110 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 3 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
110:1
اِذَا جَاۗءَ نَصْرُ اللّٰهِ وَالْفَتْحُ 1ۙ
جڏهن آئـِي مَدد اَلله جي، ۽ پڻ سوڀ سَندِي سَتار،
— مولوي حاجي احمد ملاح
110:2
وَرَاَيْتَ النَّاسَ يَدْخُلُوْنَ فِيْ دِيْنِ اللّٰهِ اَفْوَاجًا 2ۙ
۽ ڏِٺئـِي ته ماڻهو مُلڪ جا، قطارو قطار، گِھڙن ڌڻِئ جي دِين ۾، ڇَڏي ڪُفر جِي ڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاح
110:3
فَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ وَاسْتَغْفِرْهُ ڼ اِنَّهٗ كَانَ تَوَّابًا 3ۧ
پوءِ پَنهنجي پَروَر هيڪ جا، ڳائج ڳُڻ هزار، پوءِ مَڱ معافي تِنهن وَٽان، ۽ هَنجو تِنهن وَٽ هار، بيشڪ بَخشڻهار، سو آھِ واهِر واھ جو!
— مولوي حاجي احمد ملاح