011 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 123 آيتون ۽ 10 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
الۗرٰ ۣ كِتٰبٌ اُحْكِمَتْ اٰيٰتُهٗ ثُـمَّ فُصِّلَتْ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ خَبِيْرٍ 1ۙ
الٓــرٰ جو، مالِڪ ڄاڻٖي مَام، هِي ڪتاب، جِنهن جا قاعِدا، وِيا مُحڪم ڪيا مُدام، وَرِي کوليا خُوب وِيا، اِنهِيء جا اَحڪام، وَڏي واقف، ويڄ وَٽان، پُهچايو پيغام،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّا اللّٰهَ ۭ اِنَّنِيْ لَكُمْ مِّنْهُ نَذِيْرٌ وَّبَشِيْرٌ 2ۙ
ته سائـِين سوا، ڪِيمِ ڪريو، سيوا ۽ سَلام، آءٌ اوهان لئي عام، اُن جو کِيانتل ۽ خابَرُو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَّاَنِ اسْتَغْفِرُوْا رَبَّكُمْ ثُـمَّ تُوْبُوْٓا اِلَيْهِ يُمَتِّعْكُمْ مَّتَاعًا حَسَنًا اِلٰٓى اَجَلٍ مُّسَمًّى وَّيُؤْتِ كُلَّ ذِيْ فَضْلٍ فَضْلَهٗ ۭ وَاِنْ تَوَلَّوْا فَاِنِّىْٓ اَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ كَبِيْرٍ 3
۽ مَرهايو پَنهنجي مالِڪ کان، موٽِي موٽو تِنهِين پار، تان ميڙيان ميڙڻ، سُهڻو، تان مَهل مُقرّر وار، ۽ هَر ڀَلي، سَندسِ ڀال ڏئي، توهان مان تڪرار، ۽ جي ڦِرَن، ته فَرماءِ تون، ته آءٌ اوهان هارِ، ڀَو ڀانيان ٿو بِسيار، ڏينهن وڏي جي، ڏُ ک کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِلَى اللّٰهِ مَرْجِعُكُمْ ۚ وَھُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 4
آنکي پرور پار، آخر آهي هَلڻُو، ۽ هَرڪَم کي ڪلتار، پاڻهِي آهي، پُهچڻو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلَآ اِنَّھُمْ يَثْنُوْنَ صُدُوْرَھُمْ لِيَسْتَخْفُوْا مِنْهُ ۭ اَلَا حِيْنَ يَسْتَغْشُوْنَ ثِيَابَھُمْ ۙ يَعْلَمُ مَا يُسِرُّوْنَ وَمَا يُعْلِنُوْنَ ۚ اِنَّهٗ عَلِيْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ 5
سَمجھ ته سَندِن سِينا، سي جڏهن ٻِيڻا ڪن ٻِيهار، جڏهن اوڇڻ سَندِن، اوڍِين سي ته ڄاڻي ڄاڻَڻهار، جيڪِي لڪائـِن لوڪ کان، ۽ جيڪِي ڪَن اِظهار، سَمجھندڙ ستار، سَڀ ڪُجھ سِينن واريون.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا مِنْ دَاۗبَّةٍ فِي الْاَرْضِ اِلَّا عَلَي اللّٰهِ رِزْقُهَا وَيَعْلَمُ مُسْتَــقَرَّهَا وَمُسْـتَوْدَعَهَا ۭ كُلٌّ فِيْ كِتٰبٍ مُّبِيْنٍ 6
ڀُون ۾ بِلڪل ناهي ڪو، چُرندڙ ڪو چوڌار، مگر قُوت سَندسِ جو، اُن بارِيء مَٿي بار، جيئَري جاءِ اُن جِي، پڻ قبر ڪارُونڀار، سَڀ ڪُجھ ڌاروڌار، قابو کُليي ڪتاب ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَهُوَ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ فِيْ سِتَّةِ اَيَّامٍ وَّكَانَ عَرْشُهٗ عَلَي الْمَاۗءِ لِيَبْلُوَكُمْ اَيُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا ۭ وَلَىِٕنْ قُلْتَ اِنَّكُمْ مَّبْعُوْثُوْنَ مِنْۢ بَعْدِ الْمَوْتِ لَيَقُوْلَنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اِنْ ھٰذَآ اِلَّا سِحْــرٌ مُّبِيْنٌ 7
اُهو جِنهن اُڀ، ڀون جوڙيا، ڇَهَن ڏِينهن اَندر، پاڻيءَ مَٿي تخت تِنهن، بِيٺل هو بَرسِر، تان آزمائي اوهان کي، ته اَوهان مان آخر، موچارو مِهتر، آهي ڪير ڪَمن ۾. ۽ جي چَوندين، ته اَوهين اُٿڻا، موت پُڄاڻامُور، ته ڦِرياجي فَرمان کان، سي ظاهر چَونِ ضَرور، ته ناهي هِي مَذڪور، مگر پَڌرِي مَنڊڪا.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَىِٕنْ اَخَّرْنَا عَنْهُمُ الْعَذَابَ اِلٰٓى اُمَّةٍ مَّعْدُوْدَةٍ لَّيَقُوْلُنَّ مَا يَحْبِسُهٗ ۭ اَلَا يَوْمَ يَاْتِيْهِمْ لَيْسَ مَصْرُوْفًا عَنْهُمْ وَحَاقَ بِهِمْ مَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 8ۧ
۽ اَسين کِين عذاب کان، ڪُجھ مَهل ڏِيون مُهلت، ته اَلائـِينِ اَلبت، ڀَلا اُن کي ، بند ڪِنهن ڪيو؟ سَمجھ، ته سَندنِ سِر، جڏهن اِنيدو ڏينهن اُهو، ناهي اُهو اُنهن تان، پَلجَڻو ڪِنهن پر، ۽ جي کِلون ڪَنداهُئا کَر، تَن مَنجهو مَنجھ مُنجھائـِيا.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَىِٕنْ اَذَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنَّا رَحْـمَةً ثُـمَّ نَزَعْنٰهَا مِنْهُ ۚ اِنَّهٗ لَيَـــُٔــوْسٌ كَفُوْرٌ 9
۽ ماڻهونءَ، پنهنجي مِهر جو، جڏهن مَزو چکايوسون مُور، موٽِي کائنسِ کَسيون، مَزو سو مَذڪور، ته وانجهيو رَهي وَهلور، بيشڪ بي شڪران سو.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَىِٕنْ اَذَقْنٰهُ نَعْمَاۗءَ بَعْدَ ضَرَّاۗءَ مَسَّتْهُ لَيَقُوْلَنَّ ذَهَبَ السَّـيِّاٰتُ عَنِّيْ ۭ اِنَّهٗ لَفَرِحٌ فَخُــوْرٌ 10
۽ جي سُک ڏيونسِ، ڏُ ک پُٺيان، جو مَٿسِ آيو مُور، ته ٻوليندو ٻيليا!، سَڀ لَٿا مون سُور، واھ واھ!، مَنجھ وَهلور، سوماڻا ڪندڙ مُورهِين.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِلَّا الَّذِيْنَ صَبَرُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَهُمْ مَّغْفِرَةٌ وَّاَجْرٌ كَبِيْرٌ 11
سوا تن، جن صَبر ڪيو، پڻ چَڱِي ڪيائون ڪار، بَخشون بِسيار، پڻ اَجر وڏو اُنهن لئي.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَلَعَلَّكَ تَارِكٌۢ بَعْضَ مَا يُوْحٰٓى اِلَيْكَ وَضَاۗىِٕقٌۢ بِهٖ صَدْرُكَ اَنْ يَّقُوْلُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ كَنْزٌ اَوْ جَاۗءَ مَعَهٗ مَلَكٌ ۭ اِنَّـمَآ اَنْتَ نَذِيْرٌ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ وَّكِيْلٌ ۭ12
پوءِ ڪَر، ڪُجھ کان ان مان، آهين لَهرائيندڙ لال!، جو توڏي،وَحِي ڪيو وَڃي، ۽ ڳالهائڻ ۾ تِنهن ڳالھ، سِينُو سوڙهو تُنهنجو، مَتان چَونِ اِهڙي چال، ته اُتسِ اُتاري ڇونَه ويئـِي، ڪا کاڻ خزاني مال، ياڪو اُنهِيء نال، مَلڪ مُوچارو آئـِيو. تون نه رڳو آهيِين خَبرون ڏِيندڙ خان! ۽ سَنڀالِينڊڙ سُبحان، سدا سَڀ ڪِنهن ٽول کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۭ قُلْ فَاْتُوْا بِعَشْرِ سُوَرٍ مِّثْلِهٖ مُفْتَرَيٰتٍ وَّادْعُوْا مَنِ اسْتَطَعْتُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 13
ڇا، مُورک چَونِ مُورهين، هِن ٺاهِي هِيء ڳالھ؟ چئو، پوءِ جُڙتُو ڏَھ سُورتون، ڪي آڻيو اِن مِثال، ۽ سائـِين سوا، تن سَڀن سَڏيو، پُهچيو جن پيمال، سَچامَنجھ سُوال، جي مُورک! آهيو مُورهين.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَاِنْ لَّمْ يَسْتَجِيْبُوْا لَكُمْ فَاعْلَمُوْٓا اَنَّـمَآ اُنْزِلَ بِعِلْمِ اللّٰهِ وَاَنْ لَّآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ ۚ فَهَلْ اَنْتُمْ مُّسْلِمُوْنَ 14
پوءِ ڏِينِئان، نه جواب ڪو، ته سَمجِھي وَڃو سڄاڻ!، ته عِلم ساڻ اَلله جي، لَٿا اِهي اُهڃاڻ، تِنهن ڌاران، ڌڻي ناهي ڪو، جوڏي، ڏينهن کي ڏاڻ، پوءِ، ڪِ اَوهين پاڻ، آهيو مَڃيندڙ مورهين؟
— مولوي حاجي احمد ملاحمَنْ كَانَ يُرِيْدُ الْحَيٰوةَ الدُّنْيَا وَزِيْنَتَهَا نُوَفِّ اِلَيْهِمْ اَعْـمَالَهُمْ فِيْهَا وَهُمْ فِيْهَا لَا يُبْخَسُوْنَ 15
جو گُھري حَياتِي نَنڍڙِي، ۽ سَندسِ پڻ سِينگار، اُن ۾ عمل اُنهن جا، پاڙي ڏِيونِ پار، ۽ تِنهِين ۾ تڪرار، اوڇو نه ڏِبو اُنهن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَيْسَ لَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ اِلَّا النَّارُ ڮ وَحَبِطَ مَا صَنَعُوْا فِيْهَا وَبٰطِلٌ مَّا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 16
اُهي، اُنهن لئي آخرت ۾، ڪُجھ ڪونهي، دوزخ ڌار، ۽ ڪانٽي مان ڪيريا وِيا، جيڪا مَنجھسِ، ڪنداهئا ڪار، ۽ باطِل ۽ بيڪار، جي ڪَندا آهن ڪَمڙا.
— مولوي حاجي احمد ملاحاَفَـمَنْ كَانَ عَلٰي بَيِّنَةٍ مِّنْ رَّبِّهٖ وَيَتْلُوْهُ شَاهِدٌ مِّنْهُ وَمِنْ قَبْلِهٖ كِتٰبُ مُوْسٰٓى اِمَامًا وَّرَحْـمَةً ۭ اُولٰۗىِٕكَ يُؤْمِنُوْنَ بِهٖ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِهٖ مِنَ الْاَحْزَابِ فَالنَّارُ مَوْعِدُهٗ ۚ فَلَا تَكُ فِيْ مِرْيَةٍ مِّنْهُ ۤ اِنَّهُ الْـحَقُّ مِنْ رَّبِّكَ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يُؤْمِنُوْنَ 17
پوءِ، جو صَحِي ثابـتِيء مَٿي، پاران سَندسِ پَرور، ۽ پڙهيسِ پاران اُن جي، شاهِد مُعتبر، ۽ ڪِتاب مُوسٰى مِير جو، مَهند تِنهان مِهتر، رحمت ۽ رَهبر؛ اُهي مَڃِينسِ مُورهين. ۽ ٻِين قومن مان، جو ڪندو اِنهيء کان اِنڪار، پوءِ دوزخ ديرو اُن جو؛ تون مَنجهسِ، شَڪ نه شُـمار، پَڪ تُنهنجي، پاڪ ڌَڻِيء کان، هِي نُوري حَق نِبار، پَر آڻِينِ، نه اِعتبار، ماڻهو گَھڻا مُورهين.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰي عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا ۭ اُولٰۗىِٕكَ يُعْرَضُوْنَ عَلٰي رَبِّهِمْ وَيَقُوْلُ الْاَشْهَادُ هٰٓؤُلَاۗءِ الَّذِيْنَ كَذَبُوْا عَلٰي رَبِّهِمْ ۚ اَلَا لَعْنَةُ اللّٰهِ عَلَي الظّٰلِمِيْنَ ۙ18
۽ اُن کان ڪَسر ڪير ٻيو، آهي آزارِي؟ جِنهن جوڙيو جُڙتو ڳالهيون بَرسِر مَٿي بارِي، سَندنِ سائـِينءَ پيش ڪبا،سي تِنهن ڏِينهن ڏوهارِي، ۽ شاهِد چوندا سامَهان، هي سي پَرَجاپُوڄارِي، جي سَندنِ سائـِينءَ تي هُئا، ڪُوڙ ڪَندڙ قارِي، سَمجھ، ته لَعنت سائـِينءَ جِي، سَتمگَرن تي سارِي،
— مولوي حاجي احمد ملاحالَّذِيْنَ يَصُدُّوْنَ عَنْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَيَبْغُوْنَهَا عِوَجًا ۭ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ كٰفِرُوْنَ 19
روڪينِ ربَّ جِي راه کان، ۽ ساگُھرنسِ، وَرَ وارِي، ۽ اُهي اِنڪاري، آهِن آخرت کان.
— مولوي حاجي احمد ملاحاُولٰۗىِٕكَ لَمْ يَكُوْنُوْا مُعْجِزِيْنَ فِي الْاَرْضِ وَمَا كَانَ لَهُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ مِنْ اَوْلِيَاۗءَ ۘ يُضٰعَفُ لَهُمُ الْعَذَابُ ۭ مَا كَانُوْا يَسْتَطِيْعُوْنَ السَّمْعَ وَمَا كَانُوْا يُبْصِرُوْنَ 20
اِهي ڏاڍا ناهِن ڏيہ ۾، ۽ نه آهِن ڌَڻِيان ڌار، اُهکي ويل اُنهن لئي، اولياءَ، ڪي آڌار؛ اُنهن لئي، عذاب کي، ٻِيڻو ڪبو ٻِيهار، نه ٻُڌِي سَگھنِِ ٻاڪار، ۽ نه ڏِسِي سگھن ڪُجھ ڏيہ ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاح