114 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 6 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
114:1
قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ النَّاسِ 1ۙ
ٻول، ته ٻِيلِي وَٺان، اَجھو ۽ آڌار، جو مِڙنِي ماڻهن جو، پَروَر پالڻهار،
— مولوي حاجي احمد ملاح
114:2
مَلِكِ النَّاسِ 2ۙ
جو مِڙنِي ماڻهن جو، حاڪِم هيبت دار،
— مولوي حاجي احمد ملاح
114:3
اِلٰهِ النَّاسِ 3ۙ
جو مَڙنِي ماڻهن جو، ڌُران ڌَر دَربار،
— مولوي حاجي احمد ملاح
114:4
مِنْ شَرِّ الْوَسْوَاسِ ڏ الْخَنَّاسِ ۽ 4
ڪنان خرابِي خَر جي، جو کاري کارڻهار، لَئون لَئون ۾ لِڪي ڇِپي، پڻ ڪڍي ٻُوٿ ٻَهار،
— مولوي حاجي احمد ملاح
114:5
الَّذِيْ يُوَسْوِسُ فِيْ صُدُوْرِ النَّاسِ 5ۙ
جو وِجھي ماڻهن مَن ۾، وَسوَسا وِيچار،
— مولوي حاجي احمد ملاح
114:6
مِنَ الْـجِنَّةِ وَالنَّاسِ 6ۧ
ڪو ماڻهن مان مَڪار، ڪو ڀُوتاڙيل، ڀُوتن مان.
— مولوي حاجي احمد ملاح