلِ يَعْقُوْبَ كَـمَآ اَتَمَّــهَا عَلٰٓي اَبَوَيْكَ مِنْ قَبْلُ اِبْرٰهِيْمَ وَاِسْـحٰقَ ۭ اِنَّ رَبَّكَ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 6ۧ
۽ اِنپر پَرور تُنهنجو،ڀَلو ڪَندئـِي بِهتر، ۽ سيکارِيندئـِي سوڻن جون، ماهِيتون مِهتر! ۽ توتي پَنهنجون نِعمتون، پُوريون ڪندو پَرور، ۽ ڪيائين ڪُٽنب يَعقوب تي، پُورِيون جِھڙِي پر، اَ ڳي تُنهنجي ٻِن اَبن، اِبراهيم، اِسحاق سِر، سَمجھندڙ سَربَسر، ڏاهو تُنهنجو ڏيھ ڌَڻِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحلَقَدْ كَانَ فِيْ يُوْسُفَ وَاِخْوَتِهٖٓ اٰيٰتٌ لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 7
يُوسُف ۽ سَندسِ ڀائرن ۾، نِشانِي نِروار، پَڌرِي پُڇندڙن لئي،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِذْ قَالُوْا لَيُوْسُفُ وَاَخُوْهُ اَحَبُّ اِلٰٓي اَبِيْنَا مِنَّا وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ ۭ اِنَّ اَبَانَا لَفِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنِ ښ 8
وَراڻيئون جِنهن وار، ته يُوسف ۽ ڀاءُ اُن جو، پَنهنجي پِيء سڳوري پار، ٻَئـِي پِيارا پاڻ کان، ۽ طاقت اَسين تڪرار، آهي بي اِختِيار، پَنهنجي پِيء، پَڌرِيءَ ڀُل ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحۨاقْــتُلُوْا يُوْسُفَ اَوِ اطْرَحُوْهُ اَرْضًا يَّخْلُ لَكُمْ وَجْهُ اَبِيْكُمْ وَتَكُوْنُوْا مِنْۢ بَعْدِهٖ قَوْمًا صٰلِحِيْنَ 9
قَتل ڪريو يُوسُف کي، يا سَٽيوسِ سُڃ اَندر، ته مُورهِين ٿئي مُنهن پان ڏي، پَنهنجي پاڪ پِڌر، ۽ سُڌريل قوم سَڌر ، تِنهن پُڄاڻا، پاڻ ٿِيون.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ لَا تَـقْتُلُوْا يُوْسُفَ وَاَلْقُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ يَلْتَقِطْهُ بَعْضُ السَّـيَّارَةِ اِنْ كُنْتُمْ فٰعِلِيْنَ 10
ڪِنهن چَوندڙ چيو اُنهن مان، ته يُوسُف نه ماريو مُور، ۽ اُڇليوسِ اُونداهٖي کوه ۾، جي ڪَرڻو اَٿان ڪَلُور، ته زِنده مانَ ضرور، ڪڍيسِ، ڪو قافلو.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالُوْا يٰٓاَبَانَا مَالَكَ لَا تَاْمَنَّا عَلٰي يُوْسُفَ وَاِنَّا لَهٗ لَنٰصِحُوْنَ 11
چي، باب! اسان تي ڀَروسو، ڇوڪرِين نَه يُوسُف ڪاڻ، ۽ اَسِين گَھڻگُھرا اُن جا، پُورا آهيون پاڻ،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَرْسِلْهُ مَعَنَا غَدًا يَّرْتَعْ وَيَلْعَبْ وَاِنَّا لَهٗ لَحٰفِظُوْنَ 12
ڇَڏِينسِ ته کيلي ۽ خُوشيون ڪري، صُباح اَسان ساڻ، ۽ پَهريدار پاڻ، اَسِين آهيون اُن تي.
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالَ اِنِّىْ لَيَحْزُنُنِيْٓ اَنْ تَذْهَبُوْا بِهٖ وَاَخَافُ اَنْ يَّاْكُلَهُ الذِّئْبُ وَاَنْتُمْ عَنْهُ غٰفِلُوْنَ 13
چي، ڳارٖيمِ اِهاڳالھ، ته مُون کان نِيوسِ، نال اوهان، ۽ بَگھڙ کائيسِ بَر۾، اِي آهٖيمِ خوف خيال، ۽ هُجو اَوهِين جِنهن حال، اَوَس اُن کان ويسلا،
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالُوْا لَىِٕنْ اَكَلَهُ الذِّئْبُ وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ اِنَّآ اِذًا لَّخٰسِرُوْنَ 14
چي، بَگھڙ کائـِيندسِ ڪِيئَن ڀَلا!، اَسين جُنگ جَماعت گڏ، ۽ آهِيون هِيڻان هَڏ، اَسين اِهڙي حال ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَلَمَّا ذَهَبُوْا بِهٖ وَاَجْمَعُوْٓا اَنْ يَّجْعَلُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ ۚ وَاَوْحَيْنَآ اِلَيْهِ لَتُنَبِّئَنَّهُمْ بِاَمْرِهِمْ ھٰذَا وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 15
پوءِ جڏهن نِيائونسِ نال، مِڙٖيئـِي مِڙياهِن ڳالھ تي، ته اُڇلِينَس اُونداهٖي کُوھ ۾، پوءِ چَيوسونسِ اِنهيءَ چال، ته سِگھو سُڻائـِيندِين تن کي، اِهو اُنهن جو اَحوال، توکي جِنهِين حال، صَحِي سُڃاڻن ڪِين ڪِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَجَاۗءُوْٓا اَبَاهُمْ عِشَاۗءً يَّبْكُوْنَ ۭ16
۽ سَندنِ اَبي وَٽ آيا، سُور رُوئيندي شام،
— مولوي حاجي احمد ملاحقَالُوْا يٰٓاَبَانَآ اِنَّا ذَهَبْنَا نَسْتَبِقُ وَتَرَكْنَا يُوْسُفَ عِنْدَ مَتَاعِنَا فَاَكَلَهُ الذِّئْبُ ۚ وَمَآ اَنْتَ بِـمُؤْمِنٍ لَّنَا وَلَوْ كُنَّا صٰدِقِيْنَ 17
ته بابا وِياسون راند تي، چِٽڻ تِير تَمام، يُوسُف پَنهنجن وَٿنِ وَٽ، وِهاريوسون وَريامَ! ته يُوسُف کي کائـِي وِيو، بَگھڙ ڪو بَدنام، توڻِي هُجون سَچا هُمام! ته به تون نه اسان کي، وِسَهڻون.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَجَاۗءُوْ عَلٰي قَمِيْصِهٖ بِدَمٍ كَذِبٍ ۭ قَالَ بَلْ سَوَّلَتْ لَكُمْ اَنْفُسُكُمْ اَمْرًا ۭ فَصَبْرٌ جَمِيْلٌ ۭ وَاللّٰهُ الْمُسْتَعَانُ عَلٰي مَا تَصِفُوْنَ 18
۽ آندائون قَمِيص اُن جِي، ڪِنهن ڪُوڙٖي رَت ساڻ، چي، اَهنجي جِيَن، جَھلڪايو، ڪو ڪم اَوهان جي ڪاڻ، پوءِ صَبر آهي سُهڻو، اَئـِين، جي ڏِيو اُهڃاڻ، پَرور آهي پاڻ، ٻيلِي اِن ٻولِيءَ مَٿي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَجَاۗءَتْ سَيَّارَةٌ فَاَرْسَلُوْا وَارِدَهُمْ فَاَدْلٰى دَلْوَهٗ ۭ قَالَ يٰبُشْرٰي ھٰذَا غُلٰمٌ ۭ وَاَسَرُّوْهُ بِضَاعَةً ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌۢ بِـمَا يَعْمَلُوْنَ 19
۽ ڪاهي آيو قافلو، ڪو ويجھو تِنهِين واءِ، پوءِ ماڻهو ڪو موڪليؤن، پنهنجو، پاڻيء لاءِ، کلي پَنهنجِي کُوه ۾، نيڪ کَڻِي جان ناءِ، واه ڙي!! واڌايون، ٻَھ ٻَھ! ٿو ٻولاءِ، دِلي ۾ دِلجاءِ، هِي ڇَٽِيھ لکڻُو ڇوڪرو! مخفِي رکيائونسِ مُورهِين، ڪري موڙِي مال، ۽ الله ڄاڻُو اُن جو، جيڪِي ڪن ڪُلال،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَشَرَوْهُ بِثَمَنٍۢ بَخْسٍ دَرَاهِمَ مَعْدُوْدَةٍ ۚ وَكَانُوْا فِيْهِ مِنَ الزَّاهِدِيْنَ ۧ20
وَرِي وِڪيائون اُن کي، ٿورٖي ناڻي نال، ۽ ڳاڻ ڳَڻيا ڪي مِصر جا، روپيا رَيال، بَها مَنجھ بَحال، هُئا گھڻو گَھٽائـِيندڙ مان.
— مولوي حاجي احمد ملاح